Tuesday 24 January 2023

Sindh in history today 925th January). By.Dr.Pathan

25th January SINDH in history today & My Good Day Wish. *************** [ڪجھ اهم واقعا] *************** 25.1.1840: ڪرنل پاٽينجر 1832 کان سنڌ ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ رهيو ۽ هن پهرين جنورئ 1840 تي استعيفا ڏني ته سندس جاء تي ڪئپٽن آوٽرام کي ڏکڻ سنڌ جو پوليٽيڪل ايجنٽ بڻايو ويو. پاٽينجر اڄ آئوٽرام کي خط لکي کيس صلاحون ۽ هدايتون ڏيون ته حيدرآباد ۾ هو ڪيئن سفارتڪارئ جو ڪم هلائي. 25.1.1840: فرنگي سرڪار سرڪيولر جاري ڪيو ته اسان جا واپاري جيڪڏهن لاپرواهي ڪندا ۽ هنن کي لٽيو ڦريو ويو ته سنڌ حڪمران ان جو معاوضو نه ڏيندا. ان ڪري واپاري پاڻ ۽ سامان بچائڻ جا پاڻ ذميوار ٿين. 25.1.1847: سنڌ سرڪار ڪڇ واري پوليٽيڪل ايجنٽ کي اطلاع ڪيو ته سنڌ ۾ ”ڪمپني روپيو" هلايو ويو آھي ۽ هن کان پوء ڪڇ وارا انھئ روپيئي ۾ ئي لين دين ڪندا. 25.1.1923: "سنڌ پراونشل خلافت ڪميٽئ" جي سيٺ حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ڪراچئ ۾ گڏجاڻي ٿي. ان ۾ فيصلا ڪيا ويا ته: 1). 20 مئي تائين سموريون ضلعي ڪميٽيون ٻه هزار والنٽيئرس/رضاڪار ۽ پنجاه هزار روپيا گڏ ڪن ۽ چار آنا ڏيندڙ پنجاه هزار ميمبر بڻايا وڃن ته جيئن سول نافرمانئ واري تحريڪ ڪاميابئ سان هلائي سگهجي, 2). پرڏيهي مال ۽ سامان جي بائڪاٽ کي هٿي ڏني وڃي, 3). پروفيسر جهمٽمل جي جيل وڃڻ ڪري سندس جاء تي ڊاڪٽر وطڻمل کي آل انڊيا خلافت ڪميٽئ جي ورڪنگ ڪميٽئ جي ميبر طور نامزد ڪيو وڃي. 25.1.1962: پاڪستان آمريڪي صدر جي اها صلاح مڃي ته "ورلڊ بينڪ" کي پاڪستان انڊيا سان منجهيل مامرن ۽ ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙ/امين طور به ڪم آڻي. [مطلب ته ڏوڪڙ وٺبا ته انھن جا ٻوڪڙ به ٻڌبا ۽ مڃبا]. 25.1.1969: ايوبي آزار مان جند ڇڏائڻ لاء سندس خلاف وڏن شھرن ۾ وڏا جلوس نڪتا. ڪيترن شھرن ۾ ڪرفيو لڳايو ويو 25.1.1970: 80 ملين روپيا قرض وٺڻ لاء پاڪستان ۽ "انٽرنئشنل ڊيولپينٽ [AID] وچ ۾ ٺاه ٿيو. ڪنهن سنڌ جي اقتصادي ماهر انھئ موضوع تي ڪتاب لکڻ گهرجي ته ٻئ دنيا کان ورتل سموري قرض ۽ امداد مان سنڌ کي ڪيترو مليو. 25.1.1977: مولانا جان محمد عباسئ اليڪشن ڪميشن وٽ ذوالفقار علي ڀٽي جي با مقابلي چونڊجي اچڻ خلاف اپيل داخل ڪئي. 25.1.1994: وزير اعظم بينظير ڀٽي اسلام آباد ۾ پهرين "وومين پوليس اسٽيشن" جو افتتاح ڪيو. 25.1.1995: ڪراچئ ۾ ٿيل هنگامن ۾ 10 ماڻھون مري ويا. *************** {25 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 25 جنوري 1885ع ليکڪ ۽ تعليمي ماهر لالچند امرڏنو مل جڳتياڻئ جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1922ع سياستدان پنڊت ڀڳوانداس شاستري (حيدرآباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1939ع شاعر علي حسن معروف (رتوديرو) جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1942ع تعليمي ماهر فضل محمد ڀٽي (ڳڙهي ياسين) جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1945ع ليکڪ ۽ شاعر انور پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1948 سفرنامن جو نامياري ليکڪ الطاف شيخ جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. 25 جنوري 1957ع صحافي ۽ شاعر ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1959ع ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اڪبر سومرو(ٽنڊو الهيار) جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1966ع سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳي الهڏنو خاصخيلئ جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1969ع شاعر زاهد گُل سولنگي (سيٺارجا) جو جنم ڏينهن آهي. 25 جنوري 1971ع شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ذوالفقار ڪانڌڙو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 25 جنوري 1996ع سياستدان حاجي غلام حسين انڙ(علي آباد) لاڏاڻو ڪري ويو. 25 جنوري 2003ع سماجي ورڪر حاجي يار محمد صدر (هالا) جي وفات ٿي. 25 جنوري 2007ع شاعر، ليکڪ ۽ صحافي امير بخاري(گهوٽڪي) جي وفات ٿي. 25 جنوري 2009ع ملڪ جي مشهور آرڪيالاجسٽ احمد حسن دانئ جو انتقال ٿيو. 1.Good Day Wish: Dear! Good Day. [Obviously we are equal but, our approaches & attitudes and response & reciprocal make us near & dear or keep us at arm's distance. It defines & determines our love & beauty, vision & wisdom] ڪن جو اسم جسم جوت، بلڪل جوھر ۽ جادو جیان اثر، ڪي وجود ڍونڍ مثل، سندن سوچن لوچن منجھ زھر، ڪي پیار خلوص وفا جو، جیئن ڪو سمنڊ ھجن يا بحر، پر اسان جو آھي ثمر، محبت سرت سڪ سلام سندو. *************** 2. SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY (25th JANUARY) Events: 1839: Lieutenant Postans is appointed as Assistant Political Resident, Upper Sindh. 1847: Government of India orders for circulation of the Company’s rupees in Sindh. 1858: 500 bigas Jageer that was taken from ghulam Mustafa Laghari of Taluka Matiari, in misapprehension is re granted to him. 1923: Seth Khilafat Committee, in its meeting bheld under chairmanship of Seth Haji Abdullah Haroon asks its branches to collect 50 thousand rupees, enrole 50 thousand new members and select 2000 volunteers for making the Non – Co –Operation Movement success. 1951; hussain Shaheed suhrwardi and Iftkhar Mamdot announce the merger of Awami League and Jinnah Muslim League. 1961: Jet runway at Karachi Airport is inaugurated. 1962: Pakistan accepts U.S President’s suggestion that World Bank President should serve as mediator in the Kashmir dispute. It is beginning of the political influence of the World Bank in Pakistan. 1969: Curfew is imposed in some cities of East and West Pakistan. Some demonstrators are killed in police firing. People are determined to get rid of Ayub – Government. 1971: Pakistan Governments declares First Secretary of Indian High commission in Islamabad as ‘Persona non – granta’ and orders him to leave Pakistan within 48 hours. 1972: Wali Khan criticizes continuation of martial law and postponement of National Assembly session. 1977: Bhutto’s unopposed election is challenged in the Election Commission. Moulana Jan Muhammad Abbasi’s appeal is accepted. 1979: No mercy plea by Z.A.Bhutto or his family, declares Begum Nusrat Bhutto. 1995: Ten die in ethnic violence in Karachi.

No comments:

Post a Comment