Saturday 14 May 2022

Sindh History (May 15, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (15th MAY)
BIRTH DATES:
15thMAY
DaniBux ‘Dhanan’ (Sonmiyani/Poet/ birth 15th May 1920),
Jhamandas ‘Ashiq’ (Khamam/Poet & Journalist/ birth 15th May 1924),
“Ghalib’ Malkani (Malkani/Poet/ birth 15th May 1930),
Dr.MotiParkash (Daro/India/Scholar/ birth 15th May 1931),
‘Wafa’ Nathanshahi (Amratsar>K.N.Shah/Poet/ birth 15th May 1944),
ChandoAhuja (Baroda/Artist/ birth 15th May 1953),
Muhammad Baran (NazimBaran/Poet/ birth 15th May 1958),
‘Faiz’ Pirzado (Balhreji/Poet/ birth 15th May 1959),
MoulaBux Chand (Writer & Social worker/ birth 15th May 1961),
Ashraf Zaman (Pirchandam/Writer/ birth 15th May 1962),
Naeem Malik (Faiz Muhammad Malik/Journalist/ birth 15th May 1964),
FaqirQasmani (Rasoolpur/Journalist/ birth 15th May 1965),
‘Haziq’ Solangi (Radhan Station/Poet/ birth 15th May 1969),
NadarTajAbro (Larkano/Writer & Social worker/ birth 15th May 1970),
PiralDayo (Noraja/Jornalist/ birth 15th May 1971),
BalaBaloch (Shahdadkot/Poet/ birth 15th May 1972),
DEATH DATES:
15thMAY
Syed Rakhyal Shah (Fatehpur/Saint Poet/ death 15th May 1940),
GhamdilFaqir (NabiBuxWagan/Saint Poet/ death 15th May 1972)
, Pir Ali Muhammad ‘Azhar’ Relai (Poet/ death 15th May 1982),
Muhammad MuharamBaloch (Larkano/Journalist/ death 15th May 1982).
EVENT DATES:
15th May
1906: A Box of the cordile is exploded in the polygon building of the Hyderabad Fort, and sets it on fire. At 8.30 a terrific explosion shook the town and at the same time tons of bricks and stone are hurled in all direction, killing eight persons on the spot and wounding a large number.
1919: Nawab Qaisar Khan Magsi of Larkana offers his support to the Government that was facing some trouble given by Afghanistan. He announces to put services of 50 people at the disposal of the Government and those will fight agaist Afghanistan on behalf of Britsh Government.
1920: The Viceroy of the India in Notification No 3042 express his sympathy with Indian Muslim and declares that though, due to natur of terms of treaty with Trukey, Indian Muslims will be hurt to extend but, he is confidient that Indian Muslims will prove their loyalty with Crown and will not be irritated with terms.
!931: A meeting of Religious Muslim Scolars is held at Badin and the branch of Jamiat-ul-Ulema, Sindh is opened with following as its founder office-bearers: Moulana Ghulam Ali (President), Moulana Abdul Wahab (Vice President), Moulana Ahmad Malah (Sectertary) and Haji Abdullah (Treasurer).
1946: A public meeting is organized by the local branch of the Muslim National Party at Jacobabad, Ali Muhammad Makrani, Vice President of the party presiding. Sopeeches of lives and achievements of Aslam Achakzai and Allah Bux Soomro are made and resolution on Hindu-Muslim unity and Freedom Movement are adopted. Muhammad Amin Khoso, Agha Muhammad Shafi, Muhammad Momin Kalim, Choithram Dembha, Pesumal and Kodomal also spoke on the occasion.
1948: Special Tribunal consisting of Justice A.Rashid and Justice Shahabuddin is constituted for trial of Muhammad Ayub Khuhro, Ex-Chief Minister of Sindh.
1951: Tribunal comprising of Justice Abdul Rahman, Justice Aminuddin & Justice Muhammad Sharif is constituted to hear Rawalpindi Conspiracy case.
1953: Sindh Assembly supports Qazi Fazulullah to form Sindh Government.
1955: Home Minister Major General Iskandar Mirza holds talks with his Indian counterpart .
!956: Government is not bound to accept recommendation of Pakistan Muslim League on the political crisis in West Pakistan, says Prime Minter Muhammad Ali.
1971: Uprising has been defeated for ever. However, some events of creating law and order are some times reported, says General Tikka, Governor of East Pakistan.
1977: Acting President of PNA, Pir Pagaro is house arrested for three days.
 
Sindh in History Today (15th May). Research & Video Talk by Dr.Pathan
السلام عليڪم/ نمستي/صبح بخير:
مون اڄوڪي پنھنجي وڊيو ٽاڪ ۾ انگريزن ۽ پنهنجي دور جي ڪن واقعن جو ذڪر ڪيو آھي. انگريزن جي دور مان "خلافت تحريڪ" جو واقعو اسان جو ڌيان ڇڪرائي ٿو. خلافتين ماڻهن کي ملڪ ڇڏڻ ۽ هجرت ڪرڻ واري ڳالھ ڪري, سياسي غلطي ڪئي. ماڻھن مڙس ٿي حالتن کي منھن ڏيڻ بدران ڀڄي جان ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ پاڻ کي رولي ماريو.
انھن ۽ ٻين واقعن جي پس منظر ۽ پيش منظر کان علاه وڊيو ٽاڪ ۾ گهڻو ڪجه ٻڌي سگهندا .ممتاز پٺاڻ گل حيات جي ميڙئ چونڊئ بابت ڇا ٿو لکي ۽ محسن علي پٺاڻ ولادتن ۽ وفاتن جي حوالي سان ڪهڙا ۽ ڪيترا ڪارڊ ڊزائن ڪيا آھن. اهي تفصيل وڊيو ۾ آھن.
دوستو ! هئ پنهنجي تاريخ آھي. ڏسو, ٻڌو, سنگت سان شيئر ڪريو. يوٽيوب تي سبسڪرائيب ضرور ڪريو, سبسڪرائيب ڪرڻ ۾ ڪن دوستن سستئ جو مظاهرو ڪيو آهي. سبسڪرائيب ڪرڻ تي ڪنهن جو نه پئسو ضايع ٿيندو ۽ نه وري وقت ضايع ٿيندو.
پنهنجو خيال رکجو.

***************
توجه طلب واقعا
***************
15.5.1843:
جنگي قيدئ مير رستم علئ خان اڄ ممبئئ جي گورنر کي خط لکيو. ان کيس ثنا جا وڏي کان وڏا لقب ڏنا ۽ دنيا ۾ چونڊ ڏاهو, معتبر ۽ مانائتو عظيم انسان چيو. خط ۾ لکي ٿو ته 85 سالن جي ڄمار پوڙھو جو ماڻھو آھيان. مان پنهنجي ڀاء ۽ مقرب ماڻھن جي دشمنئ ڪارڻ قيد ڪيو ويو آھيان. مان پاڻ نيپيئر اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري پيش ٿيو هئس ته جيئن سندس تحفظ ۽ پناه ۾ رهان. پر هن مورڳو مون کي باندي بڻائي ڇڏيو. اوهان پوڙھي تي رحم ڪري آزاد ڪري وطن واپس موڪليو. هو لکي ٿو:
Otherwise, this slave of the threshold will put an end to his life at the door of the dignified......
15.5.1844:
سنڌ جي گورنر چارلس نيپيئر اڄ ڪمپني حڪومت کان شڪارپور ۽ ٻين وڏن شھرن ۾ سرڪاري ڊسپينسريون کولڻ لاء اجازت گهرڻ لاء مراسلو لکيو. [انگريز ظالم ۽ قابض ھئا, پر هنن صحت ۽ تعليم جي ادارا قائم ڪيا, جن جو سنڌ ۾ اڳ خواب خيال به ڪونه هو.]
15.5.1850:
ڪمپني حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کان پڇيو ته ڇا سنڌ ۾ اها سوچ وڌي رهي آھي ته مڪاني طور تي ڪو وڏيرڪو نظام قائم ڪيو ويندو. جيڪڏهن اهڙي سوچ اڀري رهي آھي ۽ ان سان اسان جو ڪامورڪو نظام متآثر ٿيندو ته پوء ماڻھن جي سوچ ڪيئن مٽائجي. [ انگريز سنڌ ۾ اپر ڪلاس جي ڪوڙڪي ٺاهڻ جي لاء ته ڪم ڪن پيا, پر انھن کي سرڪاري انتظام کان پري رکڻ پيا گهرن. هو ڪوڙڪئ ۾ عوام ڦاسائڻ گهرن پيا ۽ اپر ڪلاس کي ڪامورڪي نظام جو ڳيجهو بنائڻ گهرن پيا]
15.5.1858:
سرڪار طرفان هفتيوار "فوائد الاخبار" جاري ٿي. اها سنڌئ ۽ فارسئ ٻولين ۾ ھوندي هئي. اخبار ڪراچئ جي گورنمينٽ پريس ۾ ڇپبي هئي. ان ۾ تعليم جي اهميت ۽ ضرورت بابت ليک ڇپبا هئا.
15.5.1906:
حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾
Cordile
جي دٻي کي باه لڳي, جنهن ڪري ھنيان ڏاريندڙ ڌماڪا ٿيا. سڄو شهر ڌڏي ويو. سوين مڻ سرون اڏي وڃي ڪريون. اٺ ماڻھون اڦٽ مري ويا ۽ ڪيترا زخمي ٿي پيا.
15.5.1919:
سنڌ جي ڪمشنر لکت نمبر 299 موجب هند سرڪار کي اطلاع ڏنو, جيڪو ممبئي سرڪار جي سرڪاري گزيٽ جي شماري نمبر
w-3001
مورخه 20 مئي 1919 ۾ شايع ٿيو. اطلاع هي ڇپيو ته افغانستان هند سرڪار کي پريشان ڪري رهيو آھي. انھئ جي ڏاڍائين کي منھن ڏيڻ لاء نواب قيصر خان مگسئ هند سرڪار کي آڇ ڏني آھي ته هو پنهنجي طرفان 50 جوڌا سرڪار حوالي ڪندو جيڪي محاذ تي هند سرڪار پاران افغانين سان وڙھندا. [اسان جي اپر ڪلاس فرنگي سرڪار جي ايئن به خدمت ڪئي]
15.5.1920:
خيرپور ناٿن شاه ۾ سيد غلام شاه جي صدارت ۾ خلافت جو جلسو ٿيو. ان ۾ ٺھراء پاس ڪري, 1. جيڪب آباد جي ڪليڪٽر جي خلافيتن کي تنگ ڪرڻ تي مذمت ڪئي وئي, 2. ماڻھن کي هجرت ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو ويو, 3.هندو مسلم اتحاد قائم ڪرڻ جو عوام کي تاڪيد ڪيو ويو.
15.5.1920:
هندستان جي وائسراء پڌرنامو ( نمبر 3042) جاري ڪري هندستان جي مسلمانن کي ٻڌايو ته ترڪئ سان عهدنامو ٿي چڪو آھي. ان جا شرط مسلمانن کي ڏکيا لڳن ته اسان جي فرمانبردارئ ۽ وفادارئ ۾ اهي قبول ڪن.
15.5.1931:
بدين ۾ ڏکڻ سنڌ جي مشهور ديني عالمن جو ميڙاڪو ٿيو, جنهن ۾ ”جمعيت العلماء سنڌ" جي شاخ کولي وئي ۽ ان لاء ھن ريت عهديدار چونڊيا ويا: مولوي غلام علي (صدر), مولوي عبدالوهاب (نائب صدر), مولوي احمد ملاح (سيڪريٽري) ۽ منھاج حاجي عبدالله (خزانچي).جيڪي عالم هن ميڙاڪي ۾ شريڪ ٿيا, انھن مان ڪي آھن: مولوي قاضي غلام محمد, مولوي حاجي عطاء الله, مولوي تاج محمد, مولوي محمد هاشم, مولوي امام الدين, مولوي عبدالرحيم, حافظ الله ڏنو, مولوي عبدالڪريم ۽ مولوي مير محمد.
15.5.1946:
جيڪب آباد جي "مسلم نئشنل پارٽئ" طرفان شهيد الله بخش ۽ اسلم اچڪزئئ جي ياد ۾ ميڙاڪو ٿيو. ان جي صدارت علي محمد مڪرانئ ڪئي. شرڪت ۽ تقرير ڪندڙن ۾ محمد امين کوسي, آغا محمد شفيع, محمد مومن ڪليم, چوئٿرام ڊيمڀا, پيسومل ۽ ڪوڏومل جا نالا ذڪر لائق آھن.
15.5.1948:
جسٽس عبدالرشيد ۽ جسٽس شهاب الدين تي مشتمل ٽريبيونل ٺاهيو ته جيئن سنڌ جي سابق وڏي وزير ايوب کهڙي خلاف ڪيس هلائي.
15.5.1951:
"راولپنڊي سازش ڪيس" هلائڻ لاء جسٽس عبدالرحمان, جسٽس امين الدين ۽ جسٽس محمد شريف تي ٻڌل هڪ ٽريبيونل ٺاهيو ويو.
15.5. 1977:
پي.اين.اي جي وقتي صدر پير پاڳاري کي ٽن ڏينھن لاء نظربند ڪرڻ جو سرڪاري حڪم جاري ٿيو.
15.5.2009:
شڪارپور ۾ شهيد الله بخش سومري جي ورسي ملهائي وئي. انھئ موقعي تي نسيم بخاري, ممتاز منگي, وحيد محسن ۽ عديل مهر سنڌ جي بي بدل هيري کي خراج عقيدت جو اظھار ڪيو.
{15 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
15 مئي 1920ع شاعر ڌڻي بخش ڌنڻ (سونمياڻي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 مئي 1924ع شاعر ۽ صحافي جهامنداس عاشق جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 مئي 1930ع شاعر غالب مالڪاڻي جوجنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1931ع اديب، شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر موتي پرڪاش(دڙو / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1944ع شاعر وفا ناٿن شاهئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 مئي 1953ع اداڪاره چندو آهوجا (بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1959ع شاعر فيض پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1961ع ليکڪ ۽ سياسي ورڪر مولا بخش چنڊ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 مئي 1962ع ليکڪ اشرف زمان پير چندامي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 مئي 1964ع صحافي نعيم ملڪ جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1965ع صحافي فقير قاسماڻي (رسولپور) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1965ع ليکڪ ۽ تاريخدان حزب الله آءِ سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1969ع شاعر حاذق سولنگي (راڌڻ اسٽيشن) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1970ع ليکڪ ۽ ڪالم نگار مير نادر علي تاج ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1971ع صحافي پريل دايو جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1971ع صحافي سهيل پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1976ع شاعر مسرور پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مئي 1984ع شاعر شاهه محمد پهنور جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
15 مئي 1940ع صوفي شاعر ۽ بزرگ رکيل شاهه (فتح پور) جو لاڏاڻو ٿيو.
15 مئي 1944ع آخوند حافظ ولي محمد(هالا) جو انتقال ٿيو.
15 مئي 1972ع صوفي شاعر غمدل فقيرجو لاڏاڻو ٿيو.
15 مئي 1982ع صحافي محمد محرم بلوچ جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment