Monday 16 January 2023

Sindh in history today (17th January). By. Dr.Pathan

17th January SINDH (including Pakistan) in history today & Good Day Wish: 17.1.1887: ممبئي پريزيڊنسي جي گورنر لارڊ ري اڄ ڪراچئ ۾ ”سنڌ آرٽس ڪاليج" (ڊي.جي. ڪاليج) کلڻ جو افتتاح ڪيو. هي ڪاليج ٺٽئي ڪمپائونڊ ۾ هڪ مسواڙي جاء ۾ قائم ڪيو ويو آھي. پهرين ڏينھن تي 28 شاگر ڪاليج ۾ داخل ٿيا. 17.1.1912: سر آغا خان ڪراچئ ۾ ”سنڌ مدرسي" جو دورو ڪيو, ۽ ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن کي خطاب ڪيو. 17.1.1920: سنڌ صوبي جي ڪانگريس ڪميٽئ جليانوالا باغ ۾ ماڻھن تي سڌيون گوليون هلائڻ جي مذمت ڪئي متآثرين لاء هڪ فند قائم ڪيو. 17.1.1942: محراب پور جي پير ۽ وڏيري پير سيد حسن شاه جي صدارت ۾ قمبر ۾ ”پاڪستان ڪانفرنس" ٿي. ان ۾ جي.ايم.سيد, ايوب کهڙو, قاضي فضل الله, آغا نظر علي, مولوي محمد اسماعيل, مولوي غلام رسول ميهڙ واري, بٺئ جي مولوي محمد ابراهيم, مولوي عبدالڪريم ميڻائي, محبوب تئيئ جي مولوي محمد دائود, بڪاپور جي حڪيم سيد علي محمد شاه, اهيرئ جي مولوي محمد خان, ٿرڙي محبت جي مولوي سيد تاج محمد شاه, درگاه نورنگ شاه جي سيد ڇٽل شاه, مولوي عبدالڪريم بروهئ, وڏيري علي حسن هڪڙي, حڪيم عبدالرشيد, رئيس مٺل خان لاکي, رئيس حاجي در محمد, رئيس محمد يعقوب, مولوي محمد عظيم شيدا, غلام محمد اسراڻ ۽ آغا غلام نبي پٺاڻ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جي حق ۾ تقريرون ڪيون. 17.1.1978: نئين سياسي منظر جي روشنئ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاء ارباب سڪندر اڄ جي. ايم.سيد سان مليو ۽ رحيم بخش سومري وري مولانا مودودئ سان ملاقات ڪئي. *************** اڄوڪي ڏينهن 17 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 17 جنوري 1889ع شاعر عيسو فقير جو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1904ع جيئي سنڌ تحريڪ جي باني ۽ سنڌ جي قوم پرست اڳواڻ جي ايم سيد جو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1906ع شاعر حادن فقير جو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1925ع پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي پهرين ڪپتان عبدالحفيظ ڪاردارجو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1921ع سياستدان اصغر خانجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جنوري 1930ع شاعر ارجن حاسي جو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1936ع شاعر محمد خان مسرور سيال جو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1937ع اسٽيج اداڪار ۽ ليکڪ لڪشمڻ ڀنمڀاڻي (نوابشاهه/جئپور) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1942ع باڪسنگ جي عظيم رانديگر محمد علي ڪليجو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1945ع اردو هندي فلمن جي شاعر جاويد اخترجو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1950ع شاعر ڪامل سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1977ع صحافي جاويد شيخ سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 17 جنوري 1979ع ليکڪ، شاعر ۽ ڪمپيئر ياسر قاضي جو رتيديري ۾ جنم ٿيو. وڇوڙو: 17 جنوري 1918ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هالائي جي وفات ٿي. 17 جنوري 1962ع ليکڪ ۽ سياستدان سيد غلام قادر لڪياري جي وفات ٿي. 17 جنوري 1943ع سماج سڌارڪ راء بهادر اوڌو داس تارا چند ڇاٻڙيا(شڪارپور) جي ديهانت ٿي. 17 جنوري 1967ع تعليمدان عبدالحسين شاهه موسوي جي وفات ٿي. 17 جنوري 1975ع پاڪستان جي مشهور مصور عبدالرحمان چغتائي جي وفات ٿي۔ 17 جنوري 1980ع مذهبي اسڪالر فقير محمد پٺاڻ لاڏاڻو ڪري ويو. 17 جنوري 1986ع سياستدان فاضل راهوکي شهيد ڪيو ويو. 17 جنوري 1989ع مذهبي اسڪالر مولوي امير بخش گولو وفات ڪري ويو. 17 جنوري 2009ع لوڪ راڳي محمد قاسم اوٺو جي وفات ٿي. 17 جنوري 2014ع نامياري صحافي، ليکڪ، پبلشر ۽ سماج سڌارڪ استاد غلام رسول ميمڻ جو آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ انتقال ٿيو. 1. Good Day Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Nothing belong to you. Neither life, nor health & wealth. You are love, but not hatred . You are peace, but not violence. It is your status, identification & beauty. Dear! Play your role. Share your vision & wisdom, promote love & beaty and beutify hearts & minds, please] تون آھین امانت عشق جي، عشق امانت توء، نہ ھئ حیاتي تنھنجي، نہ ئي سر آھ سندوء، تون دعا دوا دردن جي پرين پاڻ نہ ايئن لوء, پرین ! تون پوء، ڇو لنوائین سرت سلام کان؟ 2. Events from history (17th January): 1887: The Governor of Bombay Presidency, Lord Reay performs the opening ceremony of the Sindh Arts College (D.J.Sindh). The College is opened with 28 students on the roll. The college is housed in a small building at the site known as Thattat Compound. 1912: His Highness Sir Agha Khan visits Sindh Madressah and addresses the faculty and students. 1920: The Sindh Provincial Congress Committee deplores the tragedy of Jallianwala Bagh and decides to raise fund for to help affected families in Punjab. 1942: Pakistan Conference is held at Kambar. It is presided over by Pir Syed Hassan Bux Shah, landlord of Mirabpur of District Nawabshah . It is attended by G.M.Syed, K.B.Khuhro, Qazi Fazalullah, Agha Nazar Ali, Moulvi Muhammad Ismail, Moulvi Ghulam Rasool of Mehar, Moulvi Muhammad Ibrahim of Buthi, Moulvi Abdul Karim Menai, Moulvi Muhammad Daud Of Mahboob Tunio, Hakim Syed Ali Muhammad Shah Baqapuri,Moulvi Muhammad Khan of Aheri, Moulvi Syed Taj Muhammad Shah of Manah Tharrai, Syed Chhatal shah of Dargah Nourang Shah, Moulvi Abdul Karin Brohi, Wadero Ali Hassan, Hakim Abdul Rashid, Rais Mithal Khan Lakho, Rais Haji Dur Muhammad, Rais Muhammad Yaqub, Moulvi Muhammad Azim ‘Sheda’, Ghulam Muhammad Isran, Agha Ghulam Nabi and others. The event is an eye – opener for those, who do not see the role played by Sindh in creation of Pakistan. The events carry another lesson also and it is that the trio of Pir, wadero & Moulvi has brought Big Changes as desired and required by them. 1952: The Soviet Union in its first major intervention in the Kashmir dispute charges Britain and USA with maneuvering for transform Kashmir into a military springboard against the Soviet and China. 1978: Politicians are busy in one to one meetings. Arbab Sikandar meets G.M.Syed and Soomro meets Moulana Maudoodi.  1971: President Yahya and Z.A.Bhutto holds talks on political situation in Larkano.

No comments:

Post a Comment