Tuesday 31 January 2023

Sindh in history today (1st February). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY [1st February] & My Good Wish. ************** اوهان لاء تاريخ جو پيغام. ڪجھ توجھ طلبيندڙ واقعا. *************** 1.2.1839: سر جان ڪين جهرڪن مان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته 1). ميرن پنهنجو وفد معاهدي تي ڳالهيون ڪرڻ لاء پاٽينجر ڏي ڏياري موڪليو آھي, 2) اسان جي فوج ڏينهن ڏيڍ ۾ ڪراچئ تي قبضو ڪري وٺندي. 1.2.1839: برنس سکر مان پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته اسان جا جاسوس ٻڌائن ٿا ته ميرن حيدرآباد ۾ 25 هزار ويڙهاڪ گڏ ڪيا آھن ۽ مير شير محمد به فوجي وٺي حيدرآباد طرف اچي رهيو آھي. 1.2.1892: سوڀ سنگ ساڌو رام ريجهسنگاڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. مئي 1916 کان سرڪاري ملازم ٿيو. 17 ڊسمبر 1937 تي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. 1945 کان سيٽلمينٽ سروي ۽ لئنڊ رڪارڊس جو ڊائريڪٽر ۽ رجسٽريشن جو انسپيڪٽر جنرل ٿي رهيو.سرڪار کيس "راء صاحب" جو خطاب ڏنو. 1.2.1923: سکر ۾ معصوم شاه جي مناري جي آمنھن سامنھن سکر ضلعي جي "جميعت العلماء" جلسو ڪوٺايو, جنهن کي مولانا دين محمد وفائئ ۽ مولانا احمد علي لاهورئ خطاب ڪيو. ميڙاڪي ۾ ٺھراء پاس ڪري ديني عالمن کي سياست ۾ ڀرپور حصي وٺڻ ۽ عوام کي مذھبي تعليم مطابق زندگي گذارڻ جو تاڪيد ڪيو ويو. 1.2.1931: سڪرنڊ جي ڇٽن شاه ۾ ”سنڌ آزاد پارٽئ" جي شاخ کولي وئي, جنهن ۾ مولوي شفيع محمد کي صدر, مولوي محمد پريل کي سيڪريٽري ۽ ميان محمد حسين کي خزانچي بڻايو ويو. 1.2.934: نئين دهلئ ۾ ” آل انڊيا مسلم ليه جي ڪائونسل جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ميمبر هئڻ جي حيثيت ۾ حاجي عبدالله هارون به شرڪت ڪئي. ان ۾ ٺھراء پاس ڪري جماعت جي شاخن کي نئين سر منظم ۽ فعال بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 1.2.1938: بولچند مورومل کٽواڻي سکر ۾ ڄائو. هن "ڪمل" تخلص سان شاعري ڪئي. 1947 کان پوء لڏي وڃي انڊيا جي شھر پوربندر ۾ ويٺو. 1.2.1953: دهلئ ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي عملدارن جي گڏجاڻي ۾ پاسپورٽ ۽ ويزا جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو به طئي ڪيائون ته ٻنھي ملڪن وچ ۾ معلومات جي مٽاسٽا ڪبي. 1.2.1956: ملڪ جي وزير اعظم آئين ساز اسيمبلئ ۾ اعلان ڪيو ته اردو ۽ بنگالي ملڪ جون رياستي ٻوليون ٿينديون. 1.2.1969: صدر ايوب پنهنجي خلاف هلندڙ تحريڪ کان مجبور ٿي قوم کي خطاب ڪيو ۽ چيو ته مخلف ڌر جي نمائندن سان جلد ڳالهيون شروع ڪبيون. 1.2.1970: "سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ“ جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ "فرنٽ" جي منشور ٺاهڻ لاء ڪميٽي ٺاهي وئي. ڪميٽئ ۾ محمد ايوب کهڙي, پيرزادي عبدالستار, شيخ عبدالمجيد سنڌئ, پير علي محمد شاه راشدئ, سيد غلام حيدر شاه ۽ آغا عبدانبي پٺاڻ کي شامل ڪيو ويو. 1.2.1971: انڊيا جي حڪومت جهاز ڀڃائيندڙ ٻن ڪشميرين جا مطالبا مڃڻ کان نابري واري ته جهاز جا سمورا مسافر ۽ عملو ڪڍي روڊ رستي انڊيا موڪليا ويا. 1.2.1973: بلوچستان جي گورنر غوث بخش بزنجي چيو ته اسان ته مرڪز کي درخواست ڪانه ڪئي ته امن امان سنڀالڻ لاء فوج موڪليو, پوء فوج ڪيئن آئي. 1.2.1988: آمريڪا جي سفير راڦل بيان ۾ چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان جو افغانستان واري مامري تي هڪ جهڙو موقوف آھي. 1.2.1990: حيدآباد تي دهشتگردن جو راڄ رهيو. اڄ 14 بيگناه ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. 1.2.1992: کيمچند شرما جي صدارت ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان شاخ جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ علي نواز زنئور ۽ موتي لال نانڪاڻئ ڪهاڻيون ۽ گل ٽکڙائئ ۽ لطيف راز سرهيئي شاعري پيش ڪئي. *************** 1 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 1 فيبروري 1877ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولوي حاجي احمد ملاحجو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1895ع سياسي اڳواڻ محمد هاشم گزدر (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1930ع ليکڪ ثاقب منگي جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1936ع مترجم، تاريخدان ۽ ليکڪ عطا محمدو ڀنڀرو جي پيدائش ٿي. 1 فيبروري 1938ع شاعر ٻولچند قمر (سکر / پور بندر) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1940ع شاعر قربان علي ساقي (ڪرونڊي) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1940ع گلوڪاره ڀڳونتي ناواڻيجو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1942ع شاعر الهورايو اداسي بهڻجو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1946ع بلوچ قومپرست سياستدان عبدالحئي بلوچجو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1947ع صحافي اختر شاهه بخاري جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1951ع اسٽيج اداڪار رميش چوڌري (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1952ع ليکڪ ڊاڪٽر صبغت الله انڍڙجو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1953ع شاعر غلام سرور سيف جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1953ع شاعر صوفي محمد عالم شر جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1958ع شاعر سجاڳ سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1960ع شاعر حسين بخش رڏ جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1960ع ليکڪ عباس ڪنڀر (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1960ع باليووڊ اداڪار جيڪي شيروف جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1961ع شاعر نور الدين نفيس ٿهيم جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1962ع شاعر ارشاد راهي جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1962ع شاعر شبير سيال جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1962ع صحافي سليم اختر ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1963ع صحافي مراد بلوچ جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1965ع چترڪار منظور ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1966ع شاعر خالد فاروقي جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1967ع ليکڪ بشير ٿيٻو (ٽالپر وڏا) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1967ع صحافي ۽ ليکڪ اندر جيت لوهاڻو(ٽنڊو باگو) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1969ع ليکڪ غلام رسول سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1969ع صحافي اقبال ملاح(ميهڙ) جو جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1971ع شاعر ذوالفقار پروانو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1972ع شاعر واحد ملاح (عليم) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1973ع صحافي تصوير سنديلو جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1974ع ليکڪ سڪندر عباسي (مورو) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1977ع ليکڪ رياضت ڀٽو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1977ع صحافي آزاد لانگاهه (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1978ع ليکڪ مختيار پهنور جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1978ع صحافي رئوف چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1978ع شاعر منظور راز سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1978ع شاعر رحمت پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1982ع ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جو جنم ڏينهن آهي. 1 فيبروري 1983ع ليکڪ وهاب جروار جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 1 فيبروري 1997ع ڊرامن جي دنيا جي نامياري اداڪار نور محمد لاشاري وفات ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever is not victorious warrior of war within, will be an ugly and uncalled fighter in every field of life with target to defeat vision & wisdom, love & beauty and peace & tranquility. He/She can only wish hatred & discrimination to minds and will create distance & difference between hearts] جنگ نہ جوٽن جئ سان، تان پوء جھيڙو ساڻ جھان، خودارئ بدران خودئ سان، سي ڪين ٿین خانئ خان، سمجھن ماٹھن کي نہ مھان، سي پري سرت سلام کان. *************** EVENTS from hisrory: (1st Feb) 1840; Major Outram informs Charles Napier that Mir Muhammad Hussain has collected about 7,000 men at Khura, and that they intend to fight agaist Mir Ali Murad Khan after 10th of Muharram or 10th of February; all the chiefs of Balochis have promised him to join him on the occasion. Banias (Hindus) of Sukkur got information from their Hyderabad agents that that Amirs of that place have privately agreed to Mir Muhammad Hussain and Amirs of Khairpur, if the Mirs of Khairpur will not be the friends of the British Government, the Mirs of Hyderabad will never be friends of the British Government. 1923: A public meeting is held at Sukkur by the District Jamiat-ul-Ulema. Moulana Din Muhammad Wafai and Moulana Ahmad Ali Lahori speak on the occasion. This function ended with passing two resolutions on asking Muslims to follow Islam in letter and spirit and advising Religious Scholars to take part in freedom Movement . 1924: Sindh Ladies Association is formed at Sukkur. The initiate remained burning topic for so many time. 1931: The branch of Sindh Azad Party is established at Chhatan Shah of sakrand and Moulvi Shafi Muhammad (President), Moulvi Muhammad Paryal (Secretary) and Mian Muhammad Hussain (Treasurer) are elected as its founder office – bearers. 1955: Commonwealth Prime Minister’s Conference of London records support for Turko-Pak and Turko-Iran Defense Arragements , as a basis for the proposed security network for the Middle East. 1969: Anti – Ayub Movement is taking more support of the people. Unrest prevails every where. President Ayub addresses Nation and promises for talks on bringing changes in constitution. 1970: Manifesto of the Sindh United Party will be drafted very soon. The Party constitutes committee for this purpose. It consists of K.B.Khuhro, Shaikh Abdul Majeed Sindhi, Pir Ali Muhammad Shah, Syed Ghulam Hyder Shah, Abdul Sattar Pirzado and Agha Abdul Nabi Pathan. 1971: Indian Government refuses to accept demands of hijackers. 28 passengers of Indian Airline along with 4 crew are transported to India by road. 1973: Governor Bizinjo of Balochistan says that no request was made to send army units to his province. 1986: Asghar Khan opposes MRD and hails decision about registration of political parties. 1988: Pakistan and U.S.A views on Afghanistan are identical, says American Ambassador A.L.Raphel in Lahore. 1990: Hyderabad death toll rises to 14 despite curfew. 1991: Anti USA rallies, protests in all major cities and town condemn USA on its action and presence in Gulf.

No comments:

Post a Comment