Friday 6 January 2023

Sindh in history today (7th January). By. Dr.Pathan

7th January. Sindh (including Pakistan) in History today. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پيار ۽ پاٻوه, ادب ۽ احترام سان دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جا جهول ڀري, هٿ ۾ تاريخ مان 7 جنورئ جو ورق کڻي اوهان کي واقعاتي تاريخ ۽ ولادتن خواه وفاتن جي معلومات ڏيڻ لاء حاضر ٿيو آھيان. پنهنجئ تاريخ کي پڙھڻ ۽ ٻڌڻ لاء وقت ڪڍو. اها قوميت جي ڪسوٽي ۽ تقاضا آھي. *************** ڪي اهم واقعا *************** 7.1.1850: ممبئي حڪومت پنهنجي مراسلي نمبر 105 مطابق سنڌ جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته سنڌي ٻولئ کي سرڪاري دفترن ۾ نافذ/استعمال ڪيو وڃي. 7.1.1857: خيرپور جي والئ مير علي مراد خان کي ٻڌايو ويو ته توهان خلاف ويهاريل انڪواري ڪميشن جي تجويزن جي روشنئ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس فيصلو ڪيو آھي ته اوهان جو رتبو گهٽايو وڃي ۽ ڪجھ پرڳڻا واپس ورتا وڃن. ياد رهي ته مير علي مراد مشڪل وقت ۾ فرنگين جو ساٿ ڏنو. نيپيئر کيس تخت تي ويهارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان وقت مير رستم خان دانھون ڪندو رهيو ته هن سان زيادتي ڪري سندس ننڍي ڀاء مير علي مراد کي تخت تي ويهاريو ويو آھي. نيپيئر اهي دانهون نوٽ ته ڪندو رهيو, پر ورجايئين ڪونه. جڏهن مير علي مراد مان فرنگين مدد وارو ڪم ورتو ۽ فرنگي ڏکڻ سنڌ تي قابض ٿي ويا ته مير رستم علي خان جي شڪايتن تي پاڻ-هرتو نوٽيس وٺي, مير علي مراد خلاف انڪواري ڪرائي. 7.1.1953: عزت,فضيلت ۽ سهولت سان تعليم وٺڻ به هن ملڪ ۾ وڏو مسئلو رهيو آھي. اڄ ڪراچئ ۾ شاگردن "تعليمي مطالبن جو ڏينھن" ملهائڻ لاء جلوس ڪڍيو. پوليس فائير ڪري 8 شاگرد اڦٽ ماري وڌا. 7.1.1954: اڄ حيدرآباد/ڄام شوري ۾ "لياقت ميڊيڪل ڪاليج" جي پيڙھ جو پٿر رکيو ويو. 7.1.1963: سياستدانن کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ ۽ نااهل ڪرڻ لاء ايوبي مارشل لا جي شروعاتي دور ۾ EBDO لڳايو ويو هو. اڄ آرڊيننس لڳائي متآثر سياستدانن کي پنهنجي ڪيس تي نظرثاني ڪرڻ جي درخواست ڏيڻ جو حق ڏنو ويو. 7.1.1995: ڪراچئ جي حالتن ايڌئ کي ايترو مايوس ڪيو جو هو هڪ مهينو ملڪ ڇڏي ويو هو. اڄ هو واپس موٽي آيو. پڪيون شاهديون اهي پئي مليو ته سندس ايمبولنس گاڏين کي اسلحي ڊوئڻ لاء استمال ڪيو ٿي ويو. 7.1.1978: ولي خان سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽي تي ڪيس هلائڻ لاء ”خاص ٽريبيونل" جوڙيو وڃي. ڀٽي هن ۽ سندس پارٽئ جي اڳواڻن تي ڪيس هلائڻ لاء ٽريبيونل جوڙيو هو. هئ ولي خان جي حسرت هئي ته ڀٽي لاء به ٽريبيونل جڙي. پر کيس اها خبر نه هئي ته ڀٽي لاء گهڻي ڪجھ پسائي وئي هئي. *************** { 7 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 7 جنوري 1886ع ڪراچي ميٽروپوليٽن جي اڳوڻي ميئر جمشيد مهتا جي پيدائش ٿي. 7 جنوري 1890ع شاعر نورل شاهه نورل جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1899ع ڊرامه آرٽسٽ خانچند درياڻي (حيدر آباد / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1907ع سياستدان گوڪل داس ڀاڳيا جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1913ع سياسي اڳواڻ غلام مصطفى ڀرڳڙئ جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1925ع شاعر سعدالله سپاهي جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1930ع شاعر ارجن حاسد(ڪنڊيارو/ احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1939ع سائنسدان ڊاڪٽر وڏل شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1940ع شاعر محب الله تبريز شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1949ع شاعر مسڪين چنا جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1953ع ڪهاڻيڪاره، شاعره ۽ محققه ڊاڪٽر تهمينه مفتئ جو جنم ڏينهن آهي. 7 جنوري 1983 لاڙڪاڻي جي شاعر فقير محمد سنڌئ جي جنم جي تاريخ آھي. 7 جنوري 1985ع شاعر نصر الله شاد گڏاڻي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 7 جنوري 1929ع ڪانگريس اڳواڻ ۽ شاعر راء بهادر سيٺ وشنداس ڀارواڻي ديهانت ڪري ويو. 7 جنوري 1933ع هالا جي شاعر پير ميان غلام حسين شيدا جي وفات ٿي. 7 جنوري 1953ع شاعر سردار گل محمد زيب مگسي (شهداد ڪوٽ) جو لاڏاڻو ٿيو. 7 جنوري 1975ع سياستدان مير بنده علي خان ٽالپر(ٽنڊو محمد خان) جو لاڏاڻو ٿيو. 7 جنوري 1986ع لاڙڪاڻي جو ليکڪ قربان بگٽي لاڏاڻو ڪري ويو. 7 جنوري 1986ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ ليکڪ محبوب علي جوکيو وفات ڪري ويو. 7 جنوري 1988 عالم ۽ فريڊم فائيٽر مولانا محمد عظيم شيدا جي وفات جي تاريخ آھي. 7 جنوري 2007ع صحافي ۽ شاعر انور پيرزادو جي وفات جي تاريخ آھي. ************* 1. GOOD DAY WISH: Dr. Pathan wishes you Good Day with translation into English. [Love is neither one-sided, nor an act of exploitation. It is mutual understanding without any condition. Though, human-beings are most beautiful, but none is without limitations, faults and mistakes. But It is love that encourages people to accept & respect human - beings without discrimination. Beauty can't reject love and love can't see limitations & drawbacks in and of beauty. The combination of love & beauty is natural and essential for peace of minds & hearts. Dear! Be beauty & love]] سمجهائي ڪوئي ساجن کي تان عشق ناهي ڪائي راند, ريت پريت جي دو طرفي وجهي ٻئي دليون هڪ پاند, انا نفرت متڀيد سان سدائين حسن ۽ عشق جي ويڙهاند, سونهن ۽ سرت ڪري هيڪاند, وٺي روپ سلام سندو. *************** 2. EVENTS From history: 7th January 1850: The Bombay Government directs Sindh Commissioner that Sindhi language be introduced as the ‘language of official business’ in Sindh and for that Captain Stack’s suggested Arabic character be adopted for its script. 1857: His Highness Mir Ali Murad Khan of Khairpur is informed that the British Government of India has to minimized his rank and some territory will be taken back from him. 1953: A procession is taken out by students in Karachi to observe the ‘Educational Day’ and demand for educational reforms. Eight students are killed in police firing. 1954: The Governor – General lays the foundation stone of the Liaquat Medical College at Hyderabad. 1963: Now EBDO affected politicians can apply for review of their disqualification orders/decisions. The new Ordinance is promulgated in this regard. 1965: an agreement is signed between Pakistan and West Germany for establishing Tractor – operations School at Multan. 1972: Former President Yahya Khan is shifted from Rawalpindi House to undisclosed place so as to protect and keep him safe accordingly. 1980: Soviet Union issues stern warning to Pakistan on Afghanistan matter. 1989: Court decision on restoration of Baluchistan Assembly and Government will be honored and implemented in letter and spirit, says Prime Minister Benazir Bhutto. 1990: Combined opposition parties threaten direct action if the government fails to retract its steps from giving tough time to the non – PPP governments in Punjab and Baluchistan.

No comments:

Post a Comment