Monday 9 January 2023

Sindh in history today (9th January). By. Dr.Pathan

9th January. Sindh (including Pakistan) in History today. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ گرمي سردي, بارشون هوائون ۽ ڏينھن رات هر ڪنهن هنڌ ٿين ٿا. پر اهي قومن کي ترقي ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ کان روڪي نه ٿا سگهن. اهي حالتون منھنجي ڪم تي به اثرانداز ڪونه ٿينديون آھن. ڇو ته وقت ۽ حالتن کي اهڙي اجازت ڪونه ڏني اٿم ته مائروڙن وارئ محبت ۽ خدمت يا نسبت ۽ رغبت مون کان کسن يا وسارن. ڪهڙيون به حالتون آھن, آئون انھن جي پرواه ڪونه ٿو ڪريان, پر واقعاتي تاريخ, ولادتن وفاتن جي معلومات ۽ ٻيو گهڻو ڪجھ کڻي اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. *************** ]ڪجھ واقعا] *************** 9.1.1835: پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي اڄ اطاع ڏنو ته شاه شجاع قلات پهچي ويو آھي. سندس اچڻ جو ٻڌي سنڌ جي حڪمرانن شڪارپور ۾ پنهنجي فوجي تياري شروع ڪري ڏني آھي. 9.1.1923: ضلعي سکر جي "جمعيت العلماء" جي مولانا تاج محمود امروٽئ جي صدارت ۾ ھڪ گڏجاڻي ٿي. ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي مسلمانن ۾ ديني شعور اڀارڻ لاء ڪوششون ورتيون وڃن. انھئ لاء مولانا تاج محمود امروٽئ کي "شيخ الاسلام" ۽ مولانا حمادالله هاليجوئ کي "نائب شيخ الاسلام" مقرر ڪيو ويو. 9.1.1931: خانبھادر الله بخش سومري جي ڪوششن سان حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ جيڪب آباد ۾ سنڌي مسلمانن جي ڪانفرنس ٿي. هن ڪانفرنس ۾ مسلمان سياستدانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي, جن ۾ انڊين ليجسليٽو ڪائونسل ۽ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا ميمبر ۽ کوڙ سارا زميندار به شامل ٿيا. ذھن ۾ رکڻ جي ڳالھ هئ آھي ته هي ڪانفرنس شهيد الله بخش سومري جي ڪوششن سان ٿي ۽ ان ۾ ھندو-مسلم اتحاد (ورڪنگ ريليشنشپ) جي به ڳالھ ٿي, پر اھا ڪانفرنس "سيڪيولر سنڌ " کي "مذھبي سنڌ" ڏي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ثابت ٿي. ان ڪري "سياسي آدرشن" تي لکڻ وارن کي آدرشن جي فڪري ارتقاء تي به تحقيق ڪرڻ وقت نظر رکڻ گهرجي ته جيئن آدرشن کي فرشتي بدران مثالي انسان ڪري آڏو آڻي سگهجي. 9.1.1931: سنڌ فرنگي دور ۾ سدائين جاڳندي رهي. نوٽ ڪريو ته اڄ جتي جيڪب آباد ۾ اپر ڪلاس جي مسلمانن جي ڪانفرنس ٿي, ته اتي اڄ نواب شاه ۾ به سياسي جلسو ٿيو. 1931 تائين سياسي سوچن ۾ وڏو ڦيرو آھي. خلافت تحريڪ جو رخ هاڻي ترڪئ کان هٽي مذھب ڏانھن ٿيو. اها ڳالھ اسان کي نواب شاه واري جلسي ۾ نظر اچي ٿي. هن جلسي ۾ مسلمانن ۾ مذھبي شعور وڌائڻ ۽ سنڌ ۾ ھندو مسلم اتحاد کي برقرار رکڻ بابت ڳالهايو ويو ۽ ٺھراء پاس ڪيا ويا. 9.1.1941: امن,اتحاد ۽ بي لوث وارئ سنڌ کي ڪن ناعاقبت هندو توڙي مسلمانن ڇيهو رسايو. ڪٽر هندن طرفان "شڌي تحريڪ" هلائي سنجوڳي شيخن کي زورئ مسلمانن بڻائڻ لاء ڪم شروع ٿيو ته هندو-مسلم اتحاد مجروح ٿيو. اپر ڪلاس مسلمانن سنڌ الڳ ڪري پاڻ حاڪم حڪمران ٿيڻ جي تحريڪ هلائي ته ان به هندو-مسلم اتحاد کي نقصان ڏنو. مسلم ليگي سنڌي اڳواڻ ھندو ۽ مسلمان کي الڳ الڳ ڪرڻ لاء ”مسجد منزلگاه" جي خوني تحريڪ هلائي. انھئ پس منظر ۾ ھندو ۽ مسلمان هڪ ٻئي جي مخالفت جا بهانا تلاش ڪرڻ لڳا. ڪجھ هندن کي ھڪ بهانو تڏهن مليو جڏهن تعليم کاتي (پبلڪ انسٽرڪشن) جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر دائودپوٽي درسي ڪتابن ۾ اعرابون ڏيارڻ شروع ڪيون. پوء ته ٻنھي ڌرين طرفان وائويلا شروع ٿي ۽ صحافت به ان ۾ شامل ٿي وئي. اڄ ”الوحيد" اخبار "عيد پرچي" ۾ اعرابن واري مسئلي تي ايڊيٽوريل لکي, ڊاڪٽر دائود پوٽي جي قدم جي تائيد ڪئي. 9.1.1957: 1956 ۾ ڪراچئ يونيورسٽئ فيصلو ڪيو ته شاگرد اردو, بنگالئ ۽ انگريزئ ۾ ته تعليم وٺي سگهن ٿا ۽ امتحان ڏئي سگهن ٿا, ليڪن سنڌي ۾ نه. ان فيصلي خلاف سنڌين سخت ردعمل ڏيکاريو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئئ انگريزئ ۾ ڪتابڙو لکيو, جنهن جو عنوان هو "سنڌي, ڪراچئ ۾ رهي يا نه". اهو "سنڌ هاري آفيس, حيدرآباد" طرفان ڇپيو. 9.1.1972: شيخ مجيب جنھن تي پاڪستان سان غداري ڪرڻ جو ڪيس هلي رهيو هو, کيس آزاد ڪري لنڊن پهچايو ويو ۽ حالتن هن کي جيل جي سفر کان وٺي هڪ نئين آزاد ملڪ بنگلاديش جو باني صدر بڻائي ڇڏيو. 9.1.1978: نواب احمد محمد قتل ڪيس جي ٻڌڻئ جو ملزم ذوالفقار علي ڀٽي اڄ بائڪاٽ ڪيو. *************** { 9 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** اسان مان هرڪو جيڪڏهن پنهنجي خاندان جي فردن جي جنم ۽ وفات ڪري ويلن جي وفاتن جو رڪارڊ رکي ته اڳتي هلي اها به هڪ قومي خدمت ٿي پوندي. *************** [جنم ڏينهن:] 9 جنوري 1892ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر لالا نبي بخش سرڪي جي پيدائش ٿي. 9 جنوري 1907ع ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري جي جنم جي تاريخ آھي. 9 جنوري 1944ع اداڪار، شاعر هوند راج بلواڻي ( لاڙڪاڻو / احمد آباد)جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 9 جنوري 1881ع خواجه محمد حسن لنواري واري جي وفات ٿي. 9 جنوري 1904ع مذهبي اسڪالر قاضي عنايت الله متعلوي جي وفات ٿي. 9 جنوري 1920ع سنڌ هندو سڀا جو اڳواڻ راء بهادر ٽيڪچند اوڌداس ديهانت ڪري ويو. 9 جنوري 1959ع شاعر سلطان علي فدائي لاڏاڻو ڪري ويو. 9 جنوري 1996ع پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار سلطان راهي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. ************* 1. GOODd DAY WISH: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Every life is not everlasting. It is to be followed by death. However, life can be made meaningful and death can be made purposeful. If we have no Beauty & Love in life, let life be in Beauty & Love. It is better to surrender life before beloved, than to give chance to death to snatch it without cause. It is the only way to ensure Soul & Body peace and protection.] ڪوه نہ گهورين هئ جان جانب مٿان, جا هونئن بہ وڃڻي اڄ يا ڪي سڀاڻي, بس بيسود هئ حياتي هوتن کان سواء, اهو تان فقط محبت-وند ماڻھو ڄاڻي, سپنا سارا سوئي سانڀيان ۽ سچا ڪري, سرت ۽ سندرتا جيڪو ساري ۽ سڃاڻي, محبت مروت ۽ ماڻهو سو ئي سدا ماڻي, سر ترئ تي آڻي,جو رکي ساڻ سلام سان. *************** 2. EVENTS From history: 9th January ****** 1832: The East India Co. Govt. is very much satisfied with results of Mission to Mirs of Sindh and asks Political Agent in Sindh to present gifts to Sindh Rulers on behalf of the Govt.  1835: Sindh Rulers, in keeping in view, the arrival of Shah Shuja in Kilat, started taking steps to strengthen the Garrision at Shikarpur. 1956: constitution Bill is introduced in the Pakistan Assembly. By its provision, Pakistan will have Parliamentary system and its President will be a Muslim. 1957: Canada transfers all its rights, title and interests in the Maple Leaf Cement plant at Daud Khel to Pakistan. 1962: 'Pakistan's survival is depended on a strong India', says Kissinger, Special Assistant to U.S president, Kennedy, during his India visit. 1966: Ayub - Shastri meeting is still not bringing results. Ayub turn down plan forwarded by Shastri. 1972: Shaikh Mujeeb reaches London by P.I.A chartered plane. His journey started from jail ends with hope of new era. 1978: Ex - Prime Minister of Pakistan, Z.A.Bhutto, boycotts the High Court proceedings regarding Nawab Ahmad murder case.  1994: Contempt of court against former Army chief Aslam Beg, Supreme Court reserves decision exonerating the accused.

No comments:

Post a Comment