Friday 6 May 2022

Sindh History (May 7, 2022)

Sindh in History Today (7th May). Date-wise sharing of Chronogical history of Sindh from Talpur Period to our times.
Research & Video Talk by Dr.Pathan, Founder, Gul Hayat Institute.
7 مئي جو ڏينھن وڏي-واڪ ٻڌائي ٿو ته:
* ڌاريا فرنگي جڏهن اسان جي وڏڙن کان سنڌ ڦرڻ ٿي آيا ته عوام انهن کي رت ڪيو. فرنگين وري اسان جي حڪمرانن کي رت ڪيو.
* غلامئ واري دور ۾ اسان جي تعليمي ادارن شاگردن جي شخصيت سازئ ۽ ڪردار سازئ تي توجھ ڏنو ۽ انھن ادارن کي اهڙيون نرسريون نه بڻايو جو گلن جهڙي شاگرد برادري رياستي قوتن کان کڄڻ ۽ کنڀجڻ لڳي.
* ها, برابر, غلامئ جي دور ۾ اسان جي وڏڙن مان ڪن ماڻھن انگريزن جي چاپلوسئ ڪرڻ ۽ وفاداري ڏيکارڻ جا مثال قائم ڪيا.
* پاڪستان جي آئين ٺاهڻ ۾ ان ڪري سستي ڪئي وئي ته جيئن اقتدار تي قابض ڌريون پنھنجي مرضئ سان ملڪ هلائن.
انھن تاريخي سچائن جي شاهدين سان گڏ اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ ساڃھ-وندن لاء ٻيو به گهڻو ڪجھ آھي. پاڻ ڏسو, ٻڌو, شيئر ڪريو ۽ قرب ڪري يوٽيوب تي سبسڪرائيب به ڪريو.
***************
توجه طلب واقعا
***************
7.5.1832:
سنڌ ۾ مقيم فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته سنڌ جي اڀرندي سرحدي پٽئ تي کوسن, پتوجي واگهيلا ۽ ٻين رڻ ٻاري ڇڏيو آھي. فرنگي ماڻھن ۽ واپارين کي ڦري ناڙ ڪيو اٿن. ميرپور واري مير علي مراد اسان جي مدد ۾ انھن تي چڙهائئ به ڪئي, پر انھن کان مقابلو ماري نه سگهيو.
7.5.1917:
روهڙئ ۾ ”ھوم رول ليگ" جي شاخ کولي وئي, جنهن لاء لکاسنگ وڪيل کي صدر ۽ چنديرام کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
سنڌ ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کان اڳ "هوم رول ليگ" فعال سياسي پارٽي هوندي هئي. انهئ جو تفصيلي احوال ڪتابن ۾ ته ڪونهي, پر گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
7.5.1926:
انگريزن جي دور ۾ تعليمي ادارن علم ادب ۽ ثقافت جي بي مثال خدمت ڪئي. هر ڪنهن ڪاليج ۾ ڊراماٽڪ سوسائٽي ۽ لٽرري سوسائٽي ضرور هوندي هئي. حيدرآباد ۾ ”سنڌ نئشنل ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي" هئي, جنھن اڄ کان ليلارام ماکيجاڻئ جو لکيل ڊرامو "دغاباز دنيا" اسٽيج ڪرڻ شروع ڪيو.
7.5.1935:
سکر ۾ ”انجمن اسلام" نالي هڪ تنظيم هوندي هئي. اڄ تنظيم جي صدر رحيم بخش جي صدارت ۾ جلسو ٿيو. هو سکر ميونسپالٽئ جو نائب صدر به هو. انھئ جلسي ۾ ”سنڌ زميندار" اخبار جي ايڊيٽر آغا نظر علئ, محمد اسماعيل, مولوي عبدالله, گل محمد ۽ نعمت الله به شرڪت ڪئي. ٺھراء پاس ڪري برطانيه جي شھنشاه کي سلور جوبلي ملهائڻ تي مبارڪ ڏني وئي ۽ کيس پنهنجي وفادارين جو يقين ڏياريو.
7.5.1946:
ڀلوڀائي ڊيسائئ جي مري وڃڻ جي ڏک ۾ ڪانگريسين سنڌ ۾ ھڙتال ڪئي.
7.5.1961:
آئين ۽ آئين سازئ سان ملڪي حڪمرانن جي شروع کان ئي ڪانه لڳي. ان ڪري ته آئين ساز اسيمبلئ بدران "آئين سازئ بابت صلاحون ڏيڻ لاء هڪ ڪميٽي" ٺاهي وئي. انھئ ڪميٽئ صدر کي رپورٽ ٺاهي ڏني ته هن وري اڄ ستن وزيرن واري هڪ ڪميٽي جوڙي ته جيئن تجويزن واري رپورٽ تي غور ڪري.
7.5.1966:
عوامي ليگ جي سڏ تي اوڀر پاڪستان ۾ عوام سرڪار خلاف رستن نڪتي. نارايڻ گنج ۾ پوليس گوڙ ڪندڙن تي گولي هلائي ڏه ماڻھون اڦٽ ماري وڌا ۽ ڪيترا زخمي ڪيا. [بنگالين جانين جي قرباني ڏئي پنهنجي نظرين جي حفاظت ڪرڻ جو روايتون قائم ڪيون ۽ اسان نظرين جي قرباني ڏئي پنهنجي جانين جي حفاظت ڪندا آھيون]
7.5.1972:
پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سرحدي ٺاه ٿيو.
7.5.2005:
ڳوٺ لونگاڻي, لڳ ڊکڻ ۾ صوفي حاجن شاه نقشبندئ جو 106 هون ساليانو عرس ٿيو. ٻئي ڏينھن تي صوفي سماع جي محفل ۾ راڳي فقيرن, جهڙوڪ سيد وزير علي شاه, عبدالمجيد سيال, ممتاز علي وڌي, سڪندر سانگهرو ۽ ٻين پنهنجئ ڳائڪئ سان روح راضي ڪيا.
***************
{7 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
7 مئي 1861ع بنگالي ٻولي جي مشهور اديب، شاعر ۽ فلاسافر رابندر ناٿ ٽئگورجي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 مئي 1898ع شاعر مرزا علي محمد بڪڪ مظفر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 مئي 1942ع ٻاراڻي تنظيمن جي اڳواڻ گرمک سنگهه ٽهلياڻي جو جنم ڏينهن آهي.
7 مئي 1959ع مذهبي عالم ۽ سياستدان خالد محمود سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
7 مئي 1962ع شاعر الهڏنو فقير جو جنم ڏينهن آهي.
7 مئي 1966ع شاعر وفا رضا سيال جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
7 مئي 1924ع سگهڙ عبدالرحمان چانڊيو جو لاڏاڻو ٿيو.
7 مئي 1962ع سگهڙ الهڏنو فقير ماڇئ جو انتقال ٿيو.
7 مئي 1966ع مذهبي اسڪالر مولوي نور محمد انڍڙ جي وفات ٿي.
7 مئي 1970ع شاعر سيد حاجن شاهه هم وطن جي وفات ٿي.
7 مئي 2015ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ محقق ڪيرت ٻاٻاڻي ممبئي ۾ ديهانت ڪري ويو.

SINDH IN HISTORY TODAY (07th MAY)

7th May 
 BIRTH DATES

 

1. Mirza Ali Muhammad Beg ‘Mazafar’ (Tando Agha/Poet/ birth 7th May 1898),

2. Khanchand Madnani (Rohri>Ajmir/Educationist/ birth 7th May 1907),

3. Gurmukh Sing Tahliani (Karachi >Ajmir/Writer & Social worker/ birth 7th May 1942),

4. Niaz Joyo (Abdul Rasool/Poet/ birth 7th May 1959),

5. Dr.Khalid Mahmood Soomro (Larkano/Politician & Religious Scholar/ birth 7th May 1959),

6. Allahdino (Faqir (JafarLaghari/Poet/ birth 7th May 1962),

7. Wafa RazaSiyal (Bahlani/Poet/ birth 7th May 1966),

8. Abdul WahabMemon (BaharMullan/Journalist/ birth 7th May 1969),

 

 

 

 

 

 

7th May
DEATH DATES

 

1. Abdul Rahman Chandio (Folklore Poet/ death 7th May 1924),

2. Moulvi Noor Muhammad Indhar (Shaho/Religious Scholar/ death 7th May 1966),

3. Syed Hajan shah ‘Hamwatan’ (Sita Road/Poet/ death 6th May 1970).

 

                              

 

 

7th May

EVENTS

 

1917: Elections are held for the Home Rule League branch of Rohri in which Lakhasing Advocate and Chandiram are elected as the President and Secretary respectively.
1926: The Sindh National College Armature Dramatic Society of Hyderabad stages drama ‘Dagabaz Dunia’ written by Lilaram Makhijani.
1935: The meeting of the ‘Anjuman Islam’,Sukker is held under the presidency of Rahim Bux (Vice President of the Sukkur Municipality). The meeting is attended by Agha Nazar Ali, Muhammad Ismail; Moulvi Abdullah; Gul Muhammad and Naimatullah. The meeting resolved to send congratulation message to the Government on the eve of Silver Jubilee celebrations of King Emperor and assure the Government loyalty and sincerity on behalf of the members of the Animan.
1945: Germany surrenders unconditionally to Allies. The war in Europe ends. This may kindly be kept in mind that Royal Indian Navy took very effective role in the war and Indian merchant seamen toiled to maintain the traffic of the sea.
1946: Sindh Congress observes ‘Bhulabhai Desai Day’.
1961: Seven-member cabinet committee is formed to review the constitutional proposal.
1972: Pakistan China sign a new border trade agreement.

 

No comments:

Post a Comment