Sunday 1 May 2022

Sindh History (May 2, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (2nd May)
BIRTHS: Vilayat Ali Shah (Hanbah/Saint Poet/1911), Jamal Abro (Sangi/Short Story writer/1924), Talib ‘Latif’ (Poet/1932), P.K.Shahani (Karachi/Politician/1939), Syed Zia Shah (Shikarpur/Poet/1950), Ali Nawaz Phull (Poet/1954), Muhammad Yaqoob Khaskheli (Tando Allahyar/Journalist/1954), Abdul Majeed Odho (Ilyas Garhiyaseen/Journalist/1957), Khuda Bux ‘Khadim’ (Poet/1960), Qaim-u-ddin Sahito (Folklore Poe/1960), Fida Kalirai (Kalri/Poet/1961), Abdul Hussain Shah (Nasirabad/Journalist/1974), Liaquat Notkani (Turab Ali/Journalist/1979)
DEATHS: Srichand Mewaram (Pad Aedan > Ajmir/Freedom Fighter/1967)
EVENTS:
1838: Colonel Pottinger, Political Agent of the East India Company Government, in Sindh, approaches Munshi Jethananad, an influential Court-man and officer of Mirs of Hyderabad to help him to request Mir Sher Muhammad of Mirpurkhas either he will like to have a separate Treaty or, will sign the joint Treaty with Mirs of Hyderabad. He also wants to inform Mir Sher Muhammad that Dhoolaji, brother of Jagatsing of Nagarparkar has been seized and would be sent to Hyderabad, if Mir Noor Muhammad desires so. This may kindly be kept in mind that Dhoolaji was wanted for his criminal activities.
1948: Political Agent of Cutch requests the Sindh Commissioner for demarcation and approval of boundary between Sindh and Marwar.
1942: All-India Congress Committee in its resolution says that it can not agree any proposal which aims at disintegrating India by giving liberty to any territorial unit to secede from Indian Union or Federation.
1970: Pakistan and Turkey decide to establish a joint trade Commission to further develop trade between both countries.
1994: Karachi violence toll rises to rises to 20. MOM-sponsored strike enters third day. Troops called out.
 
Sindh in History Today (2nd May). Date-wise and in chronological order narration of Sindh history pertaining to Talpur, British and Pakistan period. Started from September last. Research & Video by Dr.Pathan, Founder, Gul Hayat Institute.
تاريخ کي ٻڌڻ سمجھڻ کان سواء پنهنجن پراون کي ٻڌائڻ سمجهائڻ ممڪن ڪونهي. پنهنجئ ڳالھ ۾ اثر پيدا ڪرڻ لاء تاريخ جون شاهديون ۽ ثابتيون ڏيڻ ضروري آھن.
منھنجي اڄوڪي وڊيو جي بنياد تي اوهان اسان چئي سگهون ٿا ته:
1. ڌاريا سدائين عوام لاء اهو تآثر ڏيندا ته عوام ڏوهي ۽ ڊوهي آهي (1838 جو واقعو ان جو مثال آھي),
2. ڌارين کي موقعو ملندو ته وطن جي آزادي ڦريندا ۽ ملڪ جو خزانو لٽيندا (1843 ۾ لکيل قيدي ميرن جي خطن مان اها شاهدي ملندي),
3. وطن- دوست ڌارئ سرڪار جو ڪوبه اعزاز قبول نه ڪندا آھن. (1920 واري خلافت ڪانفرس جي ڪاروائي ان جي شاهدي ڏئي ٿي),
4. سنڌ جي وڏن شھرن کي سوچيل سمجهيل سازش مطابق دهشت گردئ سان نقصان ڏنو ويو (1994 جو هڪ واقعو مثال طور شامل ڪيو ويو آهي),
5. اوهان جي ذھن کي جهنجهوڙن لاء وڊيو ٽاڪ ۾ اڃا گهڻو ڪجھ موجود آھي. اهو ڏسو, ٻڌو, شيئر ڪريو ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪري, پنهنجئ تارخ-دوستئ جي ثابتي ڏيو. پاڻ پڙھو ۽ سنگت ۾ ورهايو. تاريخ جو شعور قوميت جي روح کي تازو ڪندو آهي.
پنهنجو خيال رکجو.

***************
توجه طلب واقعا
***************
2.5.1832:
ڪئپٽن ويڊ پنجاب جي واپار ۽ تجارت تي هڪ تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي هئي. ڪمپني حڪومت اڄ ان جي ڪاپي سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪار پاٽينجر کي ڏياري موڪلي ته ان کي ڌيان ۾ رکي سنڌ ۾ پنهنجئ تجارت جي پاليسي ٺاه.
2.5.1838:
ڪرنل پاٽينجر جي منشي ڄيٺانند سان لکپڙھ ٿي. منشئ کي گذارش ڪئي وئي ته هو مير شير محمد خان کان پڇي ڏئي ته هو ڪمپني حڪومت سان الڳ ٺاه ڪرڻ پسند ڪندو ڇا. کيس اهو به لکي ٿو ته نگرپارڪر واري جڳت سنگ جي ڀاء ڍولاجئ کي اسان گرفتار ڪيو آھي, جيڪو وڏي عرصي کان اسان جا ماڻھون ۽ واپاري ڦريندو رهيو آھي. کيس لکي ٿو ته مير نور محمد خان کان پڇي ڏي ته اهو قيدي سندس حوالي ڪريون يا اسان مٿس پنهنجي قاعدي جي ڪاروائي ڪريون.
2.5.1843:
جنگي قيدين سنڌ جي سابق حڪمرانن- مير محمد نصير خان ۽ مير شھداد خان اڄ ممبئئ جي گورنر کي گذارش ناما لکي ساڻن ٿيل دغا, ظلم ۽ زيادتئ جا تفصيل ٻڌايا. خطن مان هڪ طرفنگين جي فتنن جي خبر پئي ٿي ته ٻئي طرف ميرن جي ڪمزور سفارتڪارئ ۽ سادگئ تي روشني پئي ٿي.
2.5.1843:
نيپيئر اڄ حيدرآباد مان مير شير محمد خان کي ٻه خط لکي کيس ڌمڪيون ڏنيون ۽ هٿيار ڦٽي ڪري غير مشروط طور تي پيش پوڻ جو تاڪيد ڪيو.
2.5.1848:
ڪڇ جي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته جيئن ته هاڻي سنڌ تي انگريزن جي حڪمراني آھي, ان ڪري سنڌ ۽ مارواڙ وچ ۾ سرحد جي حدبندي ڪرائي وڃي.
2.5.1857:
سنڌ جي ڪمشنر اڄ ممبئي سرڪار کي لکيو ته بولاخان جي ٽنڊي ۾ ورنيڪيولر/سنڌي اسڪول کولڻ جو ارادو آھي. ان جي منظوري به ڏيو ۽ ان لاء در ماه 15 روپيا ۽ اٺ آنا ٿيندڙ خرچ جي اجازت به ڏيو.
2.5.1920:
جيڪب آباد ۾ مولانا تاج محمود امروٽئ جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس شروع ٿي, جيڪا ٻه ڏينھن هلي. هن ڪانفرنس جي اهميت ان ڪري ياد رکي ويندي جو هن موقعي تي رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي پنهنجيون ڊگريون, اعزاز ۽ خطاب واپس ڪيا ۽ پنهنجي زرعي زمين جي ڍل ۽ آبياني نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
ياد رهي ته اعزازن ۽ خطابن جو سلسلو اتان شروع ٿيو ۽ 1942 تائين هليو, جڏهن الله بخش سومري پنھنجو خطاب واپس ڪيو. 1920 کان 1942 تائين جن ماڻھن لقب ۽ خطاب ڇڏيا, ڪرسيون ۽ نوڪريون ڇڏيون ۽ پنهنجي مڪتبن لاء سرڪاري امداد وٺڻ کان انڪار ڪيو, تن جو تفصيل گل حيات ۾ موجود آھي.
2.5.1994:
ڪراچئ ۾ ٽئين ڏينھن تي به ايم ڪيو ايم وارن جي دهشتگردي زور تي رهي. اڄ 20 ماڻھون موت جو شڪار ٿيا. وڳوڙي هنڌن تي فوج گهرائي وئي.
***************
{2 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
2 مئي 1911ع شاعر داتا ولادت علي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
2 مئي 1924ع جديد سنڌي ڪهاڻي جي بانيڪار جمال ابڙي جو جنم ڏينهن آهي.
2 مئي 1939ع سياستدان پي ڪي شاهاڻي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
2 مئي 1954ع ليکڪ علي نواز ڦل جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
2 مئي 1955ع اديب ضياء شاهه (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
2 مئي 1960ع سگهڙ قائم الدين سهتو جو جنم ڏينهن آهي.
2 مئي 1961ع ليکڪ فدا ڪلوئي (ڪنڊيارو) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
2 مئي 1967ع فريڊم فائيٽر سريچند ميوارام (پڊ عيدن) ديهانت ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment