Saturday 14 January 2023

Sindh in history today (15th January). By. Dr.Pathan

Sindh (including Pakistan) in history & Good Wish [15th January] اسان ڀلي ماضئ ۾ نه ٿا رهون, پر اسان جي حال ۽ حالتن جون پاڙون ماضئ ۾ کتل آھن. ان ڪري ماضئ سان اٽوٽ رشتو آھي ۽ رهندو. پنهنجي سوچن لوچن کي سمجهڻ ۽ انھن ۾ نئين جوت جلائڻ لاء ۽ حالتن کي بدلائڻ لاء ماضئ جو مطالعو ڪرڻو ئي پوندو. ماضئ کان منھن موڙڻ وارين قومن کان وقت جون حالتون منھن موڙي وينديون آھن. اچو ته حالتن جي بي رخين کان بچڻ لاء تاريخ پڙھون. مان دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ تاريخ مان 15 جنورئ جو ورق کڻي اوهان کي ڪن واقعن, ولادتن ۽ وفاتن بابت معلومات ڏيڻ آيو آھيان. *************** 15.1.1843: نيپيئر سنڌ جي سمورن ميرن ڏانھن هدايت نامو ڏياري موڪليو ته پاڻ يا پنهنجي وڪيل کي هن مهيني جي 20 تاريخ تي خيرپور ۾ پهتو ڪيو ۽ اسان جي عملدارن سان ڪانفرنس ڪري نئين معاهدي تي دستخط ڪريو. پر ياد رکو ته ڪنهن بي اختيار وڪيل کي ڪانفرنس ۾ ويهڻ نه ڏبو. 15.1.1844: گورنر جنرل اڄ سنڌ جي گورنر نيپيئر کي هدايت ڪئي ته سنڌ جي طول عرض ۾ جتي ڪٿي واپاري برادرئ جو تحفظ ڪيو وڃي. 15.1.1920 حيدرآباد ۾ ڪوٺايل "پهرين خلافت ڪانفرنس" سنڌ جي سياسي تاريخ جو وڏو واقعو آھي. هئ ڪانفرنس ٻه ڏينهن هلي هئي ۽ ان ۾ ھندن توڙي مسلمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي. هن ڪانفرنس جي صدارت مولانا غلام احمد ملڪاڻئ ڪئي هئي. حڪومت خلاف ايڏو عوامي ميڙاڪو اڳ ڪونه ٿيو هو. شيخ عبدالمجيد سنڌي انھئ زماني ۾ حيدرآباد جي هفتيوار "الامين" جو ايڊيٽر هو. هن انھئ اخبار جي اڄوڪي پرچي ۾ خلافت ڪانفرنس جوتفصيلي احوال ڏنو. 15.1.1939: اچون ته ڏسون پنهنجي وڏڙن جا ڪم. سنڌ جي فرنگي گورنر لاڙڪاڻي اچڻ جو پروگرام رٿيو. لاڙڪاڻي جي ضلعي عملدارن ۽ مڪاني ادارن جي نمائندن کي اچي ڳڻتئ ورايو ته روڊن تان لنگهندي متان گوري حاڪم جي منھن ۾ ڌوڙ نه پئي, ان ڪري 15 جنورئ کان 5 فيبرورئ تائين ڏينھن رات پورا ويه ڏينھن روڊن رستن جي صفائي ڪرايائون ۽ مٿاهن گاه,پلال ۽ ڏير وجهرايائون. ميروخان تعلقي جي مقدم محمود ۽ لاڙڪاڻي تعلقي جي بيلدار جو ڪم مڪاني ادارن جي عملدارن ميبرن کي وڻيو ۽ کين جنوري فيبروري مهينن جي پگهار ۾ ٻه روپيا اسپيشل الئونس ڏنائون. هاڻي ته گورنرن وزيرن کي ڪو کنگهي به نه ٿو, پر گوري انگريز گورنر لاء اسان جي وڏڙن ويه ڏينھن روڊ ٻھاريا. 15.1.1979: ملڪ جي مارشلائي حڪومت ذوالفقار علي ڀٽي خلاف "وائيٽ پيپر" جا ٽي جلد ڇپائي پڌرا ڪيا. کيس ڦاهئ تي چاڙھڻ جا ڏينهن مٿان اچي پيا هئا. ان ڪري عوام کي مڃرائڻو هو ته ڀٽي ملڪ جي ڀينگ ڪئي آھي. 15.1.1987: دهشتگردن ڪراچئ ۽ حيدرآباد ۾ رڻ ٻاري ڏنو. چار ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. ٻنھي شھرن ۾ فوج گهرائي وئي. 15.1.1995: ورلڊ بئنڪ جي مريدي آڳاٽي آھي. اڄ پاڪستان کي 490 ملين ڊالر ڏيڻ جو وعدو ڪيائين. پر مون کي ڪو سنڌ جو اقتصادي ماهر اهو نه ٻڌائيندو ته شروع کان ملڪ ڪيترا ڏوڪڙ ورتا ۽ انهئ ٻوڙ مان ڪو سنڌ کي رهو به مليو يا نه. *************** {15 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 15 جنوري 1885ع شاعر جمعي خان غريب جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1902ع سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قاضي فضل الله جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1910ع صحافي عبدالغفور سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1916ع شاعر امان الله مفلح جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1918ع مصر جي اڳوڻي صدر جمال عبد الناصرجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جنوري 1925ع ليکڪ ڊاڪٽر سيد محمد صالح شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1930ع گلوڪار ۽ شاعر حسين بخش خادم جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1933ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام قادر سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1934ع شاعر بهارو بي وطن جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1934ع مشهور قومي شاعر ابراهيم منشئ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1936ع صداڪار ۽ اداڪار غفار ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1937ع سگهڙ ميوو چانگ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1938ع مشهور قانوندان ۽ اڳوڻي سينيٽر سيد حسين شاهه راشدئ جي پيدائش ٿي. 15 جنوري 1940ع شاعر عزيز ڳاڙهوي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1947ع آرٽسٽ ميول نيونند رام آهوجا جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1951ع شاعر سائل ناشاد جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1951ع تعليمي ماهر تهمينه سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1953ع شاعر حاتم لانگاهه جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1954 ليکڪا ۽ پروفيسر مهرالنساء لاڙڪ جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. 15 جنوري 1955ع صحافي محمد حيات شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1958ع اداڪاره شبيران چنا جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1959ع ليکڪ منصور اداس ٿلهو جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1961ع ليکڪ، شاعر ۽ استاد محمد مٺل جسڪاڻئ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1962ع ليکڪ ۽ شاعر سيد زوار نقوي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1962ع ليکڪ سيف قاضي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1963ع شاعره پشپا ولڀ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1967 ٽنڊي باگي جي شاعر صابر شيدئ جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. 15 جنوري 1970ع شاعر امداد جعفرئ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1970ع صحافي همسفر گاڏهي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1971 شاعره شمس مارئي جي جنم جي تاريخ آھي. 15 جنوري 1973ع صحافي بابر منير قاضي (ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي 15 جنوري 1984 شاعر حاتم لانگاه جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. [وڇوڙو:] 15 جنوري 1873ع صوفي شاعر ۽ بزرگ فقير قادر بخش بيدل جي وفات ٿي 15 جنوري 1957ع شاعر غلام حيدر ڪوثري جي وفات ٿي. 15 جنوري 1972ع شاعر الهه بخش سرشار عقيلي جي وفات ٿي. 1.Dr.Pathan wishes you Good Day: [When your act of love and respect start creating selfishness, ego and hypocrisy in other hearts, believe that you are misusing human values and also you will be misused for interests of other minds. Neither you will be accepted, nor respected accordingly. You will not be responded and reciprocated properly. Change the place and change the people. Time, place and circumstances are not supporting you to share and promote love & beauty, sincerity & sacrifice and vision & wisdom ] محبت نسبت خدمت وجهي جي خانن کي کاري، اھي ماڳ اھي ماٹھون ڇڏجن دل تان وساري، قدر نہ ڪن پنھنجو سي ڇڏن در تان ڌڪاري، متان رويا ساري، ویھین وساري سون سلام کي. 2. Events from history: 1856: British Government while granting Jageers used to fix 4 to 5 per cent tax. But, gave favor to trust – worthy Jagerdars. For this purpose ‘rent – free tenures system’ is introduced and some Jagerdars are allowed not to pay tax for some specific period. 1920: Shaikh Abdul Majeed Sindhi is the editor of Al - Amin of Hyderabad, and today he makes the paper as historic document. The said Newspaper carries details about the 1st Sindh Khilafat Conference held at Hyderabad.  1941: Dokri Muslim League demands the appointment of Dr. Daudpoto as Director of Public Instructions (D.P.I = Education) on permanent basis. The meeting also congratulates Mir Bandah Ali Khan on his joining Muslim League. 1948: The U.N. Security Council begins debate on Kashmir issue. India presents her view point today. 1956: The P.I.D.C’s Rs 17 million Zeal Pak Cement Factory, Hyderabad, goes into production. 1963: Z.A.Bhutto reaches New Delhi for holding ministerial level talks on Kashmir and other issues with India. 1979: Three volumes of ‘White Paper’ on and against Bhutto are released. Minds are masses are being prepared to listen and accept a BIG NEWS in near future. 1987: Troops are called out in Hyderabad, Curfew is imposed in Karachi. Both cities become Burning spots. Judicial inquiry into violence incidents is ordered. 1991: Protest rallies are held in Pakistan against presence of U.S forces in the Gulf.

No comments:

Post a Comment