Saturday 28 May 2022

Sindh in History( May 29, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (29th MAY) 29th May BIRTH DATES 1. Lokram Sharma (Journalist & Freedom Fighter/ birth 29th May 1890. It is amazing to note that his birth and death dates are same) 2. Ghulam Ali 'Mithal' Channo (Chak/Poet/ birth 29th May 1944). 29th May DEATH DATES 1. Mir Noor Ali Shah Rizvi (death 29th May 1785), 2. Lokram Sharma (death 29th May 1933), 3. Makhdoom Abu Bakar Mahesar (Rahro/Religious Scholar/ death 29th May 1938 ) 4. Mir Haji Muhammad Bux Talpur (Mir Sher Muhammad/Writer/ death 29th May 1985). Sindh in History Today (29th May). [Chronological history of Sindh covering two hundred years and three ruling periods] Research & Video Talk by Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat Institute29th May EVENTS Part1 1843: The Governor of Sindh informs the Govt. of India that a servant of Mir Sher Muhammad has been executed for murdering a man. Perhaps this is the first ever execution taking place in Sindh. 1857:Mir Amir Bux son of Mir Faiz Muhammad Talpur is offered Govt. service as requested by him. 1927: The Resolution adopted by the All - India Congress is discussed in the meeting of the Sindh Provincial Hindu Sabhaheld at Hyderabad. It was also decided to launch public awareness movement in favour of anti -separation. 1930: In the meeting of Sindhi Muslim politicians held in Karachi with Sir Shahnawaz Khan Bhutto, it is resolved to hold Sindh Azad Conferences in District Head Quarters so the case and cause of the s[...] Part2 1950: Crack down on farmers starts in Multan. So many are arrested to give them tough time for conflicting their Landlords. 1952: Hassan Mahmood forms first ever Muslim League Ministry in Bahawalpur State. Sardar Muhammad Ajmal Laghari and Rao Hafiz -u- Rahman are taken as ministers. 1962: Begam G.Allana and other six ladies are elected as National Assembly members. 1963: Pakistan and Afghanistan agree to re- establish diplomatic relations. 1973: National Assembly disapproves demand for trial of the Ex - President Gen. Yahya Khan. 1979: Begam Nusrat Bhuttoand Benazir Bhutto is released 1988: President Gen. Zia dissolves National Assembly and removes Junijo cabinet. Prime Minister Junijo was on foreign visits. He found everything changed as he landed at Islamabad! چوندا آھن ته اڳي پکي پکڻ, جھنگ جا جناور, وڻ ٽڻ مطلب ته ڪائنات جو ذرو ذرو ڳالهائيندو هو ۽ انسان ٻڌندا هئا. اهي اڄ به ڳالهائن ٿا, پر انسانن شيهو پرٽي پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏيا آھن. ان ڪري انھن مان ڪيترا ڌرتئ جي دانھن به نه ٿا ٻڌن ۽ ڌرتئ جي تاريخ به نه ٿا ٻڌن. پر, اوهان ته سپورنج ۽ ساڃھ-وند آھيو. ٻڌو ته تاريخ اوهان سان ڇا ٿي ڳالهائي. هنن واقعن جي لفظن کي ٻڌو, انھن جي پس منظر ۽ پيش منظر تي غور ڪريو. ان لاء منهنجو اڄوڪو وڊيو ٽاڪ ٻڌو, جنھن ۾ ٻڌڻ لائق ٻيو به گهڻو ڪجھ آھي. ڪن دوستن يوٽيوب تي سبسڪرائيب نه ڪرڻ جو ڄڻ فيصلو ڪري ڇڏيو آھي. ڀلي مون سان نفرت ڪريو, پر سنڌ جي تاريخ سان نفرت ته نه ڪريو. اصولن ۽ قدرن سان عشق ڪريو, شخصيت پرستئ کان پاڻ ۽ ٻيا بچايو. ************** توجه طلب واقعا *************** 29.5.1843: اڄ سنڌ جي فرنگي گورنر پنهنجي گورنر جنرل کي ٻڌايو ته هن مير شير محمد جي هڪ نوڪر کي قتل ڪرڻ جي ڏوه ۾ ڦاهئ جي سزا ڏني آھي. ڪيپٽن هينڊ کي قتل ڪرڻ تي به هن کان اڳ سنڌين کي موت جي سزا ملي هئي. پر هئ مير شير محمد جي نوڪر واري سزا پهريون غير سياسي ۽ نج انتظامي قدم هو. 29.5.1855: شاهبندر تعلقي جي ڪهڙن چانگن, جمالين, نظاماڻين ۽ نوحاڻين کي جاگيرون ملڻ گهرجن, ان بابت جاگيرن جي کاتي جي اسسٽنٽ ڪمشنر اڄ تفصيلي رپورٽ ٺاهي ڪمشنر ڏي ڏياري موڪلي. 29.5.1927: حيدرآباد ۾ ”سنڌ پراونشل هندو سڀا" جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ واري تحريڪ بابت ڪانگريس جي پاليسئ تي بحث ڪيو ويو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي علحدگئ واري تحريڪ جي هر محاذ تان مخالفت ڪبي. 29.5.1930: ڪراچئ ۾ سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ مسلمان سياستدانن جي غير رسمي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ واري بيداري آڻڻ لاء ”سنڌ آزاد ڪانفرنسون" ڪرايون وڃن. 29.5.1973: نئشنل اسيمبلئ ڪن سياستدان جي اها گهر رد ڪئي ته اڳوڻي صدر جنرل يحيا خان تي ڪيس هلايو وڃي. 29.5.1979: نصرت ڀٽو ۽ سندس نياڻئ بينظير ڀٽو کي آزاد ڪيو ويو. 29.5.1988: جنرل ضياء الحق اڄ قومي اسيمبلئ کي ٽوڙيو ۽ محمد خان جوڻيجي جي حڪومت به ٽوڙي ڇڏي. *************** {29 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 29 مئي 1890ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر لوڪرام شرما جي پيدائش جو ڏينهن آهي. [سندس ولادت ۽ وفات جي تاريخ ساڳي آھي ۽ سال ٻيا آھن] 29 مئي 1944ع شاعر غلام علي مٺل چنا جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 مئي 1940ع اڳوڻي صدر فاروق لغارئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 مئي 1970ع ليکڪا، شاعره ۽ ٽي وي ڪمپيئر زاهده تاج ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 29 مئي 1982ع شاعره، ڪالم نگار ۽ سياستدان فاطمه ڀٽو(شهيد مير مرتضى ڀٽو جي نياڻي) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 29 مئي 1785ع مير نور علي شاهه رضوي جو انتقال ٿيو. 29 مئي 1884ع سنڌي ٻولي جي ترقي لاء ڪم ڪندڙ انگريز ڪمشنر بارٽل فريئرجو انتقال ٿيو. 29 مئي 1933ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر لوڪرام شرما ديهانت ڪري ويو. 29 مئي 1938ع مذهبي اسڪالر مخدوم ابوبڪر مهيسر جو لاڏاڻو ٿيو. 29 مئي 1952ع شاعر ۽ بزرگ پير تقي شاهه جيلانئ جو لاڏاڻو ٿيو. 29 مئي 1985ع ليکڪ مير حاجي محمد بخش ٽالپر جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment