Wednesday 4 May 2022

Sindh History (May 5, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (05th MAY)
5th May
BIRTH DATES
1. Moulana Hidayatullah Arfani (Religious Scholar/ birth 5th May 1894),
2. Rasool BuxAbro (ChhutalAbro/Folklore Poet/ birth 5th May 1902),
3. Saeed Ali Shah ‘Khadim; (Junaloi/Poet/ birth 5th May 1902),
4. Hassan Ali Abdul Rahman (Karachi/Ex-V.C, Sindh University/ birth 5th May 1907),
5. Mai Sabhai Soomri (NauWah/Poetess/ birth 5th May 1912),
6. M.Hussain ‘Aasim’ Bhutto (Natkani/Poet/ birth 5th May 1913),
7. Mir Khorwahi (Poet/ birth 5th May 1937),
8. Khadim Hussain ‘Khudan’ (Poet/ birth 5th May 1940),
9. Noor Ahmad Memon (Founder Sindhica Academy & Political Activist/ birth 5th May 1948),
10. Ashraf Khuhawar (Shahdadkot/ Student leader & Social worker/ birth 5th May 1953),
11. Rafiq Soomro (Writer/ birth 5th May 1955),
12. Mansoor QadirJunijo (Publisher/ birth 5th May 1958),
13. Syed MazharNaqvi (Jacobabad/Journalist/ birth 5th May 1958),
14. Malik Khoso (miandadKhoso/Writer/ birth 5th May 1962),
15. Asghar Baghi (GulshanHadeed/Poet/ birth 5th May 1962),
16. Budhal Mahesar (YousifMahesar/Writer/ birth 5th May 1966),
17. Fayaz Mangi (Larkano/Journalist/ birth 5th May 1969)
18. Mahboob Zangejo (Bero Khan Gadahi/Poet/ birth 5th May 1969),
19. Prem Pitafi (Poet/1969), AkhtarDomki (Jacobabad/Journalist/ birth 5th May 1970),
20. ‘Miskeen’ Hussain Ali (Shadi Khan Chandi/Poet/ birth 5th May 1971),
21. BewasImdad (Shikarpur/Poet/ birth 5th May 1991)
5th May
DEATH DATES
1. Ghulam Muhammad Isran (Larkano/ death 5th May 1902).
2. Qamar Shahbaz (Poet/ death 5th May 2009).
5th May
EVENTS
1848: It is fifth year of British rule in Sindh but, it is worried about frontiers and law & order situation there. Therefore Bombay Government is requested that levy of one hundred horse-men be approved, sanctioned and put under Major Jacob, Political Superintendent Upper Sindh.
1852: Detailed geological tree of Talpur family reigning at Hyderabad is prepared by the Collector of Hyderabad for submission to the Sindh Commissioner.
1857: COLLECTORS OF KARACHI, HYDERABAD AND SHIKARPUR AND POLITICAL SUPERINTENDENT OF UPPER SIND INTIMATE THE COMMISSIONER OF SINDH THAT SINDHI HAS BEEN UNIVERSALLY ADOPTED AS THE LANGUAGE OF RECORD IN ALL DEPARTMENTS, EXCEPT THE JAGEER.
1931: The Archbishop of Canterbury, presiding at the Church Missionary Society gathering at Albert Hall, says that national movement in India is passing through every region and class. Every now in Britain recognizes that it was wrong to denounce or suspect and still more wrong to attempt to suppress the movement.
1924: Shewa Mandli- and religious-oriented NGO of Hindus of Garhi yaseen celebrates its 5th anniversary.
1926: ‘The Amature Dramatic Society of Jacobabad’ stages drama ‘Sachi Patri’ at Larkano. The earning was later on donated to ‘Gau Shala’ of Jacobabad.
1939”: A.K.Fazul Haq, the Premier of the Bengal opens the All-Bengal Moslem Literary Conference in Calcutta. He observes that the field of Bengali Literature offers a platform on which Hindus and Muslims can work togather united.
1940 The Muslim League Conference is held at Gatahar of Taluka Kambar. Pir Syed Allahdino Shah Rashdi and Rais Qurban Ali Khan Buriro took active part and key role in organizing this event.
1977: PNA proposes to Z.A.Bhutto 32-point plan for resolution of the crisis.
 
ٽالپورن جي دور کان موجوده دور تائين روزانو سنڌ جي تاريخ-بياني.
Research & Video Talk by Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat Institute.
* ڌارين جي مداخلت ۽ پنهنجي سادگي حالتن کي لڙالو ڪنديون ۽ پوء ڪانو پيدا ٿيندا آھن, جن کي لڙ مان مزو ايندو آھي. 1841 ۾ سنڌ ۾ اھڙيون حالتون پيدا ٿيون. * ڌاريا ملڪن ۾ نوس نوس ڪري, راز جون ڳالهيون نوٽ ڪندا آھن. 1842 ۾ ليفٽيننٽ پوسٽنس " روزنامچا" لکيا, جيڪي تنھن دور جي سنڌ بابت وڏي معلومات ڏين ٿا. * فرنگي ڌاريا ملڪ جا حاڪم ٿيا, پوء به عوام کان ڊڄندا رهيا. 1848 ۾ انھن وڌيڪ 100 گهوڙيسوار جيڪب آباد ۾ ڀرتي ڪيا. * انگريزن 1852 ۾ لڳ ڀڳ سمورن ٽالپورن جا شجرا مرتب ڪيا. اسان پنهنجي خاندان جو شجرو به نه ٿا لکون. * 1857 ۾ سنڌي ٻولي سمورن سرڪاري کاتن ۾ ”دفتري ٻولي" بڻائي وئي. پر اسان پنھنجي دور ۾ پنهنجئ ٻولئ کان اهو حق کسي ورتو آھي. * جڏهن ڪو سنڌي ملڪ جو حڪمران ٿيو ته مخالفن ھن سان سياسي ڳالهيون ڪرڻ به پسند نه ڪيون, پر اقتدار ڇڏڻ تي زور ڀريو. مکڻ مان وار ڪڍڻ ڏکيو, سنڌي وفاقي حڪمرانن کي اقتدار مان ڪڍڻ سولو.
اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ انهن جي ثابتي ڏيڻ کان علاوه ساڃھ-وندن لاء گهڻو ڪجھ موجود آھي. ڏسو, ٻڌو, شيئر ڪريو ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪرڻ نه وساريو. پنهنجو بچاء ڪريو.

***************
توجه طلب واقعا
***************
5.5.1842:
اڄ ليفٽيننٽ پوسٽنس شڪارپور مان پنهنجئ سرڪار کي لکي موڪلي ٿو ته: 1). افغانستان ۾ اسان جي فوجي چرپر ۽ سياسي تحرڪ تي سنڌ وارن جي نظر آھي. سنڌ ۽ بلوچستان جا حڪمران لڪ لنگهڻ وقت اسان لاء مسئلا پيدا ڪرڻ ۾ مصروف آھن, 2). اسماعيل شاه جو پٽ تقي شاه شڪارپور ۾ آھي ۽ اتان صورتحال مخفي ۽ تڪڙا خط لکي خيرپور ۽ حيدرآباد موڪلي ٿو, 3). خيرپور ۾ مير رستم خان جو وزير فتح محمد غوري بلوچن ۽ پنجاب کي اسان خلاف ڪم آڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آھي.
5.5.1848:
سنڌ تي قبضي واري حڪمراني ڪندي فرنگين کي پنج سال ٿي ويا, پر اتر سنڌ ۾ حڪومت کي امن امان رکڻ ۾ اڃا کٽڪو پئي محسوس ٿيو. ان ڪري اپر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ ميجر جيڪب جي گذارش تي سنڌ جي ڪمشنر کيس هڪ سو گهوڙيسوار رکڻ جي اڄ اجازت ڏني.
5.5.1852:
حيدرآبادي ميرن جي احوال ۽ شجرن تي رپورٽ ٺاهي اڄ حيدرآباد جي ڪليڪٽر اها ڪمشنر کي ڏياري موڪلي.
5.5.1857:
ڪراچئ, حيدرآباد ۽ شڪارپور جي ڪليڪٽرن ۽ اپر سنڌ (جيڪب آباد) جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکي ٻڌايو ته سنڌئ کي سڀني سرڪاري کاتن ۾ سرڪاري زبان طور لاڳو ڪيو ويو آھي.
5.51924:
ڳڙھي ياسين ۾ ”شيوا منڊلئ" نالي هندن جي هڪ سماجي تنظيم هوندي ھئي. اڄ انھئ جي پنجين سالگره ملهائي وئي. ياد رهي ته انھئ دور ۾ ڳڙھي ياسين تي مسلمانن جي ڀيٽ ۾ ھندن جو وڏو سماجي اثر ۽ غلبو هوندو هو.
5.5.1926:
انگريزن جي دور ۾ هندن سماجي سڌارن جا مثال قائم ڪيا ۽ پنهنجي ڌرم جي به دل تي خدمت ڪئي. جيڪب آباد ۾ ”دي اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي" هوندي هئي. اها مختلف ضلعن/شھرن ۾ وڃي ڊراما ڪندي هئي ۽ انھن مان ٿيل اپت گئوشالن کي ڏيندي هئي. اڄ انھئ سوسائٽئ لاڙڪاڻي ۾ ”سچي پتري" نالي سان ڊرامو اسٽيج ڪيو.
5.5.1931:
هي اهو دور آھي جڏهن برطانيه ۾ عام تاثر قائم ٿي چڪو هو ته اسان جي ملڪ برطانيه کي هندستان ڇڏڻ گهرجي. اڄ ڪنٽربرئ جي آرڪ بشپ به اهڙي ڳالھ البرٽ ھال ۾ سڏايل چرچ مشنري سوسائٽئ جي گڏجاڻئ ۾ ڪئي. هن چيو ته هندستان ۾ ھاڻي آزادئ جي تحريڪ کي نه نظرانداز ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ٻنجو ڏئي سگهجي ٿو. [ هن ئي دور کان برطانيه آزادئ جي تحريڪ کي غلط موڙ ڏئي ورهاڱي جي تحريڪ بنائڻ جا جتن ڪيا ويا. ان ڪري برطانيه انھن ملڪن کي آزادي نه ڏني, جن تي هن قبضو ڪري غلام بڻايو هو. ان ڪري هندستان ورهائي جان ڇڏائي ڀڄي ويا]
5.5.1939:
ڪراچئ ۾ ”آل انڊيا هنري نمائش“ ٿي, جيڪا ڪيترا ڏينھن هلي. اها ڳاله اهو ثابت ڪرڻ لاء ڪافي آھي ته سنڌين ورهاڱي کان اڳ ڪراچئ کي هر شعبي ۾ اڳتي وڌايو. ان سان گڏ هن شهر ۾ پنهنجئ ٻولئ جي جهولي به ڀريندا رهيا ۽ علم ادب جي آبياري به ڪندا رهيا. اڄ نمائش جي موقعي تي نمائش جي آڊيٽوريم ھال ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ جي صدارت ۾ ”بهار وطن" جي عنوان تي مشاعرو ٿيو, جنھن ۾ ڪيترن شاعرن شرڪت ڪئي.
5.5.1940:
تعلقي قمبر جي گهٽهڙ ڳوٺ ۾ "لاڙڪاڻو ضلعو مسلم ليگ ڪانفرنس" ٿي. ان ۾ سنڌ سطح جي مسلم ليگي اڳواڻن شرڪت ڪئي. پير سيد الهندو شاه هن ڪانفرنس جي آڌرڀاء ڪميٽئ جو چيئرمن ۽ رئيس قربان علي ٻرڙو ڪانفرنس جو سيڪريٽري هو. [ ڀڄي اچي سنڌ ۾ پناه وٺندڙن وٽ ڪا اهڙي تاريخي شاهدي ۽ ثابتي ڪانھي ته سندن شهر/ڳوٺ/تعلقي ۾ ڪيتريون مسلم ليگ يا پاڪستان جون ڪانفرنسون ٿيون]
5.5.1977:
پي.اين.اي وارن ڀٽي کي ڳالهين لاء 32 موضوعن جي لسٽ ٺاهي موڪلي.
***************
{5 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
5 مئي 1818ع ڪارل مارڪس جو جنم ڏينهن آهي.
5 مئي 1902ع سُگهڙ رسول بخش ابڙو جي پيدائش ٿي.
5 مئي 1902ع شاعر سعيد علي شاهه ”نادر“ جي پيدائش ٿي.
5 مئي 1907ع اڳوڻي وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي حسن علي عبدالرحمان جي پيدائش ٿي.
5 مئي 1912ع شاعره مائي سڀائي سومرو جي پيدائش ٿي.
5 مئي 1913ع شاعر محمد ”حسين“ عاصم ڀٽو جي پيدائش ٿي.
5 مئي 1937ع راڳي ڀاڳچند پنجابي(ڳڙهي ياسين / هندستان) جي پيدائش ٿي.
5 مئي 1948ع ليکڪ ذوالفقار قادري جي پيدائش ٿي.
5 مئي 1953ع شاگرد اڳواڻ ۽ سماجي ورڪر اشرف کهاوڙ جو جنم ڏينهن آهي.
5 مئي 1958ع صحافي سيد مظهر نقوي جي پيدائش ٿي.
5 مئي 1959ع ليکڪ، محقق ۽ ڪھاڻيڪار انجنيئر عبد الوھاب سھتو جو جنم ڏينھن آھي.
5 مئي 1962ع شاعر اصغر باغي جو جنم ڏينهن آهي.
5 مئي 1969ع شاعر پريم پتافي جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
5 مئي 1952ع سياستدان خانبهادر غلام محمد اسراڻ جو انتقال ٿيو.
5 مئي 2006ع موسيقار نوشاد عليجو انتقال ٿيو.
5 مئي 2009ع ليکڪ ۽ شاعر قمر شهباز جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment