Wednesday 18 January 2023

Sindh in history today (19th January)

19th January SINDH (including Pakistan) in history today with Good Day Wish. *************** 1. Good Day Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Life is not everlasting. It has to be followed by death. However, life can be made meaningful and death can be made purposeful. If we have no Beauty & Love in life, let life be in Beauty & Love. It is better to surrender life before beloved, than to give chance to death to snatch it without cause. It is the only way to ensure Soul & Body peace and protection.] ڪوه نہ گهورين هئ جان جانب مٿان, جا هونئن بہ وڃڻي اڄ يا ڪي سڀاڻي, بس بيسود هئ حياتي هوتن کان سواء, اهو تان فقط محبت-وند ماڻھو ئي ڄاڻي, سپنا سارا سوئي سانڀيان ۽ سچا ڪري, سرت ۽ سندرتا جيڪو ساري ۽ سڃاڻي, محبت مروت ۽ ماڻهو سو ئي سدا ماڻي, سر ترئ تي آڻي,جو رکي ساڻ سلام سان. *************** توجه طلب واقعا *************** 19.1.1832: فرنگي نمائندو پاٽينجر جڏهن سنڌوندئ جي ڇوڙ وٽ پهتو ته ماڻھن ھن کي ڪٽڪو به ڪڍيو ۽ هن کان سامان به ڦري ورتو, ڇو ته هي وطن دوست ماڻھو نه پيا چاهين ته ڪنهن ڌاريئي غير جا پير ڌرتئ تي پون ۽ وطن ڦورن جي ور چڙھي وڃي. پاٽينجر ساڻس ٿيل جٺ جي دانھن ميرن جي مهندار کي ڏني. 19.1.1849: ڊپٽي ڪليڪٽر ڪئپٽن اسٽئڪ ڊڪشنري ۽ گرامر لکيو, ان ڪم ۾ هڪ سنڌي پنڊت وڏي مدد ڪئي هئي. اڄ ڪئپٽن اسٽئڪ سنڌ سرڪار کي لکيو ته سندس ڪتابن جو ملھ به مقرر ڪيو وڃي ۽ پنڊت کي به ڪجھ ڏوڪڙ ڏنا وڃن. 19.1.1932: ڪانگريس حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ته سرڪار وڳوڙن کي منهن ڏيڻ لاء ”امرجنسي پاورس آرڊيننس 1932" جي سيڪشن 35 مطابق سنڌ جي ماجسٽريٽن کي اختيار ڏنا. 19.1.1955: اڄ کان ڪراچئ ۽ لنڊن وچ ۾ ھوائي سفر جي شروعات ٿي ۽ پي.آء.اي جي پهرين پرواز لنڊن رواني ٿي. 19.1.1957: انقره ۾ ايران, ترڪئ ۽ پاڪستان جي وزير اعظمن جي ملاقات ٿي ۽ گڏيل اتحاد قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. 19.1.1969: ايوب-شاهئ مان جند ڇڏائڻ لاء مخالف ڌر جي شروع ڪيل تحريڪ جي سلسلي ۾ اڄ حڪومت کان مطالبا مڃڻ لاء ”دستخطي مهم" ھلائي وئي. 19.1.1972: بيگم نصرت ڀٽو کي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ بينظير کي هڪدم ڪراچي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو. 19.1.1985: حڪومت مخالف "ايم.آر.ڊئ" اڄ چونڊن ۾ حصي نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو. 19.1.1989: پاڪستان ۾ پي. ايل.او مشن کي سفارتخاني جو درجو ڏنو ويو. *************** جنم ڏينهن: *************** 19 جنوري 1924ع ناليواري ليکڪ تعليمدان ۽ شاعر ڊاڪٽر اياز قادري جو جنم ڏينهن آهي. 19 جنوري 1936ع شاعر راحم صديقي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 19 جنوري 1937ع سياستدان رسول بخش انڙ جو جنم ڏينهن آهي. 19 جنوري 1939ع صحافي غلام رسول ميمڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 19 جنوري 1951ع صحافي حڪيم رحمت الله (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 19 جنوري 1973ع شاعر انور منصور مڱريوجو جنم ڏينهن آهي. 19 جنوري 1988ع شاعر وفا غلام علي اڄڻ جو جنم ڏينهن آهي. 19 جنوري 1990ع شاعر غلام مرتضى شيخ(سوڀوديرو) جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: 19 جنوري 1951ع مذهبي اسڪالر مولانا نبي بخش جي وفات ٿي. 19 جنوري 1996ع فلمي اداڪار سڌير جي وفات ٿي. 19 جنوري 2003ع اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين گهرواري شيرين امير بيگم ڀٽوجي وفات ٿي. 19 جنوري 2013ع گلوڪاره مهناز بيگم جي وفات ٿي. 2. Events from history : *************** 1832: On his arrival at the mouth of Indus, Colonel Pottenger is beaten and his baggage is snatched by Sindhi people. It was not an act of crime, but Sindhis were politically conscious and that that presence of an English man is high risk for the independence of Sindh. Colonel Pottenger lodges protest with ‘Mihandar’ of Talpurs. 1849: First ever Dictionary in Sindhi and Grammar is compiled by Captain Stack, Dy. Collector. He approaches the Government for fixing of the price for books and remuneration for Pandit , who helped him in this task. 1931: Round Table Conference ends in London. 1932: Under Section 35 of the Emergency Powers Ordinance, 1932 (2 of 1932) Magistrates in Sindh are invested with powers of Special Magistrates to combat Non – Co – Operation movement launched by the Congress. 1955: Karachi – London PIA service is inaugurated by the Prime Minister of Pakistan, M.A.Bogra. 1957: Matter of mutual interests are discussed by Premiers of Pakistan, Turkey and Iran in Ankra. 1969: A campaign to obtain signatures of the citizens in support of 8 – points program of DAC is launched in Karachi. Opposition is determined to get rid of Ayub – Shahi. 1972: The Council of Pakistan Newspapers Editors (CPNE) demands repeal of repressive press laws 1978: Begum Nusrat Bhutto is put under house – arrest and Benazir Bhutto is asked to leave Karachi. 1985: MRD decides to boycott general elections. 1989: PLO mission in Pakistan gets embassy status.

No comments:

Post a Comment