Tuesday 10 May 2022

Sindh History (May 11, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (11th MAY)

11th May
 BIRTH DATES

 

1. Mustafa Qureshi (hyderabad/Artist/ birth 11th May 1937),

2. Devi Nagrani (Poetess/ birth 11th May 1941),

3. Dr .Abid Laghari (Tajpur/Poet & Scholar birth 11th May /1944),

4. Hydera Ali Talpur (Hyderabad/Politician/ birth 11th May 1944),

5. Fahim Shunas Kazmi (Poet/ birth 11th May 1965).

 

 

 

 

 

 

11th May
DEATH DATES

 

1. Mir Shahdad Khan Talpur (Ruler/ death 11th May 1867),

2. Ranjeet Wasvani (Banguldero>Ajmir/Saint/ death 11th May 1960)

3. Sher  Muhammad Marri (Baloch leader known as General Sherov/ death 11th May 1993).

 

 

 

                              

 

 

11th May

EVENTS

 

1843: Mir Yar Muhammad Khan writes to the Governor-General of India requesting him to release him with permission to return back to Sindh as he was innocent and was not engaged in any activity against British.
1948: The construction work on federal offices and residential quarters starts in Karachi.
1953: Martial Law court announces Death penalty for Moulana Moudoodi and Moulana Abdul Sattar Niazi for heading anti-Qadyani Movement and creating law and order situation more critical in Punjab.
1954: Agha Ghulam Nabi Khan, Ex-Sindh Minister is disqualified for three years.
1962: U.S Government agrees to provide Pakistan loan of 45 million for the purpose for purchase of industrial items from U.S.A. Perhaps our Sindh province has not still given birth to conduct research on the loan and its province-wise utilization.
1964: Foreign Minister of Pakistan, Z.A.Bhutto meets UNO Secretary-General and apprise him of the outstanding Indo-Pak disputes.
1973: Nine opposition leaders belonging to UDF (United Democratic Front) are arrested.
1975: It is the first time in the history of Sindhi literature that ban is imposed on 36 books and periodicals of Sindhi language under Press and Publication Ordinance. It is amazing to note that it includes Child Literature also. This drastic action is taken by PPP Government.
1977: The National Assembly adopts a bill declaring Friday the weekly holiday.
1991: The IJI Government presents the amended Shariat Bill in National Assembly. The opposition including PDA, JUI and ANP reject bill in toto.

 

نبري ويندو پنڌ پر نبري نه ٿي رات,
شال ٿئي پرڀات, پهچان در پرين جي.
[مان ته ساڳي نموني سان محنت ۽ جاکوڙ ڪريان ٿو . پر حالتن جي ڪاري رات کٽي ئي نه ٿي ۽ اجتماعي مقصدن ماڻڻ واري پره ئي نه ٿي ڦٽي. ڪاري رات تڏهن کٽندي, جڏهن قوم اٿندي.]


ٽالپورن جي دور کان اڄوڪي دور تائين اسان جي وڏڙن جي تجربن, مشاهدن, ڪارنامن ۽ غلطين جو رڪارڊ.

11 مئي جي حوالي سان تاريخ جو اسان لاء پيغام آھي ته:
1. ڌارين جي دوستي به خراب ته دشمني به بڇڙي. انگريزن اسان جي وڏڙن سان دوستي ڪري فريب ڪيو ۽ دشمنئ ۾ وري بي گناه ماڻھن کي به بخش نه ڪيائون.
2. انگريز ويا ۽ سندن جاء پنهنجن ورتي ته انهن ٻين کي راضي ڪرڻ لاء جيري لاء ٻڪري ڪٺي, پر وقت تي پنھنجن کي قربانئ جو ٻڪرو بڻايو. شهيد ڀٽي مخالف ڌر کي راضي ۽ خاموش ڪرڻ لاء شراب ۽ نائيٽ ڪلبن تي پابندي وڌي ۽ جمعي جي موڪل ڪئي, پر ڪيترن سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي اجائي ۽ جلدبازئ ۾ پابندي مڙهي, جن ۾ ٻاراڻا ڪتاب به شامل هئا.
سنڌ, پنھنجن ۽ پراون کان ڪيئن ۽ جيئن سور سٺا آھن, ان جي جهلڪ اوهان کي اڄوڪي وڊيو ٽاڪ مان به ملندي. ساڃھ-وندن لاء وڊيو ٽاڪ ۾ ٻيو به گهڻو ڪجھ آهي. ڏسو, ٻڌو ۽ قرب ڪري يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪريو.

***************
توجه طلب واقعا
***************
11.5.1837:
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل ذاتي طور تي ڪوشش ورتي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مستقل سفارتي لاڳاپا قائم ٿين ۽ اهي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جا سفير پاڻ وٽ ترسائن.
11.5.1841:
مير شير محمد حيدرآباد ۾ مقرر ڪيل فرنگين جي مقامي ايجنٽ کي لکيو هو ته مان چاهيان ٿو فرنگين سان دوستئ جو معاهدو ڪريان. ان جي جواب ۾ مقامي ايجنٽ ڄيٺانند لکيس ته فرنگين جي ڪمپني حڪومت سان دوستئ جو معاهدو تنهنجي حق ۾ آهي. ان کان پوء ڪوبه تنهنجي ملڪ ڏي اک ميري ڪري نه ڏسندو. تنهنجي ملڪ جي بچاء لاء توکي فرنگي سرڪار کي ڏن ڏيڻو پوندو.
11.5.1843:
جنگي قيدئ مير يار محمد ممبئئ جي گورنر کي عرضداشت موڪلي ته مان بي ڏوهي آھيان. آئون ته فرنگيين جو يار وفادار رهيس ۽ سنڌ ۾ مون هنن جي رستي تي ڪڏهن ڪنڊا ڪونه اڇلايا. پوء به مون کي گرفتار ڪري جنگي قيدي بڻائي ملڪ بدر ڪيو ويو آھي. مون سان رحمدل سرڪار احسان ڪري, آزاد ڪري, وطن واپس موڪلي.
11.5.1857:
ڪمپني حڪومت ڪراچئ ۾ "يورپين ۽ انڊو يورپين اسڪول" کولڻ لاء 1500 روپيا منظور ڪري, سنڌ جي ڪمشنر کي اطلاع ڏنو.
11.5.1948:
ڪراچئ ۾ وفاقي آفيسن ۽ وفاقي ملازمن جي رهائش لاء گهر/ڪوارٽر ٺھڻ شروع ٿيا. [تاريخ اسان جي سياستدانن لاء روئيندي ۽ لکندي رهي ته "انڌي بڇي ۾ خوش”.]
11.5.1953:
پنجاب ۾ قاديانين خلاف تحريڪ هلائڻ تي مولانا مودودئ ۽ مولانا عبدالستار نيازئ تي ڪيس هلايو ويو ۽ اڄ کين موت جي سزا ٻڌائي وئي. [پر هنن کي اها سزا نه ڏني وئي].
11.5.1954:
آغا غلام نبي پٺاڻ سنڌ ۾ تعليم جو وزير هئو سندس ايمڪارئ ۾ فيصلو ٿيو ته "سنڌ يونيورسٽئ" کي ڪراچئ مان ڪڍي حيدرآباد منتقل ڪبو. ٻين لاء اهڙا خير جا ڪم ڪرڻ کان پوء ”ڪم لٿو ۽ ڊکڻ وسريو" مصداق, کيس ڪنهن ٻئي بهاني سان ٽن سالن لاء سياست ۾ حصي وٺڻ کان نا اهل ڪيو ويو.
11.5.1962:
آمريڪا هائوڪار ڪئي ته صنعتن هڻڻ لاء گهربل سامان خريد ڪرڻ لاء پاڪستان کي 45 ملين ڊالر ڏنا ويندا. 1962 ۾ سنڌ ۾ سرڪار ڪهڙيون صنعتون هڻايون, اهو جواب اسان کي سنڌ جا تڏهوڪا عملدار يا معاشي ماهر ئي ڏئي سگهندا ۽ پڪ آھي ته ڄاڻيندي به جواب ڪونه ڏيندا.
11.5.1975:
ڪن-ڪچا حڪمران اڪثر ڪري شير شاه جي شڪري جيان گهر جا ڪڪڙ ماريندا آھن. ڀٽي حڪومت سنڌئ ۾ شايع ٿيل 36 ڪتابن ۽ رسالن تي پابندي مڙھي. ان ۾ ٻاراڻا ڪتاب به شامل هئا. ڪتابن جي ايڏي تعداد تي فرنگين جي زماني به بندش نه پئي.
11.5.1977:
“جيئڻ ڪارڻ جيڏيون, مون وڏا وس ڪيا"مصداق ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي حڪومت بچائڻ لاء سمجهوتي ڪرڻ ۽ حريفن کي راضي ڪرڻ جي سياست شروع ڪئي. سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي بندش وڌي وئي. شراب ۽ نائيٽ ڪلبس تي پابندي وڌي وئي ۽ اڄ قومي اسيمبلئ مان بل پاس ڪرائي جمعي ڏينھن تي موڪل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
***************
{11 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
11 مئي 1912ع مشهور افسانه نگار سعادت حسن منٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 مئي 1937ع اداڪار مصطفى قريشي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 مئي 1944ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر عابد لغاري (تاجپور) جو جنم ڏينهن آهي.
11 مئي 1944ع سياستدان حيدر علي ٽالپر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
11 مئي 1867ع سنڌ جي اڳواڻي حڪمران مير شهداد خان ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو.
11 مئي 1911ع ڀائي ڪلاچند ديهانت ڪري ويو.
11 مئي 1942ع فقير بخش ڪڇي جو انتقال ٿيو.
11 مئي 1960ع بزرگ رنجيت واسواڻي (بنگلديرو / اجمير) جي ديهانت ٿي.
11 مئي 1993 تي بلوچ ليڊر شير محمد مري گذاري ويو. هو جنرل شيروف جي نالي سان مشهور هئو.

No comments:

Post a Comment