Sunday 29 May 2022

Sindh in History( May 30, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (30th MAY) 30th May BIRTH DATES 1. Mustaq Ali ‘Mushtaq’ (Poet/ birth 30th May 1946). 30th May DEATH DATES 1. Syed Muhammad Salih Shah SaniJilani (Saint/ death 30th May 1833), 2. Pari Bai (Hyderabad/Educationist/ death 30th May 1937), 3. Abdul Fatah ‘Faiq’ (Poet/ death 30th May 1957), 4. Mirza Hamayoon Baig ‘Shaiq’ (Hyderabad/Poet/ death 30th May 1957). 30th May EVENTS 1843: The Government of India accord permission to the Governor of Sindh for appointment of Dy.Collectors in Sindh. 1848: Spays of Baggage Crops committed offence out of the Cantonment limits of Shikarpur and they faced trial conducted by Police authorities. Today, the Sindh Commissioner sends report to the Government of Bombay. 1931: All-India Khilfat Conference openes at Bombay under the presidency of Moulana Abdul Majid Badauni. Delegate comprising of eminent Khilafat leaders from Sindh is participating. 1941: Juma Khan ‘Gharib’ presides over Poetic Sitting jointly organized by Bazim Mushaera of Larkano and Sindhi Sudhar Society. 1948: 2-day Hari Conference held at Ratodero elects new office-bearers of the Hari Committee, and they are: Hyder Bux Jatoi (President), Moulvi Muhammad Maaz (V.P-1), Abdul Wahid Soomro (V.P-2), Abdul Ghafoor Jan Sarhandi (V.P-3),Abdul Qadir M.Khan (General Secretary)and Moulvi Azizullah Jarwar (Joint Secretary). Following were elected as members of the Working Committee: Ghulam Dastgir and Hakim Din Muhammad (From Larkano), G.M.Syed and Shoukat Ali (From Dadu), Osto Muhammad , Rais Brohi and Khudadad Bhatti (From Nawabshah/Benazirabad), Syed Muhammad Shah Amroti and Moulvi Taj Muhammad Khoso (from Sukkur), Moulvi Sher Muhammad and Sawami Nagdev (From Jacobabad),Allah Bachayo Jarwar , Muhammad Alam Kerio and Ghulam Muhammad Bam (From Hyderabad), Jan Muhammad Pali, Ghulam Muhammad Laghari, Mir Muhammad Talpur and Muhammad Ismail Abbasi (From Tharparkar). 1951: Main accused in the Rawalpindi Conspiracy Case, Rtd.Major General Akbar is produced before the court headed by Justice Muhammad Sharif. 1966: No other country, but only Pakistan can resolve the Kashmir issue. 1972: Abdul Hamid Khan Jatoi is released and re-arrested. Everything in politics is fair! 1974: Twenty-five thousand Biharis are allowed to migrate and majority of them will be opting for Karachi. 1988: Muhammad Khan Junijo terms action of Zia-ul-Haq as arbitrary and against the fundamentals of the democratic process. Today, Provincial Assemblies and Cabinets are also dissolved by the President. 1990: Twenty-four killed as terrorists go on rampage in Karachi. More thirty-four persons are killed as a missile hit New Karachi. 1993: No-Confidence Motion move is initiated by 37 PDA members against Sindh Chief Minister, Syed Muzaffar Shah. Sindh in History Today (30th May). Research & Video Talk by Dr.Pathan. حاڪمن جي ڌئونس ۽ حالتن جي کونئس, سنڌ جي تاريخ جو تت آھي. انھئ باوجود سنڌي سٻاجهن عزت واري تشخص لاء جيئڻ جا وڏا وس ڪيا آھن. انھئ حقيقت جي جهلڪ اوهان کي شاهدين ثابتين سميت منهنجي وڊيو ٽاڪ مان ملندي. ان کان سواء اوهان کي وڊيو ۾ ٻي اضافي ڄاڻ به ملندي. ٽالپورن جي دور کان موجوده دور جا ڪي هي توجه طلب واقعا وڊيو ۾ بحث ھيٺ آيا آھن: 30.5.1835: ڪرنل پاٽينجر ميرن سان سنڌوندئ بابت معاهدي ڪرڻ لاء حيدرآباد پھتو. سيٺ نائونمل ھوتچند سندس ڀرپور مدد ڪئي. ڪمپني سرڪار چاهي پئي ته فرنگين کي سنڌوندئ ذريعي واپار ڪرڻ ۽ سنڌوندئ ۾ ان مقصد لاء آگبوٽ ھلائڻ جو موقعو ملي. 30.5.1841: ڪئپٽن لي ميزيوئرر کي Captain Le-Messurier کي سنڌ جي حدن ۽ دڳن پيچرن جي سروي ڪرڻ لاء ڏکڻ سنڌ جي پوليٽيڪل ايجينٽ جي ماتحت مقرر ڪيو ويو هو. اڄ ڪمپني حڪومت ميجر آئوٽرام کي ٻڌايو ته سندس سفري الائونس به مقرر ڪيو ويو آھي ۽ هاڻي هن کان سروي وارو ڪم جلدي مڪمل ڪرايو وڃي. ڌارين کي سنڌ ۾ سنڌ خلاف ڪم ڪرڻ جو ماحول پنهنجا ئي پيدا ڪري ڏيندا آھن. اها شاهدي هن واقعي مان ملي ٿي. انگريز اڃا ملڪ جا والي نه ٿيا هئا, پر کين سنڌ جي جاگرافيائئ جاچ پڙتال ڪرڻ جي اجازت ملي وئي. 30.5.1843: فرنگي سرڪار سيٺ نائونمل کي ڪراچي ڪليڪٽوريٽ جو ڪاردار مقرر ڪيو ويو. 30.5.1851: گذريل سال فيبروري مهيني ۾ ممبئئ جي صوبائي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر رابرٽ پرنگل کي سرڪاري ادارن ۾ سنڌئ کي "دفتري ٻولي" بنائڻ لاء لکيو هو. اڄ ڪمشنر بارٽل فريئر خط لکي صوبائي حڪومت کي ٻڌايو ته حڪم جي تعميل لاء قدم کنيان پيا وڃن. اهي دوست جيڪي بارٽل فريئر کي انھئ ڪم لاء پٽڪو ٿا ٻڌرائن تن کي سوچڻ گهرجي ته ٻولئ بابت ڳالهيون اڳ هلندڙ ھنيون. سر بارٽل فريئر سنڌ ۾ وڏا ڪم ان ڪري ڪرايا جو 1857 وارئ جنگ آزادي هن جي ڏينھن ۾ ھلي ۽ هو سنڌين جي دلين وٺڻ ۽ حڪومتي انتظام مظبوط ڪرڻ تي مجبور هو. 30.5.1851: آمريڪي واپارئ گارڊنر سرڪار کان اجازت گهري هئي ته هو سنڌ ۾ لوه ٺاهڻ جو ڪارخانو لڳائڻ گهري ٿو, ان جي اجازت ڏيو. ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي بورڊ آف ڊاريڪٽرس هن ڪم ۾ دلچسپي ورتي. سنڌ جي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڪراچئ جي ڪليڪٽرن کي رپورٽ لکڻ لاء چيو. اڄ ممبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي تاڪيد ڪيو ته ان سلسلي ۾ گهربل ڪم ۾ اڳرائي ڪجي. 30.5.1884: فرنگي فوجي سنڌ ۾ جتي به وڏي تعداد ۾ رهندا هئا, اتي پنهنجي وندر ورونھن جو بندوبست ڪندا هئا. ڪراچئ ۾ سندن "ڊراماٽڪ ڪلب آف دي گلوسٽر ريجمينٽ" هوندي هئي. انھئ ڪلب طرفان انگريزئ ۾ ڊراما اسٽيج ٿيندا هئا. اڄ کان انھئ ڪلب "وليج ورچو" نالي سان ڊرامو اسٽيج ڪيو, جيڪو ڪيترا ڏينھن هليو. 30.5.1948: رتيديري ۾ ”هاري ڪانفرنس" ٿي جيڪا ٻه ڏينهن هلي. موقعي تي عهديدارن جي هن ريت چونڊ ٿي: حيدر بخش جتوئي(صدر), مولوي محمد معاذ, عبدالواحد سومرو ۽ عبدالغفور جان سرهندي (ٽئي نائب صدر), ڊاڪٽر ايم اي خان (جنرل سيڪريٽري) ۽ مولوي عزيزالله جروار (جوائنٽ سيڪريٽري). هي وري ورڪنگ ڪميٽئ تي ميمبر ڪري رکيا ويا: غلام دستگير ۽ حڪيم دين محمد (لاڙڪاڻي مان), جي.ايم.سيد ۽ شوڪت علي(دادو مان), اوستو محمد, رئيس بروهي ۽ خداداد ڀٽي (نواب شاه مان), سيد محمد شاه امروٽي ۽ مولوي تاج محمد کوسو (سکر مان), مولوي شير محمد ۽ سوامي ناگديو (جيڪب آباد مان), الله بچايو جروار, محمد عالم ڪيريو ۽ غلام محمد بام (حيدرآباد مان), جان محمد پلي, غلام محمد لغاري, مير محمد ٽالپور ۽ محمد اسماعيل عباسي (ٿرپارڪر مان). 30.5.1954: ٿالهئ ۾ آزادي رکي ڪا اوڀر بنگال/اوڀر پاڪستان کي مفت ۾ نه ڏني وئي هئي. ان لاء بنگالين گهڻو ڀوڳيو ۽ وڏي ڳري قيمت ادا ڪئي. اڄ اتي گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو, فضل الحق-حڪومت ٽوڙي وئي ۽ ميجر جنرل اسڪندر مرزا کي گورنر مقرر ڪيو ويو. 30.5.1972: ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي سياسي مخالفن کي گهڻو تنگ ۽ سوڙھو ڪيو. اڄ عبدالحميد جتوئئ کي هڪ ڪيس مان آزاد ڪيو ويو ته ٻئي ڪيس ۾ وري ٻڌو ويو. 30.5.1974: 25 هزار بهارين کي هجرت ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو. سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جو ڪم پنهنجن ۽ پراون گڏجي پئي ڪيو آھي. 30.5.1988: وزير اعظم محمد خان جوڻيجي کي ڪن نه جن. هن کي ضياء الحق عهدي تان هٽايو. اڄ وري صوبائي اسيمبليون ۽ حڪومتون ٽوڙيون ويون. 30.5.1990: دهشتگردن ڪراچئ ۾ 24 بي گناه ماڻھن کي ماريو. سنڌ جي تاريخ ۾ ھن قسم جا قهر اڳ ڪو نه ٿيا. 1970ع کان وٺي اڄوڪي ڏيھن تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جيڪا دهشتگردي ٿي آھي, ان تي گل حيات مواد/معلومات گڏ ڪري "Sorrows of Cites" جي عنوان سان محفوظ ڪيو آھي. *************** دوست وڊيو ٽاڪ ڏسن ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪن. ************** {30 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 30 مئي 1946ع شاعر مشتاق علي مشتاق جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 مئي 1942ع سياستدان سردار احمد علي خان پتافئ جو جنم ڏينهن آهي. 30 مئي 1969ع شاعر ۽ ليکڪ سجاد مهر جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 30 مئي 1833ع بزرگ سيد محمد صالح جيلاني ثاني جو لاڏاڻو ٿيو. 30 مئي 1955ع شاعر سيد محمد عالم شاهه عالم ٽکڙائئ جو لاڏاڻو ٿيو. 30 مئي 1981ع بنگلاديشي صدر ضياء الرحمان کي چٽگانگ ۾ قتل ڪيو ويو. 30 مئي 2011ع صحافي سيد سليم شهزاد کي قتل ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment