Thursday 12 January 2023

Sindh in history today (13th January). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY [13th January) ************** جنورئ تي اوهان جو عقيدتمند ۽ سنڌ جي تاريخ جو خادم سلامن, دعائن ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ واقعاتي تاريخ ۽ ولادتن وفاتن جي معلومات کڻي اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. *************** [ڪجھ واقعا] *************** 13.1.1839: فرنگين طرفان حيدرآباد جي چئويارئ کي ساڳيو پر الڳ الڳ ڏيڻ لاء نئين ٺاه جو تيار ڪيو ويو ۽ لفٽيننٽ ايسٽ وڪ, اسسٽنٽ ريزيڊنٽ تي ڪم سونپيو ويو ته اهو متن ميرن تائين پهچائي ڳالهيون ڪري ان تي هنن کان دستخط ڪرائي. هن ٺاه ۾ 23 شقون هيون, جن مان ڪي آھن: 1). گورنر جنرل ٺٽي ۾ ڇانوڻي قائم ڪري فرنگي فوج رکندو. ان جو تعداد اهو ئي مقرر ڪندو, 2). انھئ فوج رکڻ تي جيڪو خرچ ايندو اهو مير نور محمد, مير نصير محمد ۽ مير محمد خان ڀريندا, 3). ميرن جن کي جاگيرون ۽ مالي امداد ڏيندا آھن, انھن مان ڪنهن به انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو ته ان لاءمير ذميوار ۽ جوابدار هوندا, 4). انگريز سنڌ ۾ تيموري ۽ باقرو سڪو هلائيندا ۽ مناسب ڄاڻندا ته سنڌ ۾ به سڪي سازي ڪندا, 5). ميرن جي وچ ۾ جنگ يا جهيڙو ٿيندو ته فرنگي ايجنٽ وچ ۾ پئي فيصلو يا ٺاه ڪرائيندو. 13.1.1841: فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ اسسٽنٽ ايسٽوڪ کي لکت ۾ ھدايت ڪئي ته حيدرآبادي ميرن ۽ مير شير محمد وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا آھن ۽ تون وچ ۾ پئي مسئلو حل ڪر. سيٺ نائومل هوتچند توسان گڏ هوندو, تون دٻدٻي ۽ شان سان ميرپور وڃ. پاڻ سان ٻه حولدار, 25 فرنگي فوجي, 24 گهوڙيسوار, هڪ دفتردار ۽ هڪ مقامي فرنگي عملدار وٺي وڃ. 13.1.1932: فرنگي سرڪار خلافت تحريڪ جي حڪومت-مخالف تحريڪن مان اڃان پورئ ريت جند نه ڇڏائي هئي ته ڪانگريس سندس ڳچئ ۾ پئجي وئي. انھئ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء سرڪار سمورئ سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽن کي اسپيشل ماجسٽريٽ ۽ سمري ڪورٽ جا اختيار ڏنا. لاڙڪاڻي ۾ اهي اختيار هنن کي مليا: مسٽر گرين, چئنراء ڪشڻچند, جي.جي ڊريو, گرڏنومل بختراء, گوبندرام جهمٽمل, آغا عبدانبي, شاه محمد, جي.واء.مرزا, ڪشنچند ڪندنداس, حسن علي سومرو ۽ منگهاسنگ گلاب سنگ. 13.1.1942: محمد ايوب کهڙي لاڙڪاڻي مان خط لکي حاجي عبدالله هارون کي قمبر مسلم ليگ ڪانفرنس جي تيارين بابت تفصيل ڏئي کيس گذارش ڪئي ته شيخ عبدالمجيد سنڌئ تي ڪانفرس ۾ اچڻ جو بار رکجو. 13.1.1963: ملڪي سرڪار اڄ ”پاڪستان نئشنل ٽرسٽ" جوڙيو ته جيئن ماڻھن ٻاهرين روپ کي اسلامي اطوار جو رنگ ڏئي سگهجي. 13.1.1969: حيدرآباد بار ائسوسيئيشن کي خطاب ڪندي جنرل (ر) اعظم خان 1962 واري آئين تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اهو عوامي امنگن ۽ پاڪستان آئڊيالاجئ جي خلاف آھي. هي همراه ڪرسئ تي هوندا آھن ته ان وقت سندن قول ۽ فعل بنھ الڳ هوندا آھن. پر ڪرسي ڇڏيندي ئي جمهوريت پسند ٿي ويندا آھن. 1962 واري آئين ٺھڻ وقت هي حڪومت جو ساٿاري هو. 13.1.1985: مارشلا حڪومت محدود سياسي سرگرمين جي اجازت ڏيڻ وارو حڪم ڪڍيو, جنهن مطابق سياستدان 25 فيبرورئ تي قومي اسيمبلئ ۽ 28 فيبرورئ تي صوبائي اسيمبلين لاء غيرپارٽي بنيادن تي ٿيندڙ چونڊن لاء جلوسن ڪڍڻ کان سواء ورڪ ڪري سگهندا. *************** {13 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 13 جنوري 1914ع شاعر اڌارام اڌاس جو جنم ڏينهن آهي. 13 جنوري 1929ع موسيقار، گلوڪار، اداڪار ۽ شاعر گورڌن ڀارتي جو جنم ڏينهن آهي۔ 13 جنوري 1936ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر موتي رام جوتواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 13 جنوري 1942ع شاعر عرس اظهر سولنگئ جو جنم ڏينهن آهي۔ 13 جنوري 1952ع ليکڪ عادل سومري جو جنم ڏينهن آهي۔ 13 جنوري 1953ع شاعر محمد صادق محرم جو جنم ڏينهن آهي. 13 جنوري 1958ع تعليمدان ۽ انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻ پروفيسر بدر سومروجي پيدائش ٿي. 13 جنوري 1961ع اسٽيج ڊائريڪٽر جڳديش شهدادپوري (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 13 جنوري 1976ع ليکڪ مور مغيري جو جنم ڏينهن آهي. 13 جنوري 1977ع شاعره صدف ابڙو جو جنم ڏينهن آهي۔ 13 جنوري 1980ع شاعر ادا قربان سومرو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 13 جنوري 1851ع بزرگ خليفي محمود جو انتقال ٿيو. 13 جنوري 1896ع پير احسان الله شاهه راشدي جي وفات ٿي. 13 جنوري 1964ع سياستدان مير علينواز ٽالپر جي وفات ٿي. 13 جنوري 2003ع اديب ۽ مصنف ابنِ حيات پهنور جي وفات ٿي. 1. GOOD WISH: Dr.Pathan wishes you Good Night. [Nothing belong to you. Neither life, nor health & wealth. You are love, but not hatred . You are peace, but not violence. It is your status, identification & beauty. Dear! Play your role. Share your vision & wisdom, promote love & beaty and beutify hearts & minds, please] تون آھین امانت عشق جي، عشق امانت توء، نہ ھئ حیاتي تنھنجي، نہ ئي سر آھ سندوء، تون دعا دوا دردن جي پرين پاڻ نہ ايئن لوء, پرین ! تون پوء، ڇو لنوائین سرت سلام کان؟ *************** 2. EVENTS from history: 1846: It took three months to decide that either English School be opened at Hyderabad, or at Karachi. The Council of Education decides in favor of Hyderabad. 1932: An Act is promulgated to give powers of Summary Court to all the First Class Magistrates of Sindh. It was to give tough time to Congress and other affiliated parties. 1942: The stage is set to hold Muslim League Conference at Kambar. Shaikh Abdul Majeed Sindhi is requested to preside. 1963: ‘Pakistan National Trust’ is set up to promote an Islamic outlook as desired by the Government. Most important change is suggested in Dress. 1969: Now it is time to hit for some reasons, no problem, if in past attachment was there. Gen ® Azam Khan, while addressing Hyderabad Bar terms the Constitution of 1962 as against the ideology of Pakistan and aspiration of people. 1972: Pakistan snaps diplomatic ties with Bulgaria for her recognition of Bangladesh. 1985: Martial law Order is issued allowing canvassing without public meetings. Non – Party basis polls of National & Provincial assemblies are fixed on 25th & 28th respectively. 1990: Asghar Khan is not allowed/ permitted to hold political function in Karachi. 1996: General Jehangeer Karamat takes over as army chief on the retirement of General Abdul Waheed Kakar.

No comments:

Post a Comment