Friday 20 May 2022

Sindh In History( May 21, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (21st MAY)
21st May
BIRTH DATES
1. Arjun Bharwani (Hyderabad >Mombai/Writer/ birth 21th May 1921),
2. Hashmat Harwani (JhandoMarri> Ahmadabad/Writer/ birth 21th May 1936),
3. Moulana NasrullahBuriro (Muhammad SalihBuriro/Religious Scholar & Freedom Fighter/ birth 21th May 1946),
4. Hussain Bux Kanhio (Allahrakhio/Writer/ birth 21th May 1949)
5. Muhammad AbidMazhar (Bajara/Poet/ birth 21th May 1951),
6. Vikram Shahani (Khairpur> Ahmadabad/Actor/ birth 21th May 1954).
21st May
DEATH DATES
1. Moulana Dur Muhammad Dol (Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 21h May 1951)
2. Hyder Bux Jatoi (Hari Movement leader, Poet and Journalist/ death 21th May 1970)
21st May
EVENTS
1943: Motomal Dhanrajmal and Kishan Jewatram, both students of Larkana Municipal High School are arrested under Section 34 a (6) and 38 a (1) of the Defense of India Rules. Both are caught red-handed with political literature against the British Government and were found addressing students’ gathering to change their loyalty and insisting them to take part in the Freedom Movement.
1949: The ban previously imposed by the Government on ‘Rajb Gathering’ in Pir Jo Goth is withdrawn.
1950: I am in favour of making Urdu as Medium of instructions, says Sindh Education Minister, Agha Ghulam Nabi Pathan.
1953: Pirzado Abdul Sattar is sworn in as the Chief Minister of Sindh.
1955: Malik Feroz Khan Noon’s ministry is dismissed in Punjab. He is replaced by A.Hamid Dasti.
1958: Allama Mashrqi and other accused in Dr.Khan Sahib’s murder are handed over to police for judicial lock-up.
1962: Khan Abdul Ghaffar Khan to remain House-arrested till further orders notifies the Government.
1975: Agricultural College Tando Jam and Engineering College Jamshoro are upgraded as universities with effect from next financial year.
1977: Islamic Foreign Ministers’ Conference, held in Libya, criticizes the reported foreign intrigues in Pakistan.
1979: Islamisation as conceived by Zia starts. An Ordinance to check obscenity in films is promulgated.
1990: Colonel Qadafi assures all help to meet aggression against Pakistan. Talks are held between Benazir and him in Libya.
1993: Pakistan will not sign Non-Proliferation Treaty unilaterally, says Pakistani Foreign office Department.
 
[21/05, 3:09 am] Dr Pathan: Sindh in History Today (21st May).
Research & Video Talk by. Dr.Pathan.
سج,صبح ۽ مان ڪنھن ناغي کان سواء روزانو اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيون ٿا. منھنجي اچڻ جو مقصد آهي ۽ رهندو ته اوهان ۽ تاريخ وچ ۾ دوستي قائم ڪرايان ۽ تاريخ-بينئ, تاريخ-فھمئ ۽ تاريخ-نويسئ جي ماحول کي پيدا ڪيان.
اڄوڪي ويڊيو ٽاڪ ۾ ٻئ چڱئ خاصئ معلومات کان سواء, هيٺ ڏنل واقعن تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي اوهان کي انھئ حوالي سان ڪجھ سوچڻ ۽ لوچڻ جي دعوت ڏني اٿم. وڊيو ٽاڪ ڏسو, ٻڌو, شيئر ڪريو. پر, يوٽيوب تي سبسڪرائيب ضرور ڪريو.
اهي ڪي واقعا آھن:
21.1.1932
سنڌ جي ڪمشنر آر.اي. گبسن پريس نوٽ جاري ڪري ڪراچئ جي مکيه روڊن رستن تي خانگي موٽر بس سروس هلائڻ جي اجازت ڏني. انھئ سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ, ايس. پي, ڪراچي ميونسپالٽئ جي نمائندي, ڪراچي ڇانوڻئ جي ايگزيڪيٽو آفيسر ۽ بس مالڪن جي ٻن نمائندن تي ٻڌل " ٽريفڪ ايڊوائزري ڪميٽي" ٺاهي ته جيئن شروع ٿيندڙ موٽر بس سروس لاء قائدا قانون جوڙي. 21.5.1943
لاڙڪاڻي ميونسپل هاء اسڪول جي ٻن شاگردن: موٽومل پٽ ڌنراجمل ۽ ڪشن پٽ جيوترام کي “ڊفينس آف انڊيا رولس" جي مختلف قلمن هيٺ گرفتار ڪيو ويو. هو اسڪولي شاگرن کي سرڪار خلاف بغاوت ڪرڻ تي ڀڙڪائي رهيا هئا. هنن وٽان تحريڪ آزادئ وارو لٽريچر به هٿ ڪيو ويو. 21.5.1949
سورهيه بادشاه ۽ سندس حرن, آزادئ جي تحريڪ ۾ ڏاڍو رياستي ڏاڍ برداشت ڪيو. انھئ زماني ۾ پير ڳوٺ ۾ ٿيندڙ 27 رجب واري ميڙاڪي تي به بندش وڌي وئي هئي. اڄ اها بندش ھٽائي وئي. 21.5.1950
سنڌ جي وزير آغا غلام نبي خان بيان ڏنو ته مان انھئ سوچ جي تائيد ڪريان ٿو ته اڙدوء کي تعليم ڏيڻ جو ذريعو بڻائجي.
21.5.1953:
پيرزادي عبدالستار کي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو.
21.5.1958
سابق وڏي وزير ڊاڪٽر خان جي قتل ۾ علامه مشرقي گرفتار ڪري جڊيشل لاڪپ ۾ وڌو ويو 21.5.1962
وڏئ سرڪار حڪم جاري ڪيو ته اسان جي ٻئي حڪم تائين خان عبدالغفار خان گهر ۾ نظربند رهندو. 21.5.1975
سنڌ سرڪار پڌرو ڪيو ته ايندڙ مالي سال کان ٽنڊي ڄام جي زرعي ڪاليج ۽ ڄام شوري جي انجنيري ڪاليج کي يونيورسٽين جو درجو ڏنو ويندو

***************
{21 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
21 مئي 1921ع ليکڪ ارجن ڀارواڻي (حيدرآباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1936ع ليکڪ حشمت هرواڻي (جهنڊو مري/احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1949ع ليکڪ حسين بخش ڪانهيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1949ع ليکڪ پٿر ٽالپرجو جنم ڏينهن آهي.
21 مئي 1951ع شاعر ۽ سياسي ڪارڪن ارشاد نبي عباسي(سوڀودير / تنوير عباسي جو ڀاء) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1951ع ليکڪ ۽ شاعر ڊاڪٽر عابد مظهر شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
21 مئي 1954ع اسٽيج ڊائريڪٽر وڪرم شهاڻي (خيرپور / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1973ع ناليواري صحافي ۽ ليکڪ الياس ٿري(ڇور) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
21 مئي 1951ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا در محمد ڊول جو انتقال ٿيو.
21 مئي 1970ع مشهور هاري اڳواڻ، شاعر ۽ ليکڪ ڪامريڊ حيدربخش جتوئئ جو لاڏاڻو ٿيو.
21 مئي 1975ع مشهور رياضيدان ۽ تعليمدان ڊاڪٽر مير نور محمد ٽالپرکي اٽليء ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو.
21 مئي 1991ع ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم راجيو گانڌئ کي خودڪش بم حملي ۾ قتل ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment