Saturday 7 January 2023

Sindh in history today (8th January). By.Dr.Pathan

8th January. Sindh (including Pakistan) in History today. ************* 1. GOOD DAY WISH: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Religions teach us that Hatred is a Satanic Song and History tells us that societies, those believe and follow that verse, stand divided; are ruled by conflicts & killings, exploitation & ignominy. I am here to sing a song of love for you] اھا فقط محبت تہ آھي مٹیان، ‏ بٹائي جا آدم اشرف المخلوقات; ‏جا دل لنوندي نفرت سندي لات، ‏تنھن سان رشتو ناھ دعا سلام جو. *************** 2. EVENTS From history: 8th January ****** 1835: Shah Shja –ul- Malik is in Kelat and Mir Mir Muhammad Talpur intends to collect tributes from the area of Thar & Parkar. He request Captain Robert, Assistant Political Agent, Bhooj to help him in this task and send British troops to assist him in collecting that amount that will be paid to Shah Shuja. Today, Colonel Pottenger directs Captain Robert not to help Mir. 1856: The Sindh Commissioner request the Bombay Government for appointment of a photographer for taking photos of buildings of historical importance for the purpose of the documentation of architecture of Sindh. 1913: The 28th Annual Session of the All –India Congress Committee starts at Karachi. Details are available on our website. 1920: Khilaf leaders and anti – Khilafat leaders of Larkano knock doors of court against each other. Jan Muhammad Junijo, later on known as ‘Rais –ul- Muhajreen’ lodges complaint against Sirai Ghulam Muhammad Isran, Sirai Amir Ali Lahori and Faqir Ali Muhammad Qadri that they have lodged false application against him that he brought people in the Khilafat function without their will and desire. The counter application is lodged by Abdul Karim against Jan Muhammad Junijo and eight other Khilafat leaders under Indian Penal Code Section 508 & 229. 1922: E.J.Bolus, Collector Nawabshah presides over the function of Aman Sabha at Sakrand. Zamindar Chandomal Jagatrai and others speak against the Khilafat Movenent and advise people not to join this anti – government Movement. 1923: The Sukkur Jamiat –ul- Islam selects Moulana Taj Mahmood Amrot and Moulana Hamdullah as ‘Shaikh –ul- Islam’ and ‘Naib Shaikh –ul- Islam’ respectively. The public meeting is also held on this occasion and that is presided over by Hazrat Amroti . 1931: Haji Abdullah Haroon presides over Muslim Conference at Jacobabad. It is attended by handsome number of Muslim politicians including members of Bombay and Indian Legislative Councils. On the same day and date another public meeting is held at Nawabshah by the local Khilafat Committee. 1926; Jethmal Parsram, an eminent scholar and Home Rule League leader delivers lecture on the prevailing political situation in the programme organizes by the Hyderabad Home Rule League. It is presided over by Santram Mangharam. 1927: W.F.Hudson, Commissioner Sindh , presides over the opening ceremony function of ‘Ram Gopal Mohtta Hindu Gymkhana’ at Karachi. 1934: Muhammad Ayub Khuhro writes to Punjabi leaders and asks them to support Sindh case of separation from Bombay Presidency and proposed that Sindh be affiliated with Punjab in educational matters. Allama Iqbal and Allama yousif Ali disapproves his idea about educational affiliation. 1941: Al –Waheed, daily of Karachi, supports Dr.Allama Daudpotos’s stand about changes brought for printing of Text Books . Some of Hindus were against such changes. 1969: Eight opposition parties form Democratic Action Committee to struggle for the restoration of democracy. Withdrawal of Emergency and holding of election on bases of adult franchise and release of political prisoners is demanded also. 1973: Asghar Khan is not happy with the PPP’s way of governance. Demands fresh elections. 1989: ‘Impression Benazir Bhutto left at SARAC conference is deploreable’, say Punjab Chief Minister, Nawaz Sharif. 1991: Pakistan sends 5000 more troops to Saudi Arabia in view of Gulf situation. آئون ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ دعائن, نيڪ تمنائن ۽ سلامن سان سڄڻن جي حضور ۾ حاضر ٿي رهيو آھيان. سنڌ جي تاريخ ٻڌائيندي مان ٿڪجي پوڻ وارو ڪونه آھيان. جيسيتائين سسئ ۾ ساه آھي, هن قومي فرض ۾ ڪوتاهي ڪانه ٿيندي. ڪو سڄڻ ٿڪجي پئي يا مون کان بڇان ڪندي تاريخ پڙھڻ ٻڌڻ ڇڏي ڏئي, ان ۾ منھنجو ڏوه ڪونهي. اڄ جا ڪي دوست نه پڙھندا ته مستقبل جا ماڻھون ضرور پڙھندا. منھنجو پورهيو رائگان وڃڻو ڪونهي. اڄ مان اوهان لاء 8 جنورئ جي واقعاتي تاريخ جو ورق کڻي آيو آھيان. ان ۾ ولادتن ۽ وفاتن جا تفصيل به آھن. *************** ڪجھ اهم واقعا *************** 8.1.1835: سنڌ ۾ فرنگين جي پوليٽيڪل ايجنٽ پاٽينجر اڄ ڀڄ واري فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي هوشيار ڪيو ته ڀڄ منجھان اسان جي سرڪار طرفان مير مير محمد کي کي ڪا به فوجي مدد نه ملڻ گهرجي ته هو ان جي زور تي ٿرپارڪر پرڳڻي مان ماڻھن کان وصولي ڪري ۽ اها شاه شجاع کي مالي مدد/ڏن طور ڏئي. 8.1.1850: سنڌ جي ڪمشنر اڄ ڪراچئ جي ڪليڪٽر کي لکيو ته وڏي سرڪار جو حڪم آھي ته سيٺ نائونمل هوتچند کي ڪا مناسب نوڪري ڏيو, سو تون سوچي صلاح ڏي ته نائونمل کي ڪهڙي نوڪري ڏجي. 8.1.1851: صوبائي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي پنهنجي مراسلي نمبر 3228 موجب صلاح ڏني ته هن کان اڳ اوهان کي سنڌئ کي لازمي طور سرڪاري دفتري ٻولي بنائڻ لاء چيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ وڌيڪ صلاح ھئ آھي ته ڪئپٽن اسٽيڪ جيڪا سنڌي لپي تجويز ڪئي/ٺاهي آھي, اها استعمال ٿيڻ گهرجي. ياد رهي ته ڪمشنر ان جي موٽ ۾ لکيو هو ته سنڌ ۾ عربي-سنڌي لپي ڪم آڻينداسين. 8.1.1856: سنڌ جي ڪمشنر اڄ صوبائي حڪومت کي گذارش ڪئي ته ڪو لائق ۽ ڄاڻو فوٽوگرافر رکي ڏيو جيڪو سنڌ ۾ ٿيل ۽ ٿيندڙ ڪاٺ جي اڪير ۽ ٽائيلس جا فوٽو ڪڍي سنڌ جي لاثاني ورثي کي محفوظ ڪري. 8.1.1857: سنڌ ڪمشنر صوبائي حڪومت کي ٻڌايو ته سال 1850 وارو Act XXV1 ڪراچي ڪليڪٽورٽ ۾ ھنن ميونسپالٽين سان لاڳو ڪيو ويو آھي: ڪراچي, ڪوٽڙي, سيوهڻ, بوبڪ, مانجهند, شاهبندر, ٺٽو ۽ ڪيٽي. 8.1.1920: لاڙڪاڻي ۾ خلافتي ۽ انھن جي مخالفن هڪ ٻئي خلاف ڪيس داخل ڪرايا. خلافتي اڳواڻ جان محمد جوڻيجي ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ سرائي غلام محمد, سرائي امير علي خان ۽ فقير علي محمد قادرئ جي خلاف ڪيس ڪيو. موٽ ۾ عبدالڪريم کان وري ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ ”انڊين پينل ڪوڊ جي سيڪشن 299 ۽ 508 هيٺ جان محمد جوڻيجي ۽ ٻين اٺ خلافيتن تي ڪيس داخل ڪرايا ويا. انھئ سياسي ڪشمڪش لاڙڪاڻي جي سياسي آسمان تان لاهورين جو سج لاهي ڇڏيو. ان کان ڀٽن جي خاندان جي سياست ۾ اڳري ٿي. 8.1.1926: ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کان اڳ سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ”هوم رول ليگ" گهڻو فعال رهي. اڄ انھئ پارٽئ جو حيدرآباد ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو. صدارت سنترام منگهارام ڪئي ۽ نامياري قلم ڌڻي ڄيٺمل پرسرام ملڪ جي سياسي حالتن تي ڳالهايو. 8.1.1927: ڪراچئ ۾ ”رام گوپال موهتا هندو جيمخاني" جو افتتاح ٿيو. اها رسم سنڌ جي ڪمشنر هڊسن ادا ڪئي. 8.1.1969: ايوبي آمريت خلاف هر ڪو آواز اٿارڻ لڳو. اڄ مخالف ڌر جي اٺن پارٽين جي اتحاد " ڊيموڪريٽڪ ايڪشن ڪميٽئ" سرڪار کان مطالبو ڪيو ته: 1). حڪومت جو وفاق ۾ پارليامينٽري سسٽم رائج ڪيو وڃي, 2). بالغ راء دهئ جي بنياد تي چونڊون ڪرايون وڃن, 3). هنگامي حالتون ختم ڪيون وڃن ۽ 4). سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن. 8.1.1973: ڀٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ڀٽي جي عاشق اصغر خان هاڻي ڀٽي جو سخت مخالف ٿي بيٺو. اڄ ڀٽي حڪومت کان نئيون چونڊن ڪرائڻ جو پر زور مطالبو ڪيائين. 8.1.1985: پاڪستان ۾ مارشل لا ريگيوليشن نمبر 65 لاڳو ڪري سرڪار اختيار حاصل ڪيو ته اها چاهي ته ڪنهن به ماڻھون کي سياسي سرگرمين ڪرڻ کان روڪي سگهي ٿي. 8.1.1988: ملڪي سياست ۾ مائٽن, ماروئڙن ۽ ماڻھن جي قاتلن سان به ٺاه ڪرڻ کي سياسي تدبر سمجهيو ويندو آھي. "انتقام" بدران "اقتدار" وٺڻ/بچائڻ کي اوليت ڏني ويندي آھي. اڄ ايم.ڪيو.ايم جي اڳواڻن کي آزاد ڪيو ويو ۽ مٿن مڙھيل سمورا ڪيس سرڪار واپس ورتا. *************** { 8 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 8 جنوري 1927ع ليکڪ ۽ شاعر اختر مورائئ جي پيدائش ٿي. 8 جنوري 1934ع شاعر محبوب سروري جي پيدائش ٿي. 8 جنوري 1937ع شاعر محمد پريل بيدار مڱريوجو جنم ڏينهن آهي. 8 جنوري 1938ع ٺٽي سان تعلق رکندڙ سياستدان بابو غلام حسين جو جنم ڏينهن آهي. 8 جنوري 1940ع مٽياري سان تعلق رکندڙ سياستدان امير علي شاهه ڄاموٽ جو جنم ڏينهن آهي. 8 جنوري 1952ع اداڪار سورج جسوجا (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 8 جنوري 1952ع شاعر حسين بخش منزل جو جنم ڏينهن آهي. 8 جنوري 1956ع شاعر آرزو علي محمد جو جنم ڏينهن آهي. 8 جنوري 1956ع اداڪار، ليکڪ ۽ ناٽڪ نگار سنيل سندر سنگهه آڏواڻئ جو ممبئي ۾ جنم ٿيو. 8 جنوري 1967ع ليکڪ ابنِ محزون جو جنم ڏينهن آهي. 8 جنوري 1969ع صحافي عبدالعزيز بوزدار (رتوديرو) جو جنم ڏينهن آهي. 8 جنوري 1972ع سکر سان تعلق رکندڙ شاعر اسد عباسي جو جنم ڏينهن آهي. 8 جنوري 1973ع خيرپور سان تعلق رکندڙ سياستدان نواب علي وساڻ جو جنم ڏينهن آهي. 8 جنوري 1975ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ شاعر وقار سيال جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 8 جنوري 1324ع مهمجو مارڪو پولو جي اٽلي جي شهر وينس ۾ وفات ٿي. 8 جنوري 1941ع اسڪائوٽ تحريڪ جو باني لارڊ بيڊن پاول آفريڪا ۾ انتقال ڪري ويو. 8 جنوري 1993ع سابق آرمي چيف آصف نواز جنجوعه دل جي دوري سبب انتقال ڪري ويو. 8 جنوري 2013ع اديب ۽ صحافي خورشيد قائمخاني لاڏاڻو ڪري ويو. 8 جنوري 2019ع اديب ۽ شاعر مير محمد پيرزادو انتقال ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment