Wednesday 25 January 2023

Sindh in history today (26th January). By. Dr.Pathan

26th January SINDH in history today & My Good Day Wish *************** توجه طلبيندڙ واقعا *************** 26.1.1832: انگريزن اڃا سنڌ ۾ پير ئي مس کوڙيو آھي جو پنهنجون شيطان گيريون شروع ڪيائون. جڏهن ملڪ ڌڻي ۽ ماڻھون ڌارين تي ڪرڙي نظر نه رکندا آھن ته غيرن کي ملڪ خلاف ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو آھي. اڄ ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت سنڌ ۾ موجود پنهنجي ڪارندي ڊلهوسٽ کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ جي جاگرافئ جو ڀرپور جائزو وٺ. ڇو ته تنھنجي اها معلومات اسان جي فوج کي ڪم ايندي. 26.1.1920: حيدرآباد مان شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي ايڊيٽرئ ۾ ھفتيوار "الامين" اخبار نڪرندي هئي. اڄ ان ۾ سنڌ جي عالمن طرفان جاري ڪيل فتوا شايع ٿي, جنهن ۾ چيو ويو هو ته اهي ماڻھن, جن فرنگي سرڪار طرفان ترڪئ تي شرط مڙھڻ ۽ ترڪئ کي شڪست ڏين جي خوشئ ۾ ملهايل "جشن فتح" ۾ شريڪ ٿيا, انھن کان اهو گناه ٿيو آھي ۽ توبه تائب ڪري رب کان معافي وٺن ۽ پڪو په ڪن ته اڳتي اهڙو گناه نه ڪندا. جيڪو معافي نه وٺي, ان سان سماجي ناتو ٽوڙيو وڃي. [دوست چون ٿا ته تاريخ ڇو پڙھجي. پر تاريخ پڙھڻ مان پتو پئي ٿو ته غيرن جي مدد ڪرڻ ۽ سندن وفاداري ڪرڻ گناه آھي ۽ اسان جي وڏڙن وطن-دوستئ جا اهڙا سبق ڏنا آھن, جيڪي تاريخ ۾ موجود آھن] 26.1.1930: ڪانگريس جي سڏ تي سنڌ ۾ ”آزادئ جو ڏينھن" ملهايو ويو. پرڀات کان ايندڙ رات تائين گشت ڪڍيا ويا, گڏجاڻيون ڪيون ويون ۽ فيصلو ڪيو ويو ته انگريزن کان آزادي وٺبي. 26.1.1932: "سنڌي سڌار سوسائٽئ" مشاعرن ۾ هڪ نواڻ آندي. ڪا مصرع طرح ڏيڻ بدران موضوع ڏنو ويندو هو ته شاعر ان تي شعر لکن. اڄ هن سوسائٽئ طرفان ڪراچئ جي ڊي.جي.ڪاليج ۾ مير ايوب جي صدارت ۾ مشاعرو ٿيو, جنهن جو موضوع "وطن جي حب" هئي. [سنڌي شاعرن 1932 ۾ عوام کي وطن جي حب جا درس ڏئي آزادئ جي تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو] 26.1.1933: ڪراچئ ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي, جنهن ۾ سنڌي هندن اهو ٺھراء پاس ڪيو ته سنڌ کي ممبئي پرڳڻي کان الڳ نه ڪريو. 26.1.1937: "الوحيد" اخبار سنڌ اسيمبلئ جي چونڊ-مهم ۾ حصو وٺندي, سر شاهنواز ڀٽي جي سياسي روين جي شديد مخالفت ڪئي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي سياسي ڪردار کي واکاڻيو. ٻئي لاڙڪاڻي جي ساڳي تڪ مان چونڊ وڙھي رهيا هئا. ياد رهي ته شيخ عبدالمجيد پنهنجي حريف سر شاهنواز ڀٽي کي سندس ئي تڪ ۾ شڪست ڏني.[اسان جا قوم پرست اهڙين روايتن کي قائم رکڻ ۾ ناڪام ويا آھن. انھن نه رڳو ڪنهن نالي واري وفاق پرست سياستدان کي شڪست نه ڏني آھي, پر چونڊن ۾ شڪست کاڌي آھي. اهڙا "ايشيا جا اڳواڻ" سڏائيندڙ پنهنجئ يونئين ڪائونسل مان به کٽي نه سگهيا آھن. هن گنڀير مسئلي تي اسان سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي] 26.1.1965: ڍاڪا ۾ ملڪ جي مخالف ڌر جي سياستدانن ٻن ڏينھن واري ويهڪ کان پوء ”ڪمبائينڊ آپوزيشن پارٽيز" نالي اتحاد قائم ڪيو. 26.1.1972: اڄ روس بنگلاديش کي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ طور تسليم ڪيو. 26.1.1991: ڄام ساقئ اڄ ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪڍيل طويل جلوس سان سڪرنڊ پهچي پنهنجئ تقرير ۾ چيو ته ڪالاباغ جي اڏاوت سنڌ کي رڃ ڪرڻ برابر آھي. ************** ڏينهن 26 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 26 جنوري 1925ع ليکڪ ڪيولرام نارسنگهاڻي (گمبٽ / کنڊاوا) جو جنم ڏينهن آهي. 26 جنوري 1926ع ليکڪ سلامت راء پارواڻي (سنڌ / الهاس نگر)جو جنم ڏينهن آهي. 26 جنوري 1926ع ليکڪ مير محمد نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي. 26 جنوري 1936ع ليکڪ قيمت راء هري سنگهاڻي (ڪراچي / ڀوپال) جو جنم ڏينهن آهي. 26 جنوري 1959ع شاعره روشن تبسم ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 26 جنوري 1945ع اردو ۽ پنجابي جي شاعر احمد سليمجو جنم ڏينهن آهي. 26 جنوري 1966ع شاعر حفيظ الله حامي جو جنم ڏينهن آهي. 26 جنوري 1973ع شاعر ساجن سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 26 جنوري 1879ع صوفي شاعر حمل فقير لغاري جي وفات ٿي. 26 جنوري 1912ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد يعقوب حاجاڻو لاڏاڻو ڪري ويو. 26 جنوري 1965ع سياستدان آغا بدرالدين دراني(شڪارپور) جو انتقال ٿيو. 26 جنوري 1969ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد ڪڇي لاڏاڻو ڪري ويو. 26 جنوري 1976ع آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن حاتم علوي جو لاڏاڻو ٿيو. 26 جنوري 1982ع ليکڪ منير ماڻڪ(نوشهرو فيروز) جو انتقال ٿيو. 26 جنوري 1988ع سائنسسدان ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي جو انتقال ٿيو. 26 جنوري 1998ع سماٽ تنظيم جي باني بهاول خان انڙجو لاڏاڻو ٿيو. 26 جنوري 2003ع مشهور جرمن اسڪالر ۽ لطيف تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر اينيميري شمل جو انتقال ٿيو 1. Good Day Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ You are a nice person, if you love and respect everybody without discrimination. But, you are most lucky and second to none, if anybody is loving you. It will be a great recognition & respect of your golden heart and loving soul. If you are owner of vision & wisdom, love & beauty, believe that I will be always at your door alongwith my sincerity & sacrifice and trust & hope at my command.] چاهت هجئي لکن سان پر توکي ڪو هڪ ئي چاهي اها ڳاله وڏي آھي, تون تونگر چئبين دنيا جو اگر ڪو ئي ٿو تن من سان تنهنجو سڏائي, جنهن وٽ سوغات سونهن سرت ۽ سلام جي سو ڀلي پاڻ پڏاائي, پوء لاهي پاهي دل لڳائي, دنيا کي ٻڌائي هلجي در ان دوست جي. *************** 2. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (26th JANUARY) 1832: Dr. DlHoste is directed by the Government of India to extend acquaintance with the geography of Sindh as the information collected by him will be very useful for military purpose. 1920: Al –Amin, weekly of Hyderabad, edited by Shaikh Abdul Majeed Sindhi, carries Farwa (religious Ruling) issued by Sindhi Ulema. In this Fatwa, those people, who participated in Victory celebrations organized by the Government from 12th November to 16th November 1919, are asked to tender their apology before people and Allah and make promise that they will not repeat such type of mistake again and will not cooperate with Government and its anti – Islam policy. Otherwise, it will be political and religious duty of people to boycott them socially. 1930; Sindh observe ‘Azadi (Freedom) Day’. The call was made by the Congress. 1932: Poetic sitting is held by ‘Sindhi Sudhar Society’ in D.J.Sindh college of Karachi. It is presided over by Mir Ayoob Khan. New trend is set by Sindhi Sudhar Society as poets are given topic (Love for Motherland) to poets for composing their poetry, to be presented in the Mushaira (Poetic Sitting). 1933: Sindh Hindu Conference is held at Karachi. The separation of Sindh from Bombay Presidency is opposed. 1937: Al – Wahid, Daily of Karachi, criticized Sir Shahnawaz Bhutto and his political contribution and praises Shaikh Abdul Majeed Sindhi and his services for Sindh. Both are facing each other in election from the same constituency of Larkano. Shaikh Abdul Majeed Sindhi defeated Sir Shahnawaz Bhutto in his home district and constituency. 1943: The Indian National Congress issues an appeal to the people for celebrating ‘Independence Day’ in befitting manner and asks people to destroy the usurper’s authority and establish Republic of India Sindh Congress takes active part in celebrating the Day. 1965: After two – day sit in in Dhaka, joint conference is held by the opposition parties related to COP (Combined Opposition Parties). It is decided to participate in elections. 1972: USSR recognizes Bangladesh. 1991: Jam Saqi while addressing public meeting at Sakrand opposed the construction of Kalabagh Dam and terms it as conspiracy to ruin Sindh.

No comments:

Post a Comment