Sunday 1 January 2023

Sindh in history today (2nd January). By. Dr.Pathan

2nd January. Sindh (including Pakistan) in History today ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ نئين سال جو ٻيو ڏينهن آھي. دعا آھي ته جگ جگ جيئو. سدا سرها رهو ۽ ڪو ڏک نه ڏسو. سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان 2 جنورئ جو تاريخ مان ورق کڻي اوهان سان ڪي اهم واقعا ۽ ولادتن وفاتن بابت معلومات شيئر ڪري رهيو آھيان. *************** ڪجھ اهم واقعا *************** 2.1.1843: اڄ نيپيئر حيدرآباد واري مير نصير خان ۽ خيرپور واري مير رستم علي خان کي الڳ الڳ خط لکيا. هو مير نصير خان کي لکي ٿو ته : " تنهنجو خط مليو. اسان سارن يارئ جون ڳالهيون ته وڏيون ٿو ڪرين, پر هن وقت تائين تنهنجو قول ۽ فعل هڪ جهڙا نه رهيا آھن. مان حيدرآباد اچان ٿو, تنهنجئ يارئ وفادارئ واري ڳاله جو پتو پئجي ويندو. تو کان ٻه سو ميل پري آھيان, پوء به دوست ۽ دشمن کي پرکي سگهان ٿو. نيپيئر مير رستم علئ کي لکي ٿو ته : تو واري خط جي فضيلت وارن لفظن ۾ موٽ ڏئي نه ٿي سگهجي. تو ڪوڙ تي سندرو ٻڌو آھي. مان خيرپور ٿي آيس ته تون ڀڄي وئين ۽ هاڻي چئين ٿو ته مير علي مراد توکي ڊيڄاريو ته مان توکي گرفتار ڪندس. ڀلا تون هن کان اڳ مون سان ملڻ آئين ته توکي گرفتار ڪرڻو هجي ها ته مون کي ڪير روڪڻ وارو هو. تون خيرپور جي واڳ سنڀالڻ جي لائق ناهي. تو پنهنجي قول ۽ فعل سان پاڻ کي نقصان ڏنو آھي. 2.1.1931: امروٽ ۾ اتان جي خلافت ڪميٽئ جون نئين سال لاء عهديدارن لاء چونڊ ٿي, جنهن ۾ مولوي نظام الدين کي صدر, ميان عبدالرحمان کي نائب صدر, سيد امير علي شاه کي سيڪريٽري ۽ ميان جي علي محمد کي خزانچي چونڊيو ويو. 2.1.1931: "نظام المسلمين" طرفان ڪراچئ جي خالقڏني هال ۾ جلسو ٿيو, جنهن جي صدارت مولوئ دين محمد وفائئ ڪئي. هن جلسي ۾ مذھب ۽ سياست جي اهميت تي تقريرون ڪيون ويون ۽ عوام کي صلاح ڏني وئي ته پنهنجي مذھب تي قائم رهو ۽ قومي سياست ۾ ڀرپور حصو وٺو. ڇو ته وطن جي حب ايمان جو جزو آھي ۽ ان کان سواء ايمان اڻپورو آھي. 2.1.1931: شڪارپور ۾ ”انجمن اشاعت اسلام" ۽ "خلافت ڪميٽئ" جو گڏيل اجلاس ٿيو, جنهن جي صدارت مولانا چشتئ ڪئي. اوهان سنڌ جي سياسي بيدارئ جو اندازو انھئ ڳالھ مان لڳائي سگهو ٿا ته اڄوڪئ تاريخ تي امروٽ, ڪراچئ ۽ شڪارپور ۾ سياسي ميڙاڪا ٿين ٿا. 2.1.1934: ڪراچئ ۾ مشھور هندو اڳواڻ ديوان لعلچند نولراء جي صدارت ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي. ان ۾ ويرومل بيگراج, ڪشنچند واڌومل ۽ چندرسين ڄيٺلي اهم رول ادا ڪيو. ڪانفرنس ۾ سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي وئي. 2.1.1937: "سنڌ يونائيٽيڊ پارٽئ" جي اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽي چونڊ مهم جو آغاز ڪيو. 2.1.1960: جنرل صدر ايوب ملڪ ۾ ”بنيادي جمهوريت" جي نالي سان پنهنجو سياسي نظام لاڳو ڪيو. اڄ 80 هزار بي.ڊي ميمبرن جي چونڊ ٿي. 2.1.1972: ڀٽي حڪومت احمد دائود ۽ فخرالدين وليڪا کي گهر ۾ نظر بند ڪري مٿن زور ڀريو ته هو ٻاهرين ملڪن ۾ رکيل پنهنجو ناڻو ملڪ موٽائن. 2.1.1980: 1947 ۾ اقوام متحده به هئي ۽ امير ملڪ به هئا. پر پناهگيرن جي مدد لاء پاڪستان سرڪار ڪنهن کي اپيل نه ڪئي. ليڪن اڄ اهي اپيل افغاني مهاجرن لاء جاري ڪئي وئي. 2.1.1996: بينظير بيان ڏنو ته منھنجي حڪومت لنڊن مان الطاف حسين کي گهرائي مٿس ڪيس هلائيندي. *************** { 2 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 2 جنوري 1885ع ليکڪ ۽ تعليمدان هيرانند ڪرم چند هنگوراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جنوري 1888ع رئيس المهاجرين جو لقب ماڻيندڙ رئيس جان محمد جوڻيجو جو جنم ڏينهن آهي. 2 جنوري 1902ع ليکڪ ۽ تعليمدان عبد الحسين شاهه موسوي جو جنم ڏينهن آهي. 2 جنوري 1912ع عالم ۽ اديب پير غلام رسول سرهندئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جنوري 1937ع شاعر آثم ناٿن شاهئ جو جنم ڏينهن آهي. 2 جنوري 1937ع شاعر سروپچند شاد جو جنم ڏينهن آهي. 2 جنوري 1948ع سماجي اڳواڻ ۽ اديب پروفيسر اعجاز قريشئ جو جنم ڏينهن آهي. 2 جنوري 1952 لاڙڪاڻي جي ليکڪ ۽ سماجي ورڪر عبدالستار ڀٽئ جي جنم جي تاريخ آھي. 2 جنوري 1958ع قومپرست اڳواڻ قمر ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي. 2 جنوري 1976 مٺئ جي شاعر ڀيشم ڀوانئ جي جنم جي تاريخ آھي. [وڇوڙو:] 2 جنوري 1934ع سماج سڌارڪ ڀائي مولچند عاج وارو ديهانت ڪري ويو. 2 جنوري 1969ع جسٽس الاهي بخش خميساڻئ جي وفات ٿي. 2 جنوري 1977ع سگهڙ ٻيڙو فقير ڪنڀرجي وفات ٿي. 2 جنوري 1990ع اسڪالر، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لاڏاڻو ڪري ويو. 2 جنوري 1990ع براڊڪاسٽر سرور بلوچ جي وفات ٿي. 2 جنوري 2011ع موسيقار ۽ راڳي استاد طفر علي خان وفات ڪري ويو. . ************* 1.GOOD DAY WISH: Dr. Pathan wishes you Good Day: [ I am Master of my Mind, but you are Higher Authority for/of my Heart. Therefore, my education & experience and talents & potentialities can't please you until and unless you are not making you mind to be kind and to be happy because of my sincerity, dedication and trust. I am waiting and will wait more to receive you, see you and witness your beauty and boldness.] آئون مالڪ پنهنجي ذھن جو پر دل جو ڌڻي تون سائين, علم.عقل سان نہ پر ملين تون پاڻ نہ چاهين جيسيتائين, پل پل مرئون تو لاء شل جگ جگ جيئن سهڻا سدائين, شل پريت جي ريت نڀائين, پير قرب جو پائين اڱڻ تي. *************** EVENTS 1934: Sindh Hindu Conference is held at Karachi with Diwan Lalchand Navalrai in Chair. Veromal Begraj, Kishnshand Wadhomal and Chandarsen Jetley address the conference. The issue of separation of Sindh from Bombay Presidency is dewelt with in context of the interests of the Hindu segment of Sindh society. 1960: Election for Basic Democracy Units are held to elect eighty thousand members. 1969: Malik Naveed Ahmad a PPP leader announces a forward block within the party. 1972: Leading industrialist Ahmad Daud and Fakharuddin Valika are placed under home arrest and are asked to bring back the wealth accumulated abroad. 1996: Benazir's government to seek MQM leader Altaf Hussain's extradition from London to try him on various charges. 1793: The Business records of the business mad of Karachi, Lakhmidas Madhu reveals that Silk, Timber and Date were most important Import items. Whereas Grains and Geh was the major segment of Export. Hundi was major instrument of local banking system. 'Thattai Rupee', 'Challan Rupee' and 'Agraci Rupee' was the currency acceptable in commercial community. 1856: 'Mamool' and 'Seree' were kinds of Jageers granted by Sindh rulers to Jageedars. Same tradition of granting Jageers. Today, the list of such type of jageers in Sahiti Pargana is compiled by the Jageers Department. 1856: Major Goldsmid, Assistant Commissioner for Jageers compiles report on Sardars of the Talpur tribe independently of four great families.

No comments:

Post a Comment