Tuesday 17 January 2023

Sindh in history today (18th January). By. Dr.Pathan

18th January Sindh (including Pakistan) in history today & Good Day Wish. *************** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ تاريخ کي هنئين سان نه هنڊائڻ جو ڪارڻ اهو آھي ته اسان مان ڪيترا اهو چوندي فخر ٿا محسوس ڪن ته سندن وڏا عربستان کان يا افغانستان کان آيا, بخارا کان آيا يا ڀارت کان آيا. ڪي ذات پات ۾ سماٽ بدران پاڻ کي غير سماٽ سڏائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا. اسان جون سوچون ۽ رويا اهڙا هوندا ته سنڌ جي عظيم ۽ قديم ماضئ سان محبت ڪير ڪندو. انھئ سوچ نسياتي طور تي سنڌ کي "دائمي يتيم خاني" بنائڻ ۽ قبول ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي. پوء اهي ڪهڙي منھن سان 1947 کان اڄ تائين اتر, اولھ ۽ اوڀر کان آڪهيون گهلي ايندڙن تي ميارون رکندا ته هو سنڌ جي شاندار ماضئ جا ڇو منڪر آھن ۽ سنڌي ٻولئ خواه ثقافت سان نفرت ڇو ٿا ڪن. پنهنجئ وڍئ جو ڪهڙو ويڄ طبيب. اسان پنهنجي سوچن ۽ روين سان پاڻ سان, سنڌ سان ۽ سنڌ جي ماضئ سان دشمني ڪئي آھي. انھن سوچن ۽ روين کي مٽائڻ لاء اسان کي ماضئ سان محبت ڪرڻي پوندي. مان ماضئ ۽ ماروئڙن جي ياري رکرائڻ لاء جتن ڪيان ٿو ۽ روز تاريخ مان ورق کڻي ٻڌايان ٿو ته صدين کان وٺي اسان جا حال ۽ افعال ڪونه مٽيا آھن. حڪمران شير شاه جي شڪرن جهڙا مليا آھن ۽ اسان سيس نمائڻ واري شخصيتون پرست مخلوق پئي رهيا آھيون.صدين جي غلامئ جي اها دز ڇنڊڻ لاء اسان کي صدين جي تاريخ پڙھڻي پوندي. تاريخ نه پڙھڻ, غلامئ جي وڏي نشاني آھي. مون اڄ 18 جنورئ جو ورق کڻي اوهان ڪي واقعا ۽ ولادتن خواه وفاتن جي معلومات ڏيڻ آيو آھيان. *************** 18.1.1843: آزاد سنڌ جي غلامئ ۾ باقي ٿورا ڏينھن پيا آھن. نيپيئر وڏئ فوج سميت افغانستان مان ته پادر کائي موٽيو, سنڌ ۾ ڏٺائين ته ميرن کي گهران لڳي پئي آھي. ان ڪري هن ميرن جي باهمي اختلافن ۽ پنهنجئ بدنيتئ مان فائدو وٺندي مير حڪمرانن تي پنهنجئ مرضئ جا ٺاه مڙھڻ شروع ڪيا. سندس ئي زيردست آئوٽرام هن سان ٺاه جي ڪن شقن تي اختلاف ڏيکاريو. اهي شقون هيون ته سنڌ ۾ سڪو جاري ڪبو,جنهن تي راڻئ جي تصوير هوندي. ٻي شق هئي ته مير ٺٽو فرنگين حوالي ڪندا. 18.1.1844: ڦليلي واه تي حيدرآباد ۾ جيڪي پليون آھن, اهي ميرن جي دور ۾ ڪونه هونديون هيون. اڄوڪئ تاريخ تي سنڌ جي گورنر نيپيئر پنهنجئ سرڪار کي پل ٺاهڻ لاء مراسلو موڪليو. اتان منظوري آئي ته ڪم شروع ٿيو. 18.1.1912: انگريزن جو زمانو ڌارين جو زمانو هو ۽ هن زماني ۾ سنڌ جي قيادت تعليمي ادارن کي پنهنجو سمجهيو ۽ تعليمي ادارن ۾ تنهن دور جون وڏيون شخصيتون اينديون هيون. اسان جي دور ۾ اها روايت گهٽجي وئي ته هاڻي ادارا الائي ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهتا آھن. اڄوڪي ڏينھن تي سر آغا خان سنڌ مدرسي جو دورو ڪيو ۽ اتي شاگردن خواه استادن کي خطاب ڪيائين. 18.1.1938: سنڌ سرڪار پنهنجي حڪم نامي جي.آر. پوليٽيڪل ائنڊ مسيلنس ڊپارٽمينٽ نمبر (37) پي-5-52-S ڊريعي سنڌ جي لوڪلبورڊن ۽ ٻين ادارن کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ ۾ ملازمتون فقط سنڌين کي ڏنيون وڃن. ”سنڌئ“ جو مطلب ته 1). جيڪو سنڌي ڳالهائي, 2). سنڌ ۾ رهندڙ ھجي ۽ 3). سنڌ ۾ ڄائو هجي. 18.1.1969: ڍاڪا يونيورسٽي ڪئمپس تي سرڪار شديد ٽيئر گيس شيلنگ ڪرائي. ان زماني جي اوڀر پاڪستان جمهوريت جي بحالئ کان وٺي ويندي آزادئ لاء بي مثال قربانيون ڏنيون. هنن پنهنجي يونيورسٽين کي بارود جا گدام نه بڻايو پر انھن مان سرڪار طرفان استعمال ڪيل بارود ۽ ٽيئر گيس جي دپ وڏي عرصي تائين وڌندي رهي. 18.1.1986: ملڪي سطح تي سنڌين ڪڏهن موقعا مليا ته ڪڏهن ڳڙ چٽائي ڪاٺ سندن ڪلهن تي رکيو ويو. انھن ٻنھي سببن مان هڪ سبب هئو جو محمد خان جوڻيجو پاڪستان مسلم ليگ جو صدر بڻيو. 18.1.1989: پنجاب جي وڏي وزير نواز شريف صوبي جي گورنر جنرل ٽڪا خان جا ڪن کڻايا ته تون پنھنجي پاڻئ کان نه نڪر ۽ صوبائي حڪومت جي ڪم ۾ ٽنگ نه اٽڪاء. *************** {ڏينهن 18 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 18 جنوري 1886ع سياستدان کيمچند امرت راءِ (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 18 جنوري 1916ع اداڪار خوشي مولواڻي (سکر / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي. 18 جنوري 1940ع سياستدان سيد امير علي شاهه ڄاموٽ جو جنم ڏينهن آهي. 18 جنوري 1944ع ليکڪ عزيز جعفراڻي جو جنم ڏينهن آهي. 18 جنوري 1948ع صحافي ديانند ڪرپلاڻي (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 جنوري 1949ع ليکڪ خليل مورياڻي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 18 جنوري 1952ع اداڪار پرڪاش اڀيچنداڻي (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 جنوري 1952ع سياستدان مير غلام الله خان ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي. 18 جنوري 1964ع ليکڪ الطاف باگراڻي جو جنم ڏينهن آهي.[وڇوڙو:] 18 جنوري 1881ع شاعر آخوند محمد قاسم هالائي جي وفات ٿي. 18 جنوري 1955ع اردو جي ناليواري افسانه نگار سعات حسن منٽوجي وفات ٿي. 18 جنوري 1960ع مذهبي اسڪالر مولانا الاهي بخش سومرو لاڏاڻو ڪري ويو. 18 جنوري 1961ع ليکڪ حڪيم محمد صادق راڻيپوري وفات ويو. 18 جنوري 2010ع ليکڪ ۽ محقق غلام رباني آگرو انتقال ڪري ويو. 18 جنوري 2011ع ليکڪ، اديب ۽ شاعر منٺار سولنگي انتقال ڪري ويو. 18 جنوري 2019ع ڊرامن جو ناميارو اداڪار گلاب چانڊيو وڇڙي ويو. 1.Good Day Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Beauty without quality of accepting love, is a colourful flower without fragrance. Love without sincerity and sacrifice is fraud. Human-love & respect it is self-respect & love. To promote peace is better than to protect ego, hatred & discrimination] سونھن تہ ھجي پر سا جي بره بغیر، سھٹو گل جیئن پوء سرھاڻ سواء، قرب ھجي پر قرباني جي ڪانھي، محبت-وند ماٹھو پوء ڪين سڏاء, پرین پاڻ جي بدران تون پیار پڏاء، دنیا کي ٻڌاء، ساز سرت سلام ‎سندو. *************** 2. Events from history (18th January): 18th January 1844: Sir Charles Napier, Sindh Governor sends three drawings of bridge to be constructed over the Fullei to the Governor – General of India and request for approval one of them and permission to start work. 1858: The Assistant Commissioner for Jageers recommends the case of Ali Akbar s/o late Ghulam Shah Laghari to give up 1/3 of the land of his Jageer in lieu of paying a fixed assessment of Rs.49 per cent mensem. 1924: New NGO ‘Arya Yovk Samaj’ is formed in Karachi and Biharilal Sahinji (President), Chamanlal (Vice President), Mohan Lal (Secretary), Bhagatram (Assistant Secretary), Puran Chand (Treasurer), Khairatiram (Library Incharge) and Karamchand (Auditor) are elected as its founder office – bearers. This NGO remained active for so many years. 1938: Sindh Government, vide its Directive No G.R.Political Department, asks Local Bodies and other organizations to appoint ‘Sindhis’ in their services. It also defines that Sindhi means a person born in Sindh and speaks Sindhi. 1965: ‘Pakistan does not want see differences between Indonesia and Malaysia. Will help solve dispute, if asked and desired for.’ Says Z.A.Bhutto, Foreign Minister. 1966: Pakistan to export rice to Soviet Union and import Road building and agricultural machinery. Agreement is signed between both countries. 1967: Advisory Committee to the USA President arrives in Pakistan to make a first - hand check on American Aid Program.  1972: ‘I am willing to step aside and prepared to do ant thing, if Pakistan can be kept one and united’, says Z.A.Bhutto, President of Pakistan. 1989: Punjab Chief Minister, Nawaz Sharif asks Punjab Governor Tikka Khan to desist from violating constitution. 1991: Pakistan Government expels the Press Counselor of Iraqi Embassy in Islamabad for recruiting mercenaries.

No comments:

Post a Comment