Sunday 22 January 2023

Sindh in history today (22nd January). By. Dr.Pathan

22nd January SINDH in history today & my Good Day Wish ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اڄ 22 جنورئ آھي ۽ آئون دعائون, سلام ۽ نيڪ تمنائون کڻي اوهانجي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. ٽن سالن کان روز اوهان کي سنڌ جي واقعاتي تاريخ ۽ ولادتن خواه وفاتن جي معلومات ڏيندو ٿو اچان. ساڳيون ڳالهيون ورجائي ور ور ڏئي نه ٿو ٻڌايان. پر اڳ ٻڌايل ڳالهين ۾ اضافا ۽ واڌارا به ڪندو ٿو رهان. ڪنهن خاص تاريخ جي حوالي سان واقعا ڳولهڻ ۽ ولادتن وفاتن جي معلومات ڏيڻ ڪو آسان ڪم ڪونهي. پر سنڌ جي عشق ۽ اوهان جي عقيدت ۾ هي ڏکيو ڪم به مون کي آسان لڳي ٿو. اوهان جي تاريخ آھي. دل لڳائي پڙھو ۽ هنئين سان لڳايو. ان ۾ اسان لاء کوڙ سارا پيغام موجود آھن: ************** 22.1.1843: نيپيئر امام ڳڙھ جو قلعو ڊاهڻ کان پوء پنهنجي فوجي طاقت ۽ ڏاڍ جي زور تي سنڌ جي ميرن کي خيرپور ۾ گهرايو, جن آئوٽرام سان نئين معاهدي تي ڪانفرنس ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ ٿيل ڳالهين جو رڪارڊ سنڌ جي سياسي تاريخ جو هڪ اهم رڪارڊ آھي. اهو گل حيات ۾ موجود آھن 22.1.1843: نيپيئر پير ابوبڪر کان پنهنجي گورنر کي مراسلو موڪلي ٻڌائي ٿو ته مون امام ڳڙه کان موٽي هتي پهتو آھيان ۽ هاڻي حيدرآباد وڃڻ لاء سانڀاها آھن. ھن پاسي واري ٿر کان انڊيا وڃڻ جو رستو ڳولهڻ لاء مون هڪ ليفٽيننٽ ڪم سان لڳايو آھي. کيس ٽي سنڌي گهوڙيسوار به ڏنا اٿم. انھن گهڙيسوارن مان هر هڪ کي چار آنا ڏهاڙي ڏبي. ليفٽيننٽ کي ڏهاڙي چار روپيا ڏبا ۽ ان جي اجازت ڏيو. 22.1.1844: سرڪار کي خيال ٿيو ته شڪارپور جي پراڻي قلعي کي ڊاهي يا ان ۾ ڦير گهير آڻي "سول جيل" ٺھرائجي. سنڌ جي گورنر نيپيئر اڄ مرڪزي فرنگي سرڪار کان اهڙي اجازت گهري ۽ سرڪار کي ٻڌايو ته چار بيرڪون ٺھرائبيون ۽ هڪ هڪ بيرڪ ۾ 50 قيدي رکي سگهبا. 22.1.1897: ڪراچئ ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽي قائم ڪئي وئي. 22.1.1928: نارائڻداس آنند جي صدارت ۾ ڪراچي ڪانگريس جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سوامي گوندانند, محمد خان, سيٺ حاجي عبدالله هارون, پروفيسر جهمٽمل, شيخ عبدالمجيد, مير محمد بلوچ, آر.ڪي.سڌوا ۽ نرسنگ لال شرڪت ڪئي. گڏجاڻئ ۾ 23 فيبرورئ تي "سائمن ڪميشن" خلاف احتجاج ڪرڻ بابت حڪمت عملي تيار ڪئي وئي. سائمن ڪميشن ھندستان ۾ آئيني سڌارن آڻڻ لاء ڏيهي سياستدانن سان ڳالھ ٻوله ڪرڻ لاء انگلنڊ کان اچي رهي هئي. جيئن ته انھئ ڪميشن ۾ ڪنهن ڏيهي سياستدان کي ميمبر نه ڪيو ويو هو, ان ڪري سياسي پارٽين فيصلو ڪيو ته انھئ ڪميشن خلاف احتجاج ڪيو ويندو. 22.1.1965: ڀٽو, پاڪستان جو اهو واحد پرڏيهي وزير هو, جنهن ڪشمير جي مسئلي تي گهڻو ڳالهايو. هن ڪشمير جي مسئلي تي سياست ڪئي ۽ ان جي ڏڍ تي پنجاب خواه فوج ۾ نالو ڪمايو. اڄ انھئ مسئلي تي اقوم متحده جي جنرل اسيمبلئ ۾ زوردار تقرير ڪري, انڊيا تي ڪشميرين جا حق ڦٻائڻ جي ڳالھ ڪيائين. شملا معاهي کان پوء ڪشمير بابت سندس حڪمت عملئ تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي. 22.1.1969: ايوب-شاهئ خلاف عوام جي غصي ۾ ڪمي ڪانه آئي. مغربي خواه مشرقي پاڪستان جي اڪثر وڏن شھرن ۾ سياسي ڪاڪنن ۽ پوليس جي اک ٻوٽ جاري رهي. 22.1.1971: پاڪستان ۾ ٻولئ بابت وڳوڙن ۾ پاڪستان جي ابتدائي دور پهريون بنگالي گوء کڻي ويا ۽ مادري ٻولئ لاء جان قربان ڪرڻ جا مثال قائم ڪيائون. ملڪ ٽٽڻ ۽ ڀٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوء پناهگيرن اسيمبلئ مان پاس ڪيل سنڌي ٻولئ واري بل کي گلين ۽ گهٽين ۾ رد ڪري ڏيکاريو. رئيس امروهئ جهڙي مشھور شاعر قطعو لکي ڪراچئ ۽ حيدرآباد ۾ باه ٻاري ڏيکاري. ٻولئ جي مسئلي تي پناهگير مزاحمت تي لھي آيا ۽ اسان سنڌي دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪري ويٺاسين. اڄ حيدرآباد ۾ لساني وڳوڙ ٿيا. فوج کي گهرايو ويو ۽ تعليمي ادارا بند ڪيا ويا. 22.1.1992: اڄ ”ائنٽي ڪالاباغ ڊيم فرنٽ“ قائم ٿيو. افضل خان, جيڪو قومي اسيمبلئ ۾ مخالف ڌر جو ڊپٽي ليڊر هو, سو ھن فرنٽ جو ڪنوينر ٿيو. فرنٽ ٺاهڻ وارن ۾ رسول بخش پليجو, عبداحفيظ پيرزادو, لطيف آفريدي ۽ فتحياب علي خان شامل هئا. *************** {22 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 22 جنوري 1263ع مشهور عالم دين ابنِ تيمه جي شام ۾ پيدائش ٿي. 22 جنوري 1888ع عالم دين پير آغا عبدالله جان سرهنديجي ۾ پيدائش ٿي. 22 جنوري 1901ع گلوڪاره جيوڻي ٻائئ جو جنم ڏينهن آهي. سندس وفات به 22 جنورئ تي ٿي هئي. 22 جنوري 1905ع مذهبي اسڪالر پير محمد هاشم جان سرهندئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جنوري 1916ع شاعر داغ ٽکڙائي جو جنم ڏينهن آهي. 22 جنوري 1921ع سماج سڌارڪ موٽو مل چترامل جو جنم ڏينهن آهي. 22 جنوري 1922ع شاعر ۽ افسانا نگار ڪشور پهوجا جيوڻ (جيڪب آباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 22 جنوري 1935ع شاعر سڪايل پهنور جو جنم ڏينهن آهي. 22 جنوري 1941ع گلوڪاره انيتا جئيسنگهاڻي (حيدرآباد / احمدآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 22 جنوري 1959ع گلوڪاره ۽ ڊانسرگيتا چندناڻي (لکنئو) جو جنم ڏينهن آهي. 22 جنوري 1962ع شاعر عاجز عبدالله ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 22 جنوري 1942ع سماجي ۽ سياسي شخصيت سيد ٻڍل شاهه(نوابشاهه) جو انتقال ٿيو. 22 جنوري 1942 تي جيوڻي ٻائئ جي وفات ٿي. 22 جنوري 1973ع مذهبي اسڪالر مولانا ثناء الله سنگهر جو انتقال ٿيو. 22 جنوري 2002ع اسڪالر ۽ لوڪ ادب جي ماهر شيخ محمد اسماعيل جو انتقال ٿيو. 22 جنوري 2004ع اديب ۽ انفارميشن کاتي جو عملدار نصرت حسين ابڙوجي وفات ٿي. *************** 1. Good Day Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Eyes are of no use, if heart is blind and not able to see beauty & love. If heart is chained in doubts and misunderstandings, than soul cannot feel free.If vision & wisdom to take care of personal interest, it cannot be understood that a single moment passed in human respect, service and love is better than centuries of piousness] دید نہ پئي جي دل سندي، پوء ڪبو ڪاڏي اکین جو نور؟ روح ڀلا ڪیئن راضي پاضي، جي من ماٹھوء جو مجبور؟ امرت-ڌارا پیار جو پور، گھٹو سرور سرت سونھن سلام ۾. 2. Events from history: 1844: Sindh Governor sends plan and proposal to the Governor – General for converting the old fort of Shikarpur into jail and request for permission to erect four ranges of Barracks, each sufficient to accommodate 50 prisoners. 1897: The Karachi Theosophical Society is chartered. It paved way for starting of Home Rule League in Sindh that dominated Sindh politics for long time. 1928: Naraindas Anandji presides over the meeting of Karachi Congress. It is decided to observe strike on 3rd of February to protest against Simon Commission. The meeting is attended by Swami Govindanand, Muhammad Khan; seth Haji Abdullah Haroon, Prof. Jhamatmal; Manilal Viyas; Shaikh Abdul Majeed; Mir Muhammad Baloch; R.K.Sidhwa and Narsinghlal. 1965: Foreign Minister of Pakistan, Z.A.Butto speaking in U.N. General Assembly charges India with increasing repression in Kashmir. Also meets Secretary General to apprise him of the situation. 1966: Pakistan and India arrive at an agreement over a plan of disengagement along with border. 1968: Pakistan denies reports that it is interested in forming security arrangements in the Persian Gulf area to fill the gap created by U.K’s withdrawal. 1969: Police – mob clashes continue in all major cities of East and West Pakistan. People are on roads to restore democracy in the country. 1992: APC demands for national government. Meeting is held in Karachi. 1994: Kazi Hussain Ahmad quits as Chief of JI due to criticism from old guards of the party.

No comments:

Post a Comment