Tuesday 10 January 2023

Sindh in history today (11th January). By.Dr.Pathan

11th January. Sindh (including Pakistan) in History today. ************* 11.1.1841: آئوٽرام اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط لکي حيدرآبادي حڪمرانن جي بااعتماد عملدارن تي ڇوه ڇنڊيا آھن. انھن عملدارن جو تعلق سيد گهراڻي سان آھي. آئوٽرام سيد اسماعيل شاه, سيد سليمان شاه ۽ انھئ گهراڻي جي ٻين سيدن جا نالا وٺي لکيو آھي ته مير انھن کي گورنر (شڪارپور ) جا عهدا به ڏين ٿا ۽ انھن کان سفارتڪارئ جو ڪم به وٺن ٿا. انھن سيدن ميرن ۽ اسان ۾ افهام تفهيم پيدا ڪرڻ بدران, پنهنجي من مستي ڪري حالتن کي خراب ڪيو آھي. انھن کي سزا ملڻ گهرجي. 11.1.1843: ميرپور ماٿيلي ۾ مير رستم خان ۽ مير نصير خان خيرپورئ جي 1200 ماڻھن ديوان املراء, احمد علي خدمتگار ۽ بخش علي خدمتگار جي سربراهئ ۾ مير علي مراد خان جي ماڻھن سان خوني جهڙپ ڪئي ۽ نتيجي ۾ وڏي خونريزي ٿي. هن طرف خيرپور مان جيڪي نيپيئر جي ڊپ کان گهر خالي ڪري ويا هئا, مير علي مراد انھن جي لٽ ڪرائي. خيرپوري ميرن جي باهمي اختلاف مان فرنگين وڏو فائدو ورتو ۽ فرنگي ڪنهن حد تائين گهرو ويڙھ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا. 11.1.1843: نيپيئر امام ڳڙھ جي قلعي کي دڦ ڪرڻ کان پوء گورنر جنرل کي خط لکي ٻٽاڪون هنيون ته مون انگريز-دشمنن جو هڪ مضبوط قلعو تباھ ڪري, کين پنهنجي طاقت جو احساس ڏياريو. نيپيئر جو اهو ڪوڙو موقوف هو ۽ سندس سرڪار کي انهئ ڊاڙ جي پوء خبر پئي. امام ڳڙھ قلعي ڊاهڻ جو ڪو جواز ڪونه هو. خيرپوري مير انھئ قلعي کي انگريزن خلاف استعمال ڪرڻ جو سوچي به نه پيا سگهن. هو نيپيئر جي ڊپ کان ريگستان طرف ڀڄي وڃي لڪيا هئا. پوء امام ڳڙھ جو قلعو ڪيئن ٿي جنگي محاذ طور ڪم آڻن. 11.1.1923: جيڪب آباد, جنھن کي اڳ خانڳڙھ چئبو هو, تنھن شهر ۽ ضلعي جي هڪ شاندار تاريخ آھي. انگريزن هتي "گهوڙن جي ڊوڙ“ جو رواج وڌو. هتي جابلو قبلا ڦرلٽ لاء آيا, پر سنڌ جي محبت ۾ پاڻ لٽائي سنڌي ٿي ويا. هتي وڏيون وڏيون سياسي ڪانفرنسون ٿيون. خلافت تحريڪ هتان جي سياسي ماحول کي گرمائي رکيو. ڪيترا خلافتي حڪومت جي ڏاڍ ڏمر جو نشانو به ٿيا. اڄ ھن شھر ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنس" ٿي. انھئ موقعي تي جان محمد جوڻيجي سرڪاري لقب ڦٽا ڪيا هئا. 11.1.1930: دادو ضلعي ٺھڻ تائين جي.ايم. سيد جو سن ڪراچي ڪليٽوريٽ ۾ شامل هو. ان ڪري سنڌ جو هي منفرد سياستدان ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو مک ٿيو. انھئ زماني ۾ ھن مختلف قسمن جون ڪيتريون ڪانفرنسون ڪوٺرايو, يا انهن ۾ ڪليدي رول ادا ڪيو. اڄ سندس ڪوششن سان ڪراچي ضلعي جي چوپائي مال جي بهترئ لاء ضلعي جي مالدارن جي ڪانفرنس ٿي,جنھن جي صدارت مير محمد بلوچ ڪئي. ان لاء ھتي هڪ جماعت به جوڙي وئي. ياد رهي ته انگريز سرڪار جانورن تي رحمدلي ڪرڻ ۽ انھن جي بچاء لاء گهڻو اڳ قانون سازي به ڪئي هئي ۽ تنظيمون به ٺاهيون هيون. ڪراچئ واري جوپائي مال واري ڪانفرنس جو مطالعو انھئ پس منظر ۾ ئي ڪري سگهجي ٿو. 11.1.1931: هن سال ڪانگريس حڪومت کي ۽ حڪومت وري ڪانگريس کي ڏينھن جا تارا ڏيکاريا. اڄ ڪراچئ جي رام باغ (هاڻي آرام باغ) ۾ ڪانگريسين جو جلسو هلي رهيو هو ته مٿن اچي پوليس ڪڙڪي. پوليس ڪانگريسين کي لٺيون هڻي ڏيڍ سو ماڻھون زخمي ڪيا ۽ ڇٽيھ ڪانگريسن کي گرفتار ڪيو. 11.1.1946: سنڌ مسلم ليگ جي عارضي صدر محمد هاشم گذدر بيان جاري ڪيو ته جي.ايم.سيد کي مسلم ليگ جي سڀني عهدن تان خارج ڪيو ويو آھي. ان ڪري هن ايندڙ اليڪشن لاء جيڪي 12 اميدوار بهاريا آھن, انھن کي مسلم ليگ جي ڪا به پٺڀرئپ حاصل ڪانھي. 11.1.1955: پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٺاه ٿيو, جنهن مطابق پاڪستان کي 110 ملين $ جي ايڊ ڏني ويندي. خبر ناهي ان مان سنڌ کي ڪيترو حصو مليو يا مليو ئي ڪونه. 11.1.1966: تاشقند معادو ڪرڻ کان پوء صدر ايوب ۽ ڀٽو ته موٽي آيا, پر لال بهادر شاسترئ جو لاش انڊيا موٽيو. ڪن چيو ته خوشئ ۾ سندس هنيانء ڦاٽي پيو ۽ ڪن چيو ته کيس دم جي بيمارئ ماريو. 11.1.1977: اڄ لڳ ڀڳ سمورين مخالف ڌر جو پي.اين.اي جي نالي سان اتحاد جڙيو ۽ مفتي محمود کي ان جو اڳواڻ بڻايو ويو-- "مل معشوقان مصلحت ڪيتي سرها ميٽ مليسون"- ڀٽي کي تخت تان لاهي تختي تي چاڙھڻ جو ڪم هن اتحاد جي اتحاد سان مڪمل ڪيو ويو. 11.1.1978: لاهور هاء ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس مولوي مشتاق کي پڪو چيف جسٽس بڻايو ويو. هن ويهڻ سان پهريون ڪم اهو ڪيو ته ڀٽي خلاف نواب محمد احمد جي قتل جي ايف آء آر ڪٽڻ جو حڪم ڏنو. 3.************* {11 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 11 جنوري 1927ع قمبر سان تعلق رکندڙ مولوي عبدالحئي (جامي چانديي جو والد) جو جنم ڏينهن آهي. 11 جنوري 1932ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ سيد خادم حسين شاهه جو جنم ڏينھن آھي. 11 جنوري 1954ع ليکڪ ڀون سنڌئ جو جنم ڏينهن آهي. 11 جنوري 1956ع قمبر سان تعلق رکندڙ اديب ڀائو در محمد ٻرڙوجو جنم ڏينهن آهي. 11 جنوري 1962ع صحافي احمد بخش ڏيپر جو جنم ڏينهن آهي. 11 جنوري 1962ع جهڏي سان تعلق رکندڙ شاعر موسا ڏيٿو جو جنم ڏينهن آهي. 11 جنوري 1965ع ليکڪ صائب ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 11 جنوري 1966ع مزاحيه اداڪار عبدالمنان عباسي جو جنم ڏينهن آهي. 11 جنوري 1971ع صحافي قيوم ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي. 11 جنوري 1980ع شاعر حاڪم ڪٽوهر جو جنم ڏينهن آهي. 11 جنوري 1983ع شاعر محمد صالح خادم مهر جو جنم ڏينهن آهي. 11 ڊسمبر 1966 نواب شاه جي شاعر انجم نقوئ جو جنم ٿيو. [وڇوڙو:] 11 جنوري 1872ع مرزا فريد الدين بيگ (مرزا قليچ جو والد) لاڏاڻو ڪري ويو. 11 جنوري 1876ع شاعر مير سهراب خان مسڪين ثاني جو لاڏاڻو ٿيو. 11 جنوري 1927ع هالا سان تعلق رکندڙ اسڪالر ۽ صوفي مخدوم ظهيرالدين لاڏاڻو ڪري ويو. 11 جنوري 1938ع مذهبي اسڪالر مخدوم بصيرالدين انتقال ڪري ويو. 11 جنوري 1965ع صحافي رامچند بچاڻي جي ديهانت ٿي. 11 جنوري 1966ع هندستان جي اڳوڻي وزير اعظم لال بهادر شاستريجي ديهانت ٿي. 11 جنوري 1974 فريڊم فائيٽر شاه آباد جي علي انور شاه راشدئ جي وفات ٿي. 11 جنوري 1978ع اردو جو مشهور شاعر ابنِ انشاءانتقال ڪري ويو. 11 جنوري 1993ع ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيت مخدوم محمد زمان طالب المولا لاڏاڻو ڪري ويو. 11 جنوري 1998ع تاريخدان ۽ تعليمدان دادا سنڌئ جو انتقال ٿيو. 11 جنوري 2011ع اداڪار ايم يحيٰ ڀٽو ڪراچي جي اسپتال ۾ انتقال ڪري ويو. 1. GOODd DAY WISH: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ It is said that "love is God and God is love". It means that you can't please Allah, if you are not applying love and abiding by love. It means that if you claim to be lover and if you accept love, there should be all supper qualities in you. Such as to forgive & forget, to accept and to love & respect without hatred and discrimination. If you are conscious about age & gender, caste & colour, ideology & status, it indicates that you are lacking in and missing human -values & requirements, and you are high risk for love & beauty and peace & progress ] پيار پريت پريم محبت ماڻھپو ۽ انسانيت, پڇن نہ ڏسن نہ عمر رنگ نسل جنس ذات, اٺانوي انهن ۾ جيڪي آھن الله جون صفات, ادب احترام نياز نوڙت لون قربانئ جي لات, شال تون سمجهين بات, اها سرت سلام کان. *************** 2. EVENTS From history: 11th January ****** 1923: Sindh Khilafat Conference is held at Jacobabad. Political conditions of Sindh & Hind are discussed and it is resolved that public awareness be created so as to ensure public participation in politics. 1931: The public meeting organized by the Karachi Congress Committee at Ram (now Aaram) Bagh is lathi charged. 150 Congress leaders and workers are injured. 36 including 20 ladies are also arrested. 1946: Acting President of the Sindh Muslim League, Muhammad Hashim Gazdar issues statement about G.M.Syed and says the Syed has been expelled from the party therefor candidates nominated by him for cotesting election are not the candidates of the Sindh Muslim League. 1965: Bhutto, Foreign minister, is invited by Soviet Foreign Minister. It is eight months before the Indo - Pak war of 1965. 1966: President Ayoob returns back from USSR after signing Tashkent Declaration. However Indian Prime Minister Lal Bahadur Shastriis dead there. He dies of Cardiac arrest after the Summit concludes. 1972: Shaikh Mujib arrives Dhaka to a tumultuous welcome by the people. Declares that all links with Pakistan snapped for good. 1977: PNA elects Mufti Mahmud as its president. The Alliance consists of JI, JUP, JUI, PDP, NDP, Tahrik -i- Istaqalal, Khaksar and Muslim Conference. 1978: The Acting Chief Justice of Lahore High Court, Justice Moulvi Mushtaq Ahmad is appointed as Chief Justice of the same court. He orders lodging of F.I.R against Z.A.Bhutto. *************** Something about me: *************** Dr.Dur Muhammad Pathan is a man of so many qualities and has set new trends in Historical Research, Literature and Social services.(http://drpathan.com/index.php/about-us/founder/bio-data ) • He is from poor family having no Moveable or Immovable property, • He, because of poverty of his family was not able to get education from any College or University but, supervised and guided College and University Teachers in M.Phill&Ph.D, and also got position in University Examinations in capacity of an external candidate. • He did his Ph.D in Sindhi Literature but was appointed Ph.D Guide/Supervisor in various Subjects of Social Sciences. • He served in Government Department as Professor, Vice Principal of the Cadet College, Principal of Szabist and Post Graduate Colleges, Remained Deputy Director of Institute of Sindholoy for 5 Years, Remained a Research Scholar in Sindh Archives and served Law Department in capacity of Independent Translator and translated Acts of Ten Years in two years. • His services rendered in the field of Historical Research and Literature have been appreciated by Learned Bodies and Scholars of international repute.( http://drpathan.com/index.php/aboutus/founder/people-speak-about-gul-hayat ) • He started contributing for Newspapers, Journals and Periodicals in 1981 and without any break his writings are being published daily. • He is author of so many books written in Sindhi, Urdu and English, • Since last 10 years , he composes his poetic Good Wishes (Morning, Evening and Night) with translation into English (http://drpathan.com/index.php/corners/dr-pathan/good-wishes/goodday-wishes ). • His Poetry has been designed by various Designers in Sindh and Abroad and shared by them at large. (http://drpathan.com/index.php/corners/dr-pathan/good-wishes/designed-good-wishes ) • He founded Gul Hayat Institute in August 1990 (http://drpathan.com/index.php/corners/dr-pathan/presentation-by-dr-pathan/712-presentation-on-gul-hayat(Final)and made it as a unique Resource Centre for Researchers and Scholars. (https://www.youtube.com/watch?v=zzdNfGholSQ&feature=emb_title ) • His Website www.drpathan.com is a Treasurer of material on History, Culture and Literature of Sindh. (https://www.youtube.com/watch?v=zzdNfGholSQ&feature=emb_title ). • He has been donating rare material, books and photographs to various Learned Bodies of Sindh. Such as ‘ Latif Chair’ (Karachi University), ‘Sachal Chair’ (Shah Latif University, Khairpur), Institute of Sindholoy (Sindh University), Sindhi Adabi Board (Jamshoro) and Sindhi Language Authority (Hyderabad)

No comments:

Post a Comment