Wednesday 11 May 2022

Sindh History (May 12, 2022)

    Dur Muhammad Pathan <gulhayat2010@gmail.com>     SINDH IN HISTORY TODAY (12th MAY) 12th May BIRTH DATES   1. Mir Sobdar Khan Talpur (Sindh Ruler/ birth 12th May 1801), 2. Mirza Dost Muhammad Beg 'Dost' (Hyderabad/Poet/ birth 12th May 1862), 3. GulHassan 'Bekas' (Badah/Poet/ birth 12th May 1928), 4. Balkirshan ' Sartaj' (Mithi - Jaipur/Poet/ birth 12th May 1932), 5. Naina Asudwani (Ajmir/Actress/ birth 12th May 1955), 6. Baldev Ghanshyani (Writer/ birth 12th May 1958 ), 7. Qaimuddin Sahto (Folklore Poet/ birth 12th May 1960), 8. Ghukam Shabir Solangi (Ramzan Solangi/Writer/ birth 12th May 1962), 9. Gouri Valbh (Mithi/Writress/ birth 12th May 1967), 10. Ayaz Bhutto (Mubarakpur/Writer/ birth 12th May 1985).   12th May DEATH DATES   1. Mir Fatah Ali Talpur (Sindh Ruler/ death 12th May 1801), 2. Khuda Bux 'Khadim' (Mehar/Poet/ death 12th May 1962), 3. Faqir Sirat Ali Korai(Poet/ death 12th May 1972), 4. Afzal Kazi (Dodo Sonhri/Poet/ death 12th May 1990), 5. Ahsan Gopang (Student leader/ death 12th May 1991), 6. Zaib Aqli (Poet/ death 12th May 1991)   12th May EVENTS   1843: The Sindh Governor recommends the case of Mecleod for his appointment as the Collector of Customs with salary of Rs.800 per month and the case is approved by the Govt of India. There is a road in Karachi, after this man. 1920: The Central Khilafat Committee presents Memorandum to the Viceroy of India in Simila. It is also signed by Khilafat leaders from Sindh such as Seth Haji Abdullah Haroon, Moulana Taj Mahmood Amroti, Munshi Aminuddin, Asadullah Shah, Dr. M.A.Ahmad, Moulana Muhammad Sadiq of Khada, Shaikh Abdul Majeed, Muhammad Khan, Jan Muhammad Junijo, Moulana Abdul Ghafoor Jacobabadi, Abdul Kaliq Morai, Pir Rashidullah Shah and others. 1929: Shaikh Abdul Majeed Sindhi forms "Sindh Muslim Voters Association" so as awareness can be created to vote and elect true, sincere and dedicated candidates in election. 1935: Indian State and Broadcasting Service, Mombai, already broadcasting Sindhi Programs, to broadcasted Sindhi Classical songs sung by Vishni Jagtiyani. 1948: Shaikh Karamat Ali, Education Minister for the Govt of West Punjab is found traveling without Ticket in Karachi Mail.The train was checked by Special team at Khaniwal Railway Station. 1949:" We do not believe in any ISM,my Govt is working for creating FREE SOCIETY", says Liaqut Ali Khan, Prime Minister of Pakistan. His speech is broadcasted from Cairo Radio Station. 1951: The opening of Karachi University is announced. 1957: Moulana Bhashani announces to observe Protest Week against Price- hike in the country. 1960: “We are bound morally to satisfy USSR. The investigation is being conducted to see that either USA aircraft used Peshawar Base to attack Russian Jet", says Z.A.Bhutto,the Federal Minister. 1970: The National Assembly adopts bill abolishing Sardari System in the Pakistan.

     

    Dr Pathan: Sindh in History Today (12th May). Research & Video Talk by Dr.Pathan
    ڏسو, ٻڌو ۽ يوٽيوب تي ضرور سبسڪرائيب ڪريو.
    اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ ٻئ اهم معلومات کان سواء ھيٺ ڏنل واقعن جا تفصيل ڏنا ويا آھن:
    12.5.1841
    ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل پاٽينجر ڏي هدايتون ڏياري موڪليون ته مير شير محمد خان چاهي ٿو ته اسان هن سان معاهدو ڪريون, پر هن جي رويئي, قول ۽ فعل تي ڪرڙي نظر رکڻي آھي. هن کي صاف لفظن ۾ ٻڌائبو ته سندس رويو اسان جي خلاف رهيو آھي, هن کي وفاداري ثابت ڪرڻي پوندي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنئ کي 50,000 روپيا خراج ڏيڻو پوندو.
    12.5.1843
    800 روپيا مهيني جي پگهار تي ميڪلوڊ کي سنڌ ۾ ڪسٽم جو ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو. ڪراچئ ۾ ھن جي نالي تي هڪ روڊ به آھي.
    12.5.1857
    نيپيئر جي وڃڻ کان پوء سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري ان کي ڪمشنر جي ماتحت رکيو ويو. سنڌ جي سالياني آمدنئ ۽ خرچ جي آڊٽ ۽ رپورٽ صوبائي حڪومت جو آڊيٽر جنرل تيار ڪندو هو. اها رپورٽ ڪمپني حڪومت جي ساليانين رپورٽن ۾ شامل ڪئي ويندي هئي برطانيه جي پارليامينٽ ۾ ان تي بحث ٿيندو هو. اڄ آڊيٽر جنرل ڪمشنر ڏانھن آڊٽ رپورٽ ڏياري موڪلي.
    12.5.1920
    مرڪزي خلافت ڪميٽئ جو اجلاس ممبئي ۾ ٿيو. هن اجلاس ۾ ”عدم تعاون تحريڪ" کي آخري شڪل ڏني وئي. سنڌ مان جن اڳواڻن ھن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي, انھن مان ڪي آهن: حاجي عبدالله هارون, مولانا محمد صادق کڏي وارو, شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڊاڪٽر نورمحمد شيخ.
    12.5.1920
    مرڪزي خلافت ڪميٽئ شملا ۾ گورنر جنرل کي درخواست ڏني ته ترڪئ سان جنگي ملڪ وارو سلوڪ نه ڪيو. انھئ درخواست تي سنڌ مان جن دستخط ڪيا, اهي آهن: حاجي عبدالله هارون, مولانا تاج محمود امروٽي, منشي امين الدين, شيخ عبدالمجيد, محمد خان, اسد الله شاه ٽکڙائي, مولانا محمد صادق کڏي وارو, جان محمد جوڻيجو, مولوي عبدالغفور جيڪب آبادي, مولوي عبدالخالق مورائي, پير رشدالله راشدي, مولوي حڪيم فضل محمد, مولوي محمد صديق مورائي, محمد هاشم مخلص ۽ حاجي احمد علي ڊينگاڻ وارو.
    12.5.1929:
    شيخ عبدالمجيد سنڌئ "الوحيد" اخبار ۾ مضمون لکي سنڌي مسلمانن کي صلاح ڏني ته "سنڌ مسلم ووٽرس ائسوسيئيشن“ ٺاهجي ۽ عوام ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي ته ووٽ قوم جي امانت آھي ۽ ڪنهن پير, امير يا جاگيردار جي ملڪيت ناهي.
    12.5.1935
    انڊين اسٽيٽ ائنڊ براڊڪاسٽنگ سروس, ممبئي تان روزانو شام جو سنڌئ ۾ پروگرام نشر ٿيندا هئا. اڄ وشني جڳيشا جي آواز ۾ ڪلاسيڪل سنڌي راڳ پيش ڪيو ويو.
    12.5.1951:
    سنڌ سرڪار هڪ طرف "سنڌ يونيورسٽئ" کي حيدرآباد شفٽ/منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪي هئي, ٻئي طرف اڄ ڪراچئ ۾ ”ڪراچي يونيورسٽئ" قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيائين. [انھئ دور جا سنڌي سياستدان فڪري ۽ عملي طور تي ڪراچئ مان هٿ پٽي چڪا هئا].
    12.5.1962
    جنرل ايوب, آڪٽوبر 1958 ۾ مارشل لا لڳايو هو. اڄ سرڪار اعلان ڪيو ته 8 جون تي ان کي هٽايو ويندو
    12.5.1977
    وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي سياسي گهوٽالي کي ختم ڪرڻ لاء مفتي محمود سان ڳالھ ٻولھ ڪئي.

    ***************
    {12 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
    ***************
    [جنم ڏينهن:]
    12 مئي 1801ع اڳوڻي حڪمران مير صوبدار خان ٽالپر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    12 مئي 1862ع شاعر مرزا دوست محمد بيگ دوست (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1904ع شاعر ۽ اديب آخوند محمد حسن مسڪين جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1928ع شاعر گل حسن بيڪس (باڊهه) جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1932ع شاعر ۽ چترڪار بال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج(مٺي / جيپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1944ع قومپرست شاعر، سياسي ڪارڪن، راڳي ۽ اداڪار جمن دربدر جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1947ع شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مزاحيه ليکڪ علامه مستانو ابڙو سيوهاڻيجو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1955ع اداڪاره نينا آسودواڻي (اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    12 مئي 1956ع پاڪستاني ڪرڪيٽ امپائر اسد رئوف جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1958ع ليکڪ ٻلديو گهنشياڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1960ع سگهڙ قائم الدين سهتو جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1962ع ليکڪ غلام شبير سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1967ع ولي رام ولڀ جي نياڻي ليکڪا گوري ولڀ (مٺي) جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1985ع ليکڪ اياز ڀٽو (مبارڪپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    12 مئي 1980ع گلوڪاره امبر مهڪ جو جنم ڏينهن آهي.
    [وڇوڙو:]
    12 مئي 1801ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران مير فتح علي ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو.
    12 مئي 1962ع شاعر خدا بخش خادم (ميهڙ) جو انتقال ٿيو.
    12 مئي 1972ع شاعر فقير سيرت علي ڪورائي جو انتقال ٿيو.
    12 مئي 1978 تي علي آباد جي شاعر صوفي غلام محمد پياسئ جي وفات ٿي.
    12 مئي 1990ع شاعر افضل قادري جو انتقال ٿيو.
    12 مئي 1991ع شاگرد اڳواڻ احسان گوپانگ جو انتقال ٿيو.
    12 مئي 1991ع شاعر زيب عاقلي (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو.
    12 مئي 2011ع گهڙي نواز مٺا خان زردارئ جو انتقال ٿيو.


No comments:

Post a Comment