Friday 27 January 2023

Sindh in history today (28th January). By.Dr.Pathan

28th January SINDH IN HISTORY [28th January) & My Good Wish ************** *** ڪي اهم واقعا *************** 28.1.1836: سنڌ جي عام ماڻھوء جي وطن دوستي ۽ ڌارين سان نفرت شروع کان رهي آھي. فرنگين جي نمائندن سنڌ ۾ ناپاڪ قدم رکڻ شروع ڪيا ته ماڻھن انھن جون بي عزتون ڪيون ۽ بڇڙو ڪيو. حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر هيڊل نالي انگريز کي ماڻھن ڪٽڪو ڪڍو ۽ بي عزتو ڪيو. اڄ پاٽينجر انھئ واقعي بابت پنهنجئ سرڪار کي اطلاع ڏنو ۽ ميرن کي به هٿ جوڙ ڪئي ته جيئن اڳتي اهڙا واقعا نه ٿين. 28.1.1839: ريئر ايڊمرل سر فريڊرڪ مئٽلينڊ, فرنگين جي بحري فوج جو ڪمانڊر ان چيف منوڙي ۽ ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ لاء پهتو ته جهرڪن مان پاٽينجر کيس خط لکي سيٺ نائونمل جي خاندان جي جان ۽ مال جي حفاظت لاء گذارش ڪئي. نائونمل ان وقت پاٽينجر سان گڏ جهرڪن ۾ هو. پاٽينجر پنهنجي خط ۾ گهڻو ڪجه لکيو آھي. ان مان ٻه ٽي سٽون جيئن جو تيئن هت ڏجن ٿيون: There is on point to which I solicit your kind attention. I allude to protection, under all circumstance, of house, family and property of Naumal Seth of Karachi. The bahamas individual is now with force at Jherk. He has most zealously and indefaitgably assisted us, and I cannot convey my deep anxiety regarding him better than by saying that they ought to be guarded as those of the Governor-General of India. 28.1.1921: ڪراچئ ۾ مس شاهاڻئ جي صدارت ۾ ”انڊين وومينس ائسوسيئشن جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ 80 عورتن کان مٿي عورتن شرڪت ڪئي. فيصلو ڪيو ويو ته ائسوسيئيشن جو نالو بدلائي "هندي استري منڊل" رکجي ٿو ۽ هن منڊل ذريعي عورتن کي آزادئ جي تحريڪ ۾ حصي وٺڻ جي ترغيب ڏبي. 28.1.1923: سکر جي ٽائون هال ۾ مولانا تاج محمود امروٽئ جي صدارت ۾ ضلعي سکر جي "جميعت العلماء سنڌ" جي گڏجاڻي ٿي. شرڪت ڪندڙن ۾ مولانا احمد علي, مولانا فاروق احمد, مولانا علي شير, مولانا حمادالله, سيد اسدالله ۽ مولانا دين محمد وفائئ جا نالا ذڪر لائق آھن. گڏجاڻئ ۾ فيصلو ڪري مولانا عبدالڪريم چشتئ جي جاء تي مولانا محمد هاشم کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. 28.1.1940: ڪراچئ ۾ سيٺ عبدالله هارون جي صدارت ۾ ”سنڌ پراونشل مسلم ليگ" جي جنرل باڊئ جو اجلاس ٿيو. 28.1.1956: ملڪ جڙيئي کان 9 سال پوء پاڪستان جو آئين جڙيو ۽ اڄ گورنر جنرل ان جي منظوري ڏني. 28.1.1973: پيپلز پارٽئ جي حڪومت بلوچستان فوج موڪلي جواز ڏنو ته اها اتي امن امان جي صورتحال سڌاريندي. 28.1.1978: پي.اين.اي جا اڳواڻ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ضياء الحق سان مليا ۽ سنڌ جي بدعنوان عملدارن جا نالا سندس حوالي ڪيائون ته جيئن انھن خلاف سخت قدم کنيا وڃن. *************** جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 28 جنوري 1920ع شاعر مولوي محمد بخش خيالي جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1939ع شاعر قمر الدين مجذوب جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1953ع ليکڪا عذرا چنا جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1963ع شاعر رزاق مستوئي جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1971ع شاعر محمد يوسف پنهور جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1973ع شاعر وفا بهادر چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 28 جنوري 1977ع شاعر عبد الشڪور شاڪر جمالي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 28 جنوري 1917ع مذهبي اسڪالر مولوي محمد هالائي جي وفات ٿي. 28 جنوري 1927ع سماج سڌارڪ ڪيسوداس شاهاڻي (حيدر آباد) جي وفات ٿي. 28 جنوري 1935ع سياستدان مکي ايسرداس (حيدر آباد) جي وفات ٿي. 28 جنوري 1942ع مذهبي اسڪالر مولانا مير محمد نورنگي لاڏاڻو ڪري ويو. 28 جنوري 1978ع شاعر عبدالڪريم گدائي لاڏاڻو ڪري ويو. 28 جنوري 1982ع صحافي حافظ خير محمد اوڌي جو انتقال ٿيو. 28 جنوري 1986ع شاعر امان الله مفلح جو انتقال ٿيو. 28 جنوري 2000ع مذهبي شخصيت امام بخش امام زرداري ايران ۾ روڊ حادثي سبب شهيد ٿي ويو Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Never share your sorrows & longings with everybody. However, don't hesitate to tell your love and pray & cry before him/her for help and protection. Everybody is in trouble,trouble, hence, can't help you, help them, because, they need your halp. If you intend to share something with people, tell them loudly that you love and deserve beauty and peace.] لڪ نہ سهڻا هن لوڪ کان باقي ان کان دک درد لڪاء, پر پنهنجي پرين کي روئي رڙي بيشڪ تون کڻي ٻڌاء, سر ڏئي سچو ٿجان ايئن پنهنجو تون تان بره بچاء, دنيا کي تون ٻڌاء, تہ آھين عاشق سونهن سلام جو. *************** EVENTS from history: 1839: Colonel Pottenger who strongly recommended his Government that occupation of Karachi will pave way for the control over entire Sindh, is happy that Rear –Admiral Sir Federik Maitland, Naval Commander-in-Chief have reached for that purpose. Colonel Pottenger writes to him from Jhirk soliciting special protection for Seth Naumal’s family at Karachi. Hr writes that ‘I cannot convey my deep anxiety regarding Naumal and family than by saying that they ought to be guarded as those of the Governor-General of India’. 1921: Women meeting is held in H.D.Girls High School, Karice. It is presided over by Miss Ruki Shahani whereas Miss Devi Bai is the stage secretary. The meeting attended by more than 80 ladies unanimously decides to ‘Women’s Indian Association’, Sindh be renamed as ‘Hindi Istri Mandal’ and it shall work for creating social, political and physical awareness. (Source: Gul Hayat website). 1923: Jamiat-ul-Ulema, District Sukkur meets in Municipal Town Hall with Moulana Taj Mahmood Amroti in chair. It is attended by a large number of district leaders and workers including Moulana Ahmad Ali, Moulana Farooq Ahmad; Moulana Ali Sher; Moulana Hamadullah; Shed Asadullah Shah; Moulana Din Muhammad Wafai; Moulana Abdul Karim Chishti and Moulana Muhammad Hashim. In the end it is decided that Moulana Muhammad Hashim will replace Moulana Chishti as Secretary of the District JUI. (Source: Gul Hayat website) 1940: The meeting of the General Body of the Sindh Provincial Muslim League is held at Karachi with Sir Haji Abdullah Haroon in chair and new officer-bearers are elected. 1969: Twenty MNAs from East Pakistan belonging to rulling Muslim League in a joint press statement in Dhaka disapprove government’s action in East Pakistan to suppress mass protest. 1991: Case is registered against Asif Zardari for killing MQM workers.

No comments:

Post a Comment