Saturday 21 May 2022

Sindh in History (May 22, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (22nd MAY)

22nd May
 BIRTH DATES

 

1. Faqir Allah Rakhio Mahar (Sadiq Ji Wandh/Poet/ birth 22nd May 1820),

2. Syed Panah Ali Shah (Moro/Ex - Secretary Education/ birth 22nd May 1929),
3. Thanwar Satwani (Dadu/Ajmir/Writer/ birth 22nd May 1936).

 

 

 

 

22nd May
DEATH DATES

 

1. Hafiz Abu Muhammad Salm Sindhi Muhadis (Religious Scholar/ death 22th May 1846),
2. Pir Roshan Sarhandi (Saint/
death 22th May 1901)
3. Kavi Sant Sawami Pahlajrai (Khahi - Divali/Poet/
death 22th May 1968 )

 

                              

 

 

22nd May

EVENTS

 

Part1

1843: The importance of Shikargahs of Sindh is realized by the Governore. Therefore he wants to establish Department so as to derive profit from the timber and to make Shikargah a great source of revenue.
1851: The Collector Karachi decides for erection ofMarket and with his efforts Empress Market is erected on the place where some revolutionaries were blown up with Cannon in connection with involment in events of 1857.
1920: The Sindh Khilaft Committee sends share of Rs.15000 to Moulana Muhammad Ali Johar through All -India Khilafat Committee. The amount is to be utilized on sending Khilafat Deputations to other countries.

Part2

1948: Karachi shall be the capital of Pakistan, resolve the Constituent Assembly.
1949: The Working Committee of the Punjab Muslim League demands resignation of the Non - Muslim Governor Sir Francis Mudie. He was replaced in August that year.
1953: Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, Kazi Akbar, Ali Nawaz Khan Mahar and Kazi Abdul Manan are inducted in Sindh Cabinet.
1963: President Ayub joins Convention Muslim League.
1992: Prime Minister Nawaz Sharif asks India not to interfere in Sindh. He claims that Al - Zulfikar connection with PPP will soon be made public. Justifies Operation in Sindh.
1993: Taj Muhammad Jamali resigns as the Chief Minister of Baluchistan

 

Dr Pathan: Sindh in history today (22nd May). Research & Video talk by Dr.Dur Muahamman Pathan. Daily History-telling since last decade. It covers very important events from Talpur Period, British Period and Contemporary Period. Unique work being done by one Man.
22.5.2022 تي مون طرفان اوهان کي سلام ۽ دعائون. اڳي ناني يا ڏاڏي ٻارڙن کي آکاڻيون ٻڌائي ننڊ ڪرائينديون هيون. پر آئون پهريون پنهنجو ننڊون ڦثائي اوهان لاء تاريخ مان ڪهاڻيون/واقعا چونڊيندو آھيان ۽ پوء اوهان کي قومي طور تي هوشيار, بيدار ۽ سجاڳ ڪرڻ لاء اوهان سان کي اهي ڪهاڻيون ٻڌائيندو آھيان. اسان زندگئ جي هر شعبي ۾ اکيون ٻوٽي هلڻ, هوائي ۽ غير منطقي ڳالهين کي قبول ڪرڻ, اصولن خواه قدرن جي پيروائي يا پوئواري ڪرڻ بدران نالي ماتر رهبرن کي پوڄڻ جا عادي بڻجي چڪا آھيون. ماضئ سان محبت ۽ گڏيل روشن مستقبل جو آئيندو اسان کان وسري رهيو آھي. فنا ٿيندڙ قوم جون ڪيتريون نشانيون اسان ۾ موجود آھن. اهڙن ذھنن ۽ دلين اڳيان آئون روز تاريخ جو آئينو رکندو آھيان ته من ڪو ان ۾ پنھنجو اصل چھرو ڏسي, سوچن ۽ لوچن جا قبلا درست ڪري. اچو آئينو ڏسون ۽ تاريخ پڙھون.
***************
22.5.1842:
ڪمپني حڪومت جو گورنر جنرل پنهنجي سيڪريٽرئ جي هٿان اڄ سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي ٻه خط لکي ٿو.
هو پهرين خط ۾ لکي ٿو ته گذريل ٿورن هفتن ۾ افغانستان جون حالتون اسان لاء پريشان ڪن ٿي رهيون آھن. غزني ۽ جلال آباد ۾ جهڙوڪ انقلاب اچي ويو آھي. اسان جو شاه شجاع کي تخت تي ويهارڻ وارو تجربو به ڪامياب نه ويو. هاڻي اسان کي سنڌ جي حالتن تي وڌيڪ توجھ ڏيڻو آھي. اسان سفارتڪارن جا عهدا ۽ پگهارون وڌائي رهيا آھيون. ڪراچئ ۽ منوڙو نيول عملدار جي هٿ ۾ رکڻ گهرون ٿا. سنڌوندئ ۾ آگبوٽ ھلائڻ لاء قدم کڻي رهيا آھيون ۽ منوڙي ۾ فوجين جو انگ وڌائي رهيا آھيون.
هو ٻئي خط ۾ لکي ٿو ته خيرپور ۽ حيدرآباد جي حڪمرانن کان سواء اسان کي خان آف قلات سان به افغانستان جي نئين صورتحال ۾ نيئن طريقي سان لاڳاپن کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻو پوندو. ڪراچي ۽ منوڙو ان کان سواء سکر ۽ بکر جو ٻيٽ اسان جي قبضي ۾ ھجڻ گهرجن. شڪارپور بدران اسان کي هاڻي سکر کي دفاعي ۽ تجارتي مرڪز بنائڻو پوندو.
22.5.1843:
سنڌ جي قابض فوجي گورنر نيپيئر اڄ ڪمپني حڪومت کي لکيو ته سنڌ جا ٻيلا اسان جي لاء آمدني جو وڏو وسيلو آھن. انهن مان اسان کي ٽمبر, پکي پکڻ, لاک, ماکي ۽ جهجهيون جڙي ٻوٽين ملنديون. مون کي اجازت ڏيو ته ٻيلن جي سار سنڀال ۽ انتظام لاء مان عملدار مقرر ڪريان.
22.5.1920:
حيدرآباد ۾ نور محمد وڪيل جي صدارت هيٺ ”سنڌ خلافت ڪميٽئ" جا گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ھي ڪم اڪلايو ويو: 1). پارٽئ جي آئين/دستور العمل تي ويچار ڪرڻ, 2). پارٽئ کي مقبول ۽ عوامي بنائڻ لاء مبلغ مقرر ڪرڻ, 3). پارٽئ لاء چندو گڏ ڪرڻ, 4). پارٽي جي شاخن جي ڪارڪردگئ کي ڏسڻ لاء ”گشتي وفد" ٺاهڻ, ۽ 5). ديسي هنرن کي هٿي وٺرائڻ لاء منصوبه بندي ڪرڻ.
اتي انھئ ڏينھن تي پير تراب علي شاه جي صدارت ۾ ”ھجرت ڪميٽئ“ جي گڏجاڻي به ٿي, جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گورنر جي پولٽيڪل سيڪريٽرئ کي تار اماڻي ٻڌايو وڃي ته سنڌ جا 25 هزار مسلمان انگريز سرڪار جي مذھبي معاملات ۾ مداخت وارئ پاليسئ جي خلاف احتجاج طور افغانستان ڏانھن هجرت ڪرڻ لاء تيار آھن.
22.5.1934:
حيدرآباد جي نئشنل ڪاليج جي ڊراماٽڪ سوسائٽئ "بي بها موت" جي نالي سان ڊرامو اسٽيج ڪيو. اهو ڊرامو نانڪ رام ڌرمداس آڏواڻئ جو لکيل هو. هن ڊرامي ۾ ھيرو جهانگياڻئ, اتو لالواڻئ ۽ وشنو آڏواڻئ اداڪاري ڪئي.
22.5.1848:
پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلئ موشن کي منظور ڪندي, فيصلو ڪيو ته ڪراچي شهر ملڪ دائمي طو جي گادئ جو شهر رهندو.
22.5.1971:
ممبئئ ۾ ڀرتڪمار ڊنگرا "للت ڪلا سنگم" قائم ڪئي. انھئ طرفان ڪيترا ناٽڪ اسٽيج ڪيا ويا. جن مان "بنڊل باز", "مڪان ۽ مصيبت" , "نئين هيروئن" ۽ "بي ڏوهئ جو ڏوه" ذڪر لائق آھن.
22.5.1992:
ملڪ جي وزير اعظم نواز شريف انڊيا کي چتاء ڏنو ته سنڌ ۾ ملڪ -دشمن علحدگي پسند ماڻھن جي مدد ۽ همت افزائي نه ڪر. هن وڌيڪ چيو ته ويجهر ۾ شاهديون ڏئي سرڪار اهو به ثابت ڪندي ته پيپلز پارٽي "الذوالفقار" تنظيم جي پٺ ڀرائي ڪري رهي آھي. هن وڌيڪ ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جو خاتمو هر حالت ۾ ڪيو ويندو. [سنڌ ۽ سنڌين تي مڙھيل هٿراڌو بدقسمتئ جو اهو عالم ڏسڻ جهڙو آھي ته سنڌي وفاق پرست هجن يا قوم پرست, ٻئي تخريبڪار چيا وڃن ٿا ۽ ٻئي طرف وري "ڌاڙيل فيڪٽر" جي همت افزائي ۽ تربيت ڪري سنڌين کي ڦري ماري ۽ امن قائم ڪرڻ جي بهاني سوين سگهارن ماڻھن کي سنڌ ۾ دائمي روزگار مهيا ڪيو ٿو وڃي]
{22 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
22 مئي 1820ع شاعر فقير الهرکيو مهرجي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 مئي 1929ع اڳوڻي سيڪريٽري تعليم سيد پناهه علي شاهه (مورو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 مئي 1936ع ليکڪ ٿانور ستواڻي (دادو / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
22 مئي 1441ع بزرگ سيد احمد ٺٽوي(ٺٽي جا شيرازي سندس اولاد مان آهن) لاڏاڻو ڪري ويو.
22 مئي 1846ع مذهبي اسڪالر ۽ عالم حافظ ابو محمد سالم سنڌي محدث جو لاڏاڻو ٿيو.
22 مئي 1901ع بزرگ پير روشن سرهندي جو لاڏاڻو ٿيو.
22 مئي 1968ع شاعر ڪوي سنت سوامي پهلاج راءِ ديهانت ڪري ويو.
22 مئي 1989ع ناليواري سماجي ڪارڪن ابراهيم دائود گلزار ميمڻ(حيدرآباد) جو انتقال ٿيو.
22 مئي 2012ع جيئي سنڌ متحده محاذ جي اڳواڻ مظفر ڀٽو تي تشدد ڪري کيس شهيد ڪيو ويو.
22 مئي 2012ع شهيد سنڌ غزاله بتول صديقئ کي ڪراچي ۾ وحدت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment