Wednesday 1 February 2023

Sindh in history today (2nd February). By.Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) in history today [2nd February] and My Good Wish. *************** سنڌ جي واقعاتي تاريخ: [توجھ طلب واقعا] 2.2.1855: انگريزن پنهنجئ سرڪار جي ڪم ڪار هلائڻ لاء سنڌي ماڻھن کي تعليم ڏيڻ جي شروعات ڪئي هئي ته جيئن انهن مان منشي, ڪلارڪ ۽ ھيٺين طبقي جا ملازم پيدا ڪري سگهجن. پر ياد رکڻ جي ڳالھ اها آھي ته عوام کي تعليمي سهولتون ڏيڻ کان اڳ سرڪار سردارن ۽ جاگيردارن جي اولاد کي تعليم ڏيڻ جا قدم کنيا ته جيئن سنڌ جي اپر ڪلاس مان وفادار ۽ مغربي تهذيب جا عاشق پيدا ڪري سگهي. ممبئ سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي انھئ موضوع تي هدايتون ۽ سرڪيولر ڏياري موڪليا. 2.2.1912: برطانيه جو شاهي گهراڻو هندستان جو دورو ڪري موٽي ويو ته اسان جي وڏڙن کي ان جي ٿورن مڃڻ جو موقعو ملي ويو. ڪراچئ ۾ سيٺ ھرچندراء جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ڪيترن سياستدانن شرڪت ڪئي. 2.2.1912: سنڌ ۾ جديد ناٽڪن ۽ ناٽڪ منڊلين جو بنياد انگريز فوجين رکيو. انھئ کان پوء ڏيهي ماڻھن ناٽڪ منڊليون قائم ڪيون. ڪراچئ ۾ فرنگين جي " دي ڪراچي اميچوئر ڊراماٽڪ ڪلب" هوندي هئي. اڄ ان طرفان Facing the music ڊرامو اسٽيج ڪيو ويو. 2.2.1931: شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي اڳواڻئ ۾ هم خيال مسلمان سياستدانن جي ڪراچئ ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ "سنڌ آزاد پارٽي" ٺاهي وئي ته جيئن سنڌ کي صوبائي حيثيت وٺي ڏيڻ بابت سجاڳي پيدا ڪري تحريڪ هلائجي. انھئ اڄ قائم ڪيل پارٽئ لاء حاجي مير محمد بلوچ کي صدر, محمد رمضان کي سيڪريٽري ۽ حاجي علي محمد آخوند کي خزانچي بڻايو ويو. [ياد رهي ته سنڌ ۾ ڪيتريون ئي شاخون کليون, پر هن پارٽئ جي قيام ۽ ڪارڪدگئ تي جوڳي تحقيق نه ٿي آھي. پارٽئ, ان جي شاخن بابت مواد ۽ معلومات گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.]. 2.2.1934: اڄ "سنڌ آزاد ڪانفرنس" جي ورڪنگ ڪميٽئ جي ميران محمد شاه "ڊو ڪميٽئ" اڳيان سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ ميمورنڊم پيش ڪيو.[ڊو ڪميٽئ جي ڪاروائئ جي رپورٽ گل حيات ۾ موجود آھي] 2.2.1935: محمد ايوب کهڙي جي تحرڪ سان لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ٺھراء پاس ڪري قمبر جي تعلقي لوڪلبورڊ کي مبارڪون ڏنيون جو انهئ بورڊ گوري گورنر جي لاڙڪاڻي واري دوري وقت پنهنجي تر جو رستو ٺھرائي ورتو. [ان مان اسان جي سنڌي سياستدانن جي انگريز-دوستئ جي نفسيات جي خبر پئي ٿي.] 2.2.1952: پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ پاڪستان کي 10 ملين ڊالر ڏيڻ بابت معاهدي تي دستخط ڪيا ويا. [پاڪستان کي شروع کان جيڪي امدادون ۽ قرض مليا, انھن تي وڌيڪ تحقيق ٿيڻ گهرجي ته انھئ مان هر ڪنهن صوبي کي ڪيترو حصو يا فائدو مليو يا وياج سميت ڏوڪڙ موٽائڻ لاء صوبن ڌتي ڪيترو بار پيو.] 2.2.1971: ڪشميري هائجيڪرن طرفان انڊيا جو جهاز ڀڄائي لاهور ۾ آڻي تباه ڪرڻ تي انڊيا شديد ردعمل ڏيکاريو ۽ سڄي واقعي لاء پاڪستان کي ذميوار قرار ڏنو. پاڪستان جي فوجي جهازن کي انڊيا جي سرحدن مان گذرڻ تي پابندي مڙھي ڇڏي. [هن سان تنھن وقت جي اوڀر پاڪستان ڏانھن فوجي رسائي ناممڪن ٿي پئي] 2.2.1978: ضياء الحق جي مارشلا حڪومت ذوالفقار علي ڀٽي خلاف چونڊن ۾ ڌاڌلي ڪرڻ ۽ سرڪاري ڏوڪڙ کپائڻ جي الزامن هيٺ وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا. 2.2.1995: سنڌ گريجوئيٽس ٽنڊوالهيار طرفان "مصري شاه سيمينار" ڪوٺايو ويو, جنهن جي صدارت سيد مرتضا ڏاڏاهئ ڪئي. 2.2.1996: سنڌي ادبي سنگت, رستم شاخ جي نئين باڊي چونڊي وئي, جنهن ۾ شاد شريف کي سيڪريٽري, واحد ڪلهوڙي کي جوائنٽ سيڪريٽري, گوهر سنڌئ کي خزانچي ۽ مشتاق سومري کي آڊيٽر چونڊيو ويو. گذريل سال هن شاخ هڪ سال ۾ 3 دستوري گڏجاڻيون, 2 ڪاروباري ڪميٽئ جا اجلاس, هڪ تعزيتي ميڙاڪو (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌئ هي وفات تي) ۽ وسيم سومري سان رهاڻ جو اهتمام ڪيو. *************** 2 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهورشخصيتون *************** جنم ڏينهن: 2 فيبروري 1901ع سماج سڌارڪ ۽ شاعر سيد علي اڪبر شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 2 فيبروري 1914ع اسڪالر غلام حسين جلباڻي جو جنم ڏينهن آهي. 2 فيبروري 1939ع ليکڪ ادا قاضي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 2 فيبروري 1942ع صحافي نور حسين بلوچ جو جنم ڏينهن آهي. 2 فيبروري 1943ع ليکڪ نثار حسيني (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 2 فيبروري 1944ع صحافي حسام سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 2 فيبروري 1948ع صحافي مشتاق آرائين جو جنم ڏينهن آهي. 2 فيبروري 1950ع شاعر شاهه محمد شاهن (باڊهه) جو جنم ڏينهن آهي. 2 فيبروري 1950ع شاعر جمن هڪڙو جو جنم ڏينهن آهي. 2 فيبروري 1952ع ليکڪ ڪيهر شوڪت (آگاڻي) جو جنم ڏينهن آهي. 2 فيبروري 1961ع شاعر سوز جلباڻي جو جنم ڏينهن آهي. 2 فيبروري 1961ع ناول نگار ۽ ليکڪ حيدر دريا زئور جو جنم ڏينهن آهي. 2 فيبروري 1965ع صحافي زاهد نون (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 2 فيبروري 1969ع صحافي عبدالرزاق چنو (رتوديرو) جو جنم ڏينهن آهي. 2 فيبروري 1974ع شاعر سڪندر عباسي (مورو) جو جنم ڏينهن آهي. 2 فيبروري 1989ع ڪاتب نصير مغيري جو جنم ڏينهن آهي. 2 فيبروري 1995ع سڀ کان ننڍي عمر جي مائڪروسافٽ انجنيئر جو ايوارڊ ماڻيندڙ عارفه ڪريم جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 2 فيبروري 1918ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالغفور مفتون جو انتقال ٿيو. 2 فيبروري 1935ع مذهبي اسڪالر علامه غلام عمر جتوئي جو لاڏاڻو ٿيو. 2 فيبروري 1936ع شاعر ۽ صحافي محمد هاشم مخلص جو انتقال ٿيو. 2 فيبروري 1942ع شاعر هدايت الله شاه (کاهي) جو انتقال ٿيو. 2 فيبروري 1944ع ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي پهرين مسلمان ميئر قاضي خدا بخش جو انتقال ٿيو. 2 فيبروري 1991ع شاعر نور محمد نورل مري (ڪاٺوڙ) جو انتقال ٿيو. 2 فيبروري 2013ع اديب، صحافي ۽ وڪيل سراج الحق ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو. *************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [Is it not amazing that everybody claims to be the most beautiful and wisest one in the world, and in spite that he/she is in problem and is problem himself/herself?. It is because, we expect & demand for ourselves, but regret to love & respect and give & forgive others] بکیو ھر ڪو ھت برہ جو، پر سڀ ڪو حسن عقل- ڌٹي، ڪجه بہ ایئن ناھي ملٹو، جي نہ قبوليون ڳڻ اوڳڻ گڏ کٹي،‏ پوءِ ڇو ڪجي نہ ھنڌ ھٹي، معافيءَ تلافيءَ دعا سلام سان.‏ *************** EVENT from History [2nd February] 1931: The meeting of like - minded Muslim politician is held in Karachi with Shaikh Abdul Majeed in chair. The Sindh Azad Party is founded with Haji Mir Muhammad Baloch as President, Muhammad Ramzan Sidiq as Secretary and Haji Ali Muhammad Akhund as its Treasure. Later on this party played vital role in creating public awareness about the separation of Sindh from Bombay Presidency. 1934: Syed Miran Muhammad Shah, Chairman of the Working Committee of Sindh Azad Conference, submits Memorandum in favour of the Sindh separation before the Dow Committee. Dow Committee's proceedings are available with Gul Hayat Institute. 1935: Muhammad Ayub Khuhro presents resolution in the Larkana District Local Board recommending Letter of Appreciation for the president of Taluka Kambar Local Board on account of managing repair of heavy rain - damaged road to ensure the safe crossing of the Governor of Bombay on this date Dr. Pathan wishes you Good Day. [Is it not amazing that everybody claims to be the most beautiful and wisest one in the world, and in spite that he/she is in problem and is problem himself/herself?. It is because, we expect & demand for ourselves, but regret to love & respect and give & forgive others] بکیو ھر ڪو ھت برہ جو، پر سڀ ڪو حسن عقل- ڌٹي، ڪجه بہ ایئن ناھي ملٹو، جي نہ قبوليون ڳڻ اوڳڻ گڏ کٹي،‏ پوءِ ڇو ڪجي نہ ھنڌ ھٹي، معافيءَ تلافيءَ دعا سلام سان.‏ *************** EVENT from History [2nd February] 1931: The meeting of like - minded Muslim politician is held in Karachi with Shaikh Abdul Majeed in chair. The Sindh Azad Party is founded with Haji Mir Muhammad Baloch as President, Muhammad Ramzan Sidiq as Secretary and Haji Ali Muhammad Akhund as its Treasure. Later on this party played vital role in creating public awareness about the separation of Sindh from Bombay Presidency. 1934: Syed Miran Muhammad Shah, Chairman of the Working Committee of Sindh Azad Conference, submits Memorandum in favour of the Sindh separation before the Dow Committee. Dow Committee's proceedings are available with Gul Hayat Institute. 1935: Muhammad Ayub Khuhro presents resolution in the Larkana District Local Board recommending Letter of Appreciation for the president of Taluka Kambar Local Board on account of managing repair of heavy rain - damaged road to ensure the safe crossing of the Governor of Bombay on this date

No comments:

Post a Comment