Friday 20 January 2023

Sindh in history today (21st January). By. Dr.Pathan

21st January Sindh (including Pakistan) in history today & Good Day wish. 2. Sindh in history today (21st January) اوهان لاء تاريخ منجهان 21 جنورئ جو ورق کڻي حاضر ٿيو آھيان. مان اوهان کي جيڪي واقعا ۽ قصا ٻڌائيندو آھيان, اهي منھنجي خاندان جي ماڻھن جا ڪونھن. مان جن ماڻھن جي ولادتن يا وفاتن جون تاريخون ٻڌائيندو آھيان, اهي منھنجا مائٽ يا پڳ مٽ يار ڪونهن. پر اهي منھنجي تاريخ جا واقعا آھن ۽ تاريخ جا ڪردار آھن. واقعن ۾ سنڌ جي سورن جو مذڪور هوندو آھي. انھن ۾ پنهنجن خواه پراون جي ڪن اره زورائين جو ذڪر هوندو آھي, جيڪي سنڌ ۽ سنڌواسين سان ٿينديون آيون آھن. ڌارين دشمنيون ڪيون ۽ پنهنجن بي پرواهي ڪئي, پر لوڙي اسان رهيا آھيون. ڪنهن ڪنهن ڌرتئ ۽ ڌرتئ-ڌڻين تان جان گهوري. انھن کي عقيدت سان ياد ڪرڻ قومي فرض برابر آھي. هيمون ڪالاڻئ جهڙي ڳڀرو جوان ڌارين سان مهاڏو اٽڪائي جان ڏني ۽ اهو اڄوڪئ تاريخ تي ڌرتئ تان قربان ٿيو هو. مان روز اوهان کي ماضئ جي جهروڪن مان سنڌ جي عظمت ۽ سنڌ جي سورن جي تصوير ڏيکاريندو آھيان. منهنجو اهو ئي ڪم آھي ۽ اهو ئي مقصد آھي. *************** [ڪجھ واقعا] *************** 21.1.1832: انگريز ايجنٽ اچڻ سان ئي سنڌ ۾ عقل جا اڪابر ۽ معتبر مڃيا ويا. تازو مير مراد علي خان جي وفات ٿي ته مسند تي ويهڻ لاء اچي مڪو متو. پاٽينجر ۽ سيد زين الدين شاه ٻوڙو ٻڌي آچار ڪرڻ ۾ لڳي ويا ته مسند ڪنهن کي ملڻ گهرجي. 21.1.1843: خيرپوري ميرن بابت انگريز جاسوسن رپورٽ ۾ لکيو ته: 1). مير نصير خان, مير محمد حسين ۽ مير زنگي خان پنهنجي ٻرن ٻچن سميت برپٽ ۾ ڀڄندا لڪندا پيا وتن. هنن وٽ تيرهن چوڏهن سو کن ماڻھون آھن. 2). جڏهن هنن کي امام ڳڙھ جي قلعي تباه ٿيڻ جي خبر پئي ته هو مير علي مراد تي ڏاڍو ڪاوڙيا ۽ هن کي نيپيئر جي ساٿ ڏيڻ جو الزام هنيائون پئي, 3). ٻيو جاسوس مير علي مردان ۽ محبت خان مرئ جي خبر کڻي آيو آھي ته کين پڪ آھي ته غلام محمد چانڊيو ۽ جعفر خان چانڊيو سندن مدد لاء اچي رهيا آھن, 4). حيدرآباد واري مير نصير هنن ڏي ماڻھون ڪيو آھي ته منھنجا وڪيل نيپيئر سان ملي هن صورتحال تي ڳالهائيندا. اتان جيڪڏهن مناسب موٽ نه ملي ته مان پاڻ اوهان جي مدد لاء حيدرآباد مان نڪرندس,5). هڪ جاسوس مير رستم خان وٽان ٿي آيو آھي. اهو ٻڌائي ٿو ته پير علي گوهر اچي مير رستم خان کان معلوم ڪيو ته جيڪڏهن هو چاهي ته مان مير علي مراد سان سندس ملاقات ڪرايان. جاسوس ٻڌائي ٿو ته افضل خان مري, دين محمد مري, بلاول خان, دامن لغاري, بلوچ ۽ ڀرڳڙي جيڪي مير رستم سان آھن, انھن سان ڏيڍ هزار ماڻھون آھن, 6). غلام حيدر جي اڳواڻئ ۾ مير علي مراد جي فوجين شڪارپور تي چڙھائي ڪري شهر قبضي ورتو سندن ڇه ماڻھون ۽ ٻئي پاسي کان سترهن ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. 21.1.1858: هن وقت تائين سنڌ ۾ پڪو ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ڪونه رکيو ويو هو, جڏهن ته سنڌ ۾ ڪافي اسڪول قائم ٿي چڪا هئا. انھن اسڪولن جون عمارتون ٺھرائڻ يا مرمت جو ڪم ڪرائڻ لاء جاگيرن واري اسسٽنٽ ڪمشنر جي بلي هوندو ھو ۽ انھئ لاء انھئ کاتي ۾ ”اسڪول فنڊ" قائم ڪيل هو. جاگيردارن کان ورتل ٽيڪس مان ڪجھ پئسا اسڪول فند ۾ رکيا ويندا هئا. 21.1.1934: سنڌ انھن ٿورن پرڳڻن مان هڪ آھي, جنهن جي هر دور ۾ شاعرن جو تعداد گهڻو رهيو آھي. بلڪ ايئن به چوڻ مناسب ٿيندو ته هئ ڌرتئ اڻ پڙھيل ماڻھن کي به شاعر (سگهڙ) بنائڻ جي سگھ رکي ٿي. شاعر علم ادب ۽ ٻولئ جي آبياري ڪندا آھن ۽ ذھنن ۾ ماڻھپي جي خوشبوء ملائيندا آھن. انگريزن جي زماني ۾ ”سنڌي سڌار سوسائٽي" نالي هڪ ادبي تنظيم هوندي هئي. اڄ انھئ پاران ڪراچئ جي ڊي.جي.ڪاليج واري هال ۾ مير ايوب خان جي صدارت ۾ ”موضوعاتي مشاعرو" ٿيو. مشاعري جو موضوع هو "مردانگي". 21.1.1946: سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ جي لاء ٿيل چونڊن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا. انھن مطابق مسلم ليگ 27, ڪانگريس 21, جي.ايم.سيد گروپ 4, قوم پرست مسلمانن 4, يورپين 3 ۽ مزدورن 01 سيٽون کٽيون. [نوٽ] سنڌ اسيمبلئ جا شروع کان اڄ واري اسيمبلئ جا ڪهڙا ميمبر ٿيا, اهو سڄو تفصيل گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکيو ويو آھي. گل حيات کان جيترو ٿي سگهيو آھي, ان سنڌ جي تاريخي اهميت وارو مواد گڏ ڪيو آھي. 21.1.1969: ڊڪٽيٽرن مان جان ڇڏائڻ ڪا اڪ جي ماکي لاهڻ جهڙي ڪانه ٿيندي آھي. ان لاء وڏيون قربانيون ڏبيون آھن. ايوب-شاهئ خلاف عوام روڊن تي آيو ته اڄ انھن مٿان گولين جو مينھن وسايو ويو. نتيجي ۾ ڍاڪا ۾ پنجن ڄڻن کي ۽ راولپنڊئ ۾ ڇهن ڄڻن کي گولين گهائي وڌو. 21.1.1992: خان ولي خان بيان ڏنو ته جيڪڏهن ڪالا باغ اڏيو ويو ته اسان ان کي بم سان اڏائينداسين. 21.1.1994: پيپلز پارٽئ ۾ پنهنجن ۽ پراون ڏار وجهي ڇڏيا. بينظير کي پارٽئ جي قيادت ڏني وئي ته سندس ماء نصرت ڀٽو ڪاوڙجي پئي ۽ چيائين ته پارٽئ جي چيئر پرسن آئون ئي آھيان. *************** {21 جنورئ تي ولادت يا وفات وٺندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 21 جنوري 1885ع تعليمدان ڪرمچند هنڱوراڻي جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1907ع شاعر الله بخش سرشار عقيلي(ٺٽو) جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1926ع اسڪالر ۽ لوڪ ادب جي ماهر شيخ محمد اسماعيل جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1928ع شاعر حاجي غلام نبي جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1931ع ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن عبدالغفور الستئ جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1938ع ليکڪ محمد قاسم سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري1957ع قومپرست اڳواڻ قمر ڀٽئ جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1961ع ليکڪا امير النساء مگسي جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1962ع سگهڙ گلشن لاشاري جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1964ع صحافي اشرف جروار جو جنم ڏينهن آهي. 21 جنوري 1971ع ليکڪ پيرومل پريمي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 21 جنوري 1924ع روس جي انقلابي ڪميونسٽ اڳواڻ ولادمير لينن جي وفات ٿي. 21 جنوري 1981ع مذهبي اسڪالر حافظ محمد صديق ڀرچونڊي جي وفات ٿي. 21 جنوري 1943ع آزادي جي جنگ جي سورمي هيمون ڪالاڻئ کي ڦاهي ڏني وئي. 21 جنوري 1956ع سياسي اڳواڻ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جي وفات ٿي. 21 جنوري 2008ع ليکڪ احمد مجتبى غالب ملڪاڻئ جو انتقال ٿيو. 1.Good Day Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever cannot love & respect human-beings without motives and discrimination, is so called man/woman of vision & wisdom and possesses degree but not knowledge or education. Love, respect & education cultivate & promote sincerity & sacrifice, trust & peace in hearts & minds] عمل سواء جيئن علم اٹپورو، تیئن عشق احترام سواء خواري، عشق ۽ علم آھن ڳڻ انساني، سو نہ سمجھي جنھن مت ماري، اھي سیکارن بي لوثي ایثاري، سرت سونھن سلام اسان کي.‏‎ ‎ *************** 2. Events from history (21st January): 1832: Mir Murad Ali Khan Talpur is dead and claims of several rival candidates for Masnad are emerging. Syed zainuddin is apprising Colonel Pottenger of day to day development and Pottenger is informing his Government accordingly. He is advised to keep the eye, but remain away from all candidates. 1858: Regular Educational Inspector is still not appointed in Sindh. Therefore task is given to the Assistant Commissioner for Jageers. Today, he requests Collectors to supply him with a statement of receipts on account of School & Road Fund, as he can move plan for the maintenance of schools. 1946: Election results of the Sindh Legislative Assembly are announced. Party Position emerged as Muslim League (27), Congress (21), G.M.Syed Group (4), Nationalist Muslims (4), Europeans (3) and Labour (1). 1952: The Neo Dastur Party of Tunisia appeals Pakistan to intervene in the crisis between Tunisia & France. 1953: Ulema Committee expresses dissatisfaction with the Constitutional proposals. 1969: Five persons receive bullet injuries in Dhaka and six in Rawalpindi, during demonstration against Government. 1973: NAP accepts PPP’s offer of talks on Constitution making. 1978: CMLA remits sentence awarded by a military court to the editor and photographer of the Sun, Lahore. 1992: ‘If the Kalabagh Dam is constructed, we will blast it with bomb’, say Wali Khan while addressing public meeting on the eve of 5th death anniversary of Khan Abdul Ghaffar Khan. 1994: ‘I am the Chairperson of the Party’, says ousted chairperson Begum Nusrat Bhutto. The House is divided and will be ruled and ruined very soon.

No comments:

Post a Comment