Saturday 30 April 2022

Sindh History (May 1, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (01st MAY)
1st May
BIRTH DATES
1. Mirza Hawayun Beg ' Faiq' (Hyderabad/Poet/ birth 1st May 1908),
2. Bahawal Khan 'Asim' (Jhando Gadahi/Poet/ birth 1st May 1936),
3. Qalandar Shah Lakyari(Shah Karim/Writer/ birth 1st May 1940),
4. Abdul Qadir Bhughio (K.N.Shah/Journalist/ birth 1st May 1948),
5. Dhani Bux 'Pathar' (Writer/ birth 1st May 1949),
6. Feroza Samo(Hyderabad/Did M.Phil. on 'Child Literature under Dr. Dur Muhammad Pathan's supervision/ birth 1st May 1949),
7. Muhammad Aslam Shaikh (Shahdadkot/Retd. Judge, Writer & Social worker/1951),
8. Parkash Jharomani (Baroda/Singer/ birth 1st May 1952),
9. Dr. M.Murad Chodho (Jumo Chodho/Scholar/ birth 1st May 1952),
10. Altaf Lakhr (Mured Lakhr/Writer/ birth 1st May 1957),
11. Rajib Ali 'Azhar' (Poet/ birth 1st May 1960),
12. Imam Bux Kingrani (Jani Beg/Folklore Poet/ birth 1st May 1961),
13. Faqir Manthar Mangrio (Sanghar/Ex- Editor Daily Mehran/ birth 1st May 1962)
14. M.Rafiq Bughio (Babu Khan/Writer/ birth 1st May 1962),
15. Bela Achhra (Writers/ birth 1st May 1962),
16. Aziz 'Aas' (Poet/ birth 1st May 1964),
17. Hamid Channa (Tharri Muhabat/Writer/ birth 1st May 1966),
18. Abdul Karim Shah 'Azad' (Chak/Poet/ birth 1st May 1966),
19. Udasi Fuljai (Usman Channo/Poet/ birth 1st May 1969),
20. Mehar Allahyar (Shahak/Poet/ birth 1st May 1976),
21. Sagar Zardari (Radhan/Poet/ birth 1st May 1984)
22. Najia Mir (Sukkur/News caster/Writer/birth 1st May 1986)
1st May
DEATH DATES
1. Khaliq Morai (Journalist/ death 1st May 1934),
2. Mir Rasul Bux Talpur (Hyderabad/Ex- Governor, Sindh/ death 1st May 1982)
1st May
EVENTS
1848: The Govt.of India asks the Governor of Sindh to prepare details along with schedule of pensions and grants given by Ex - Rulers as they can be continued if loyalty and sincerity with British Govt. is proved.
1850: His Highness Mir Ali Murad Khan Talpur is not happy and satisfied with proceedings and findings of the Commission appointed by the Govt. for probing his involvement in making changes in the Treaty of Nounihar.
1886: Workers demanding 'Eight hours as working hours' are fired upon by police in Chicago. This ugly event is yearly condemned as 'May Day'. The first ever May Day in Pakistan was observed in 1972.
 
Sindh in History Today (1st May). Date-wise Narration of history, since last 9 months. Research & Video Talk by Dr.Pathan.
اڄ ” مئي ڊي" آھي. 1886 ۾ ماريل پورهيتن جي رت تاريخ کي ريٽو ڪيو. پر ان کان صدي ڏيڍ اڳ سنڌ ۾ شاه عنايت شهيد " جو کيڙي سو کائي" جي مقصد واري هارين جي حقن لاء پاڻ ۽ سندس ساٿين جان جي قرباني ڏني. اسان ايڏو وڏو واقعو دنيا اڳيان نه آندو. پر شاه عنايت جي مزار مٿان پڙ وجهي کيس فقط هڪ پير فقير جي حيثيت ڏئي ڇڏي. اسان نظرياتي ۽ سياسي آدرشن تي ايئن مزارون ٺاهيندا آھيون ۽ پڙ پارائي پير بڻائي ڇڏڻ جا ڪوڏيا آهيون. اسان سندن نظرين, فلسفي ۽ جاکوڙ کي پڙن ۾ پوري ڇڏيندا آهيون.
پهرين مئي تي اسان جي وڏڙن ڇا ڪيو ۽ ڇو ڪيو؟ اهو ڄاڻڻ لاء منھنجو اڄوڪو وڊيو ٽاڪ ڏسو ۽ پنھنجئ تاريخ کي سمجھو. ڇو ته ان ۾ ساڃھ-وندن لاء کوڙ سبق آھن. اسان سان انگريزن کان وٺي ايم.ڪيو.ايم وارن ڇا ڪيو؟ اسان سان ايوب, ڀٽي ۽ ٻين ڇا ڪيو؟ اسان ڪڏهن مذھب ته ڪڏهن مطلب واري گهوڙي تي چڙھي سنڌ جي اتحاد, امن ۽ مستقبل کي ڪيئن لتاڙيو؟ اهو سڀ ڪجھ وڊيو ۾ شامل آهي, بلڪ, ان کان ٻيو به وڌيڪ ڪجھ وڊيو ٽاڪ ۾ شامل آھي. يوٽيوب تي هڪ دفعو سبسڪرائيب ضرور ڪيو. پنهنجو خيال رکجو.

**************
توجه طلب واقعا
***************
1.5.1927:
لالا لڄپت راء جي صدارت ۾ سکر ۾ ”سنڌ پراونشل هندو سميلن" ٿيو. ان ۾ پنج هزار وفد شريڪ ٿيا. هن سيمينار ۾ هندن جي سماجي, ڌرمي ۽ سياسي مسئلن تي ويچاريو ويو ۽ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ جي مخالفت ڪئي وئي.
1.5.1934:
سکر مان ڪشنچند واسديو هفتيوار اخبار "سناتن ڌرم" جاري ڪئي. هئ اخبار بنيادي طور سناتن ڌرم جي پرچار ڪندي هئي, پر ان کان سواء ڪانگريس پارٽئ جي آرگن طور به ڪم ڪيائين. "ستياگره تحريڪ" دوران نالو ڪمايائين.
5.1.1972:
ممتاز علي ڀٽي سنڌ جي, سردار عطاء الله مينگل بلوچستان جي, مفتي محمود سرحد (ڪي.پي.ڪي) جي وڏي وزير طور حلف کنيو. ملڪ معراج خالد جو نالو پنجاب جي وڏي وزير طور منظور ڪيو ويو.
1.5.1848:
هند سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته رپورٽ ٺاهي موڪل ته ٽالپورن جي دور ۾ ڪنهن ڪنهن کي پينشن يا گرانٽ ڏني ويندي هئي.
1.5.1850:
خيرپور رياست جي والئ مير علي مراد خان سنڌ جي ڪمشنر سان لکي احتجاج ڪيو ته اوهان منھنجي ۽ مير رستم خان وچ ۾ ٿيل "نونهار معاهدي" جي انڪواري ڇو ٿا ڪريو. هن وڌيڪ لکيو ته منهنجو خاندان انهئ ڳالھ تي راضي ناهي ته مان انڪوارئ لاء اوهان اڳيان پيش ٿي صفائي ڏيان. [ياد رهي ته اهو معاهدو سنڌ تي فرنگين جي قبضي کان اڳ ٿيو هو ۽ انگريزن کي مير رستم علي خان دانھون ڏيندو هو ته "نونهار معاهدي" ۾ مير علي مراد خان پنهنجئ مرضئ سان پنهنجي حق ۾ ڦير گهير ڪئي آھي. ان وقت انگريزن سندس ڪا ڳاله نه ٻڌي. ڇو ته کين مير علي مراد جي دوستئ ۽ ساٿ جي ضرورت هئي. جڏهن سنڌ تي قبضو ڪري فرنگي حاڪم ٿيا ته پنهنجي يار مددگار مير علي مراد خان خلاف انڪواري ڪرايائون.]
1.5.1886:
شڪاگو ۾ پورهيتن مزدورئ جو وقت 8 ڪلاڪ ڪرڻ لاء احتجاجي جلوس ڪڍيو. پوليس گولي هلائي هڪ پورهيت ماري وڌو. مزدور ڇڙوڇڙ ٿي وري گڏ ٿيا ۽ احتجاجي ميڙ ڪيائون. وري پوليس مٿن حملو ڪري ڪيترن کي گرفتار ڪيو ۽ پوء چئن پورهيتن کي ڦاهي ڏني وئي. انھئ سانحي ۽ جدوجهد کي ياد ڪرڻ لاء "مئي ڊي" ملهائڻ جو رواج پيو. پاڪستان ۾ سرڪاري طور تي پهريون "مئي ڊي" 1972 ۾ ملهايو ويو هو.
***************
{اڄوڪي ڏينهن پهرين مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
پهرين مئي 1908ع شاعر مرزا همايون بيگ فائق (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1936ع شاعر بهاول خان عاصم جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1940ع ليکڪ قلندر شاهه لڪياري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1940ع محقق ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1947ع مذهبي اسڪالر سيد امير علي شاهه(جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1948ع صحافي عبدالقادر ٻگهيو (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1949ع ليکڪ ڌڻي بخش پٿر جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1949ع فيروزه سمون جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1951ع ڪيترن ڪتابن جي ليکڪ، سماجي ورڪر ۽ سابق جج, سابق سيڪريٽري لا, محمد اسلم شيخ (شهدادڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1952ع گلوڪار پرڪاش جهروماڻي (بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1952ع اسڪالر ڊاڪٽر محمد مراد جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1952ع ليکڪا ۽ سماجي ڪارڪن انيس ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1957ع ليکڪ الطاف لاکير جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1960ع شاعر رجب علي اظهر جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1960ع سياستدان ڊاڪٽر رفيق احمد ٻانڀڻ(فيض گنج) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1961ع سگهڙ امام بخش ڪنگراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1962ع صحافي منٺار فقير مڱريو (سانگهڙ) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1962ع ليکڪ محمد رفيق ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1964ع شاعر عزيز آس جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1966ع ليکڪ حامد چنا (ٿرڙي محبت) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1966ع شاعر ۽ ڪهاڻيڪار عبدالڪريم شاهه آزاد بخاري(چڪ) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1969ع شاعر اداسي ڦلجائي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1971ع شاعر ايوب کوسيجو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1973ع شاعر انور ساگر ڪانڌڙو(مورو) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1976ع شاعر ميهار الهيار جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين مئي 1984ع شاعر ساگر زرداري (راڌڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
پهرين مئي 1934ع صحافي خليق مورائي جو لاڏاڻو ٿيو.
پهرين مئي 1982ع سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر مير رسول بخش ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو.
پهرين مئي 1993 تي ايم.ڪيو.ايم جي چيئرمن عظيم احمد طارق کي قتل ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment