Friday 27 May 2022

Sindh in History( May 28, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (28th MAY) 28th May BIRTH DATES 1. Muhammad BuxJohar (Hyderabad/Journalist & Writer for Child Literature/ birth 28th May 1918), 2. Qimat Kamal (Larkano> Thana/Poet/ birth 28th May 1926), 3. Allahyar ‘Ulfat’ (Sahibdino/Poet/ birth 28th May 1953), 4. NaranjanAsrani (Mumbai/Artist/ birth 28th May 1955), 5. Dr.Zulfiqar Siyal(Faridabad/Poet & Scholar/ birth 28th May 1957) 28th May DEATH DATES 1. Moulana Ghulam Siddiq Shahdadkoti (Religious Scholar/ death 28th May 1905), 2. Khanchand Partabrai (Hyderabad/Freedom Fighter/ death 28th May 1924), 3. Muhammad Alam Shah ‘Alam’ (Poet/ death 28th May 1955), 4. Haji Khan Muhammad Abbasi (Valid/Social worker/ death 28th May 1962), 5. Elsa Kazi (Poetess/1967), 6. Mir Sikandar Khoso (Politician/ death 28th May 1975) 28th May EVENTS 1917: The Citizens’ Association of Hyderabad elects its office-bearers, and they are Rais Ghulam Muhammad Bhurgri (President), Mukhi Jethanand (Vice President), Gopaldas Jhamatmal (Hon.Secretary),Sarnanad (Join Secretary), Dharamdas Belaram (Treasurer). 1921: A public meeting is held by Non-Co-Operators at Sukkur. Moulana Taj Mahmood Amroti and Veromal Begraj are the important speakers of the event.The meeting is arranged in the Wara/building of Bhai Nanumal, because Anti-Non-Cooperators were determined to disturb the meeting if it is held in any open ground. 1931: Moulvi Sir Muhammad Yaqub contacts Sindhi leaders to organize Muslim League in Sindh. Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, who was the Secretary of the Sindh Muhammadan Association accepts his appeal and starts work on the agenda. 1944: Bazim Mushira of Larkano arranges Poetic Sitting with Ghous Bux in Chair. 1948: The crisis of power-politics ends in Punjab with resignation of Mian Mumtaz Doultana and Shoukat Hayat. 1950: Moulana Moudoodi, who was arrested for making objectionable speech on Kashmir, is released. 1953: Malik Sikandar Khan, Pir Ghulam Rasool Shah, Shafqat Hussain Shah, Mir Ahmad Khan Talpur are appointed Parliamentary Secretaries by Chief Minister, Pirzada Abdul Sattar. 1955: Election for the Constituent Assembly will be held on 21st of June. Province-wise seats are allocated. Punjab 21 (20 Muslims + 01 Non-Muslim), East Pakistan (40 (31 Muslims+ 09 Non-Muslims), Sindh 05 (04 Muslims+ 01 Non-Muslim), NWFP 04, Karachi, Khairpur and Balochistan 01 for each. 1957: Five thousand acres of land in Ghulam Muhammad Barrage is on the disposal of the Government for distribution. 1963: U.S.A is taking interest to help Pakistan in construction of Tarbila Dam. 1964: Z.A.Bhutto attends the funeral ceremony of Indian Prime Minister Pandit Jawahrlal Nehru. Though , he attended so many such type of funeral ceremonies, but nobody attended his funeral ceremony, even Wife Nusrat Bhutto and daughter Benazir Bhutto. Sindh in History Today (28th May). Research & Video Talk by Dr.Pathan. صدين کان پنهنجي سورن جا مذڪور بدليا ناهن. تبديلي تڏهن ايندي جڏهن اسان هڪ ٻئي کي سمجهي ٻوڙو ٻڌي آچار ڪنداسين. تاريخ-فهمي به سوچن ۽ لوچن ۾ سگھ پيدا ڪندي ٻوڙي ٻڌي آچار ڪرڻ جي صلاح ڏيندي آهي. ان ڪري دوستن کي هي وڊيو ٽاڪ ٻڌڻ گهرجي ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪرڻ گهرجي. اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ ڪجھ ڌيان-طلب واقعن جو ذڪر آھي. گل حيات جي ميڙئ چونڊئ ۽ ولادتن ۽ وفاتن جا تفصيل موجود آھن. جن واقعن تي ويڊيو ٽالڪ ۾ مون انھن جي پس منظر ۽ پيش منظر تي تفصيل سان ڳالهايو آھي, انھن مان ڪجھ واقعا ھي آھن: :28.5.1848: ميرن سنڌ کي خانداني بنيادن تي ٽن حصن ۾ ورهايو. پوء به شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ خيرپوري ۽ حيدرآبادي ميرن جا حصا هوندا هئا. سنڌ جي ڪمشنر ضروري ڄاتو ته شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ مير علي مراد خان سان بائونڊرئ بابت ڳالهيون ڪجن. اڄ ان سلسلي ۾ شڪارپور جي ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر وچ ۾ لکپڙھ ٿي. 28.5.1849: جيڪب آباد ۾ ميجر جيڪب کي بااختيار بڻايو ويو ته جيئن هو شڪارپور ۽ جيڪب آباد کي جابلو قبيلن جي حملن کان بچائي سگهي. جيڪب ان سلسلي ۾ جامع منصوبه بندي ڪئي ته جابلو حمله آور (مري, کيتران, بگٽي, جکراڻي ۽ ڊومڪي وغيره) قبيلن جي ڏنگن فردن تي سختي ڪجي ۽ انھن جي باقي ماڻھن جي سنڌ ۾ آباد ڪاري ڪجي. سندس اها حڪمت عملي اڄ ڪمشنر مٿيئن سرڪار کي ڏياري موڪلي. 28.5.1917: حيدرآباد جي سماجي ۽ شھري تنظيم "سٽي ائسوسيئيشن آف حيدرآباد" جي چونڊن ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي (صدر), مکي ڄيٺانند (نائب صدر), گوپالداس جهمٽمل (سيڪريٽري), سرنانند (جوائنٽ سيڪريٽري), ۽ ڌرمداس ٻيلارام (خزانچي) چونڊيا ويا. هن تنظيم جي ڪارڪدگئ ۽ باقي تفصيل گل حيات ۾ موجود آھن. تنظيم هندو-مسلم اتحاد جو مثال هئي. 28.5.1917: "ڊي.جي.سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽئ" جي حيدرآباد ۾ گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ سابق شاگردن مان: ريجهومل آڏواڻئ ۽ پروفيسر ٽي.ڪي.شاهاڻئ کي ۽ موجوده شاگردن مان: منگهارام ملڪاڻئ کي سوسائٽئ تي رکيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو " فيروز دل افروز"ڪراچئ ۽ حيدرآباد ۾ اسٽيج ڪيو ويندو. اڳي تعليمي ادارا اهڙيون مثبت سرگرميون ڪندا هئا. 28.5.1921: سنڌ ۾ 1923 جي اڌ تائين هندو توڙي مسلمانن هٿ هٿ ۾ ڏئي ڪلهو ڪلهي سان ملائي گڏجي سياست ڪئي. سياست ۾ مذھبي ڪٽرپڻي پوء پنھنجا پير کپايا. خلافت تحريڪ ۽ ڪانگريس فرنگي حڪومت خلاف ”عدم تعاون جي تحريڪ" هلائي ته ھندو توڙي مسلمان اڳواڻ گڏجي هڪ پليٽفارم تان عوام ۾ سياسي بيداري آڻيندا هئا. اڄ سکر ۾ ڀائي نئنومل جي واڙي ۾ ”عدم تعاون" جي تبليغ لاء جلسو ٿيو. ان ۾ مولانا تاج محمود امروٽئ ۽ ويرومل بيگراج زوردار تقريرون ڪيون. 28.5.1940: سنڌ مسلم ليگ جي جنرل سيڪريٽرئ سيد علي محمد شاه راشدئ " مسجد منزلگاه تحريڪ" جي مئي مهيني بابت رپورٽ لکي, جنهن ۾ ڪيسن جي اڪلاء بابت معلومات ڏنل آھي. سنڌ جي سياست ۾ خلافت تحريڪ " هجرت تحريڪ" هلائڻ جو هاڃيڪار فيصلو ڪيو ۽ مسلم ليگ " مسجد منزلگاه تحريڪ" هلائڻ جو نقصانڪار فيصلو ڪيو. 28.5.1944: لاڙڪاڻي جي قادري خاندان سالن جا سال ٻولئ جي جهولي ڀري ۽ علم ادب جي آبياري ڪئي. هنن طرفان جاري ڪيل رسالي شاعرئ جي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ اڙدو ٻولئ/شاعرئ کي پاڪستان ٿيڻ کان اڳ سنڌ ۾ مقبول بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ قادرين جي ميزبانئ ۾ ”سنڌي سڌار سوسائٽئ" ۽ "بزم مشاعره" جي گڏيل ڪوششن سان مشاعرا ٿيندا هئا. اڄ غوث بخش جي صدارت ۾ مشاعرو ٿيو, جنهن لاء طرح ھئي: "خموشي گفتگو ۽ بي زباني آ زبان منھنجي". 28.5.1953: پيرزادي عبدالستار جي چيف منسٽري جا ڏينھن آھن. اڄ ملڪ سڪندر خان, پير غلام رسول شاه, شفقت حسين شاه ۽ مير احمد خان ٽالپور کي پاريامينٽري سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 28.5.1955: پاڪستان سرڪار حڪم نامو جاري ڪندي چيو ته 21 جون تي "آئين ساز اسيمبلئ" جون چونڊون ڪرائبيون ۽ ان ۾ ھر هڪ صوبي مان هن تعداد ۾ ميمبر چونڊيا ويندا: پنجاب مان 20 مسلمان ۽ 01 غير مسلم, اوڀر پاڪستان مان 31 مسلمان ۽ 09 غير مسلم, سنڌ مان 04 مسلمان ۽ 01 غير مسلم, سرحد مان 04 ۽ ڪراچئ مان 01, بلوچستان مان 01 ۽ خيرپور مان 01 ميمبر. 28.5.1957: سرڪار پڌرو ڪيو ته ”غلام محمد بئراج" مان پنج هزار ايڪڙ زمين جلد ورهائي/ڏني ويندي. 28.5.1977: سرڪاري ذريعن پڌرو ڪيو ته سڀاڻي کان پيپلز پارٽئ ۽ پي.اين.اي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿينديون. *************** {28 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 28 مئي 1918ع ليکڪ ۽ صحافي محمد بخش جوهر (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 مئي 1926ع شاعر قيمت ڪمال (لاڙڪاڻو / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 مئي 1950ع سماج سڌارڪ غلام نبي قريشي (خدا آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 مئي 1953ع شاعر الهيار اُلفت جو جنم ڏينهن آهي. 28 مئي 1955ع اداڪار نرنجان آسراڻي (ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 28 مئي 1957ع شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 28 مئي 1905ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام صديق (شهداد ڪوٽ) جو انتقال ٿيو. 28 مئي 1924ع فريڊم فائيٽر خانچند پرتاب (حيدر آباد) ديهانت ڪري ويو. 28 مئي 1955ع شاعر عالم شاهه عالم جو لاڏاڻو ٿيو. 28 مئي 1962ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماج سڌارڪ حاجي خان محمد عباسي جو انتقال ٿيو. 28 مئي 1967ع شاعره ۽ شاهه جي رسالي جي انگريزي مترجم بيگم ايلسا قاضئ جو لاڏاڻو ٿيو. 28 مئي 2008ع بيوروڪريٽ امداد الله انڙجي وفات ٿي. 28 مئي 2013ع ناليواري شاعر نذير احمد جوش ٻرڙي جو لاڏاڻو ٿيو۔

No comments:

Post a Comment