Monday 23 May 2022

Sindh in History by Dr Dur Muhammad Pathan( May 24, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (24th MAY)

Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan

 

BIRTH DATES:

24thMAY

Dali Nawani (Delhi/Actress/ birth 24th May 1962),

 Dr.KaramHussainWadho (Chakiani/Scholar/ birth 24th May 1971) ,

DoulatramKhatri (Mithi/Writer/ birth 24th May 1976).

 

DEATH DATES:

24thMAY

 

SrichandMewaram (Pad Edan>Ajmir/Freedom Fighter/ death 24th May 1967),

Shaikh Abdul Majeed Sindhi (Freedom Fighter, Journalist & Sindh Minister// death 24th May 1978),

Moulvi Abdul GhafoorSitai (Journalist & Freedom Fighter// death 24th May 1981)

 

EVENT DATES:

24h May

 

1838: Colonel Pottenger writes to Mir Noor Muhammad Khan informing him that he has been appointed as Resident in Sindh and Captain Mellwill as his assistant by the Government of India.
1851: Major Jacob, Political Superintendent, Upper Sindh Frontier, suggest to the Commissioner of Sindh that if reseonable amount of assistance is given to Bugtis, it would help us to allow them to retire to their former country.
1844: Government of India advise Sindh Administration that restore and maintain ancient supermacy of Thakurs and Chiefs of Thar District over people so as to get their assistance in law & order situation in that area and create loyal class there.
1921: Jairamdas Doulatram, Dr.Choithram Gidwani and Kisomal alongwith Khilafati leaders address a big public meeting at Badin and advise people to take part in Non-Co-Operation Movement religiously.
1922: Moulvi Abdul Aziz of ‘Hyderabad Latifi Madressah’ exhorts the people in the public meeting organized by the Badin Aman Sabha. Loyality songs are sung and leaflets of the Publicity Committee are distributed. Dalpatrai, Dingomal (Secretary of Aman Sabha), Khemchand Ambratrai spoke on the occasion.
1941: District Sukkur Muslim League Conference is held at Sultankot under presidentship of Makhdoom Mureed Hussain of Multan. It is largly attended big show of the party there.
1949: Prime Minister of Pakistan, Liaquat Ali Khan disapproves Punjab Muslim League’s demand about replacing of non-muslim Governor of Punjab.
1950: Fifty thousand Indian Muslim Migrants have reached Pakistan with in last five months, it is announced by the Government. This may kindly be noted that number of migrants raised later on and it was not so high in early days.
1954: Parliament to debate the motion of Mian Iftkharuddin that Military-aid pact singed between U.S.A and Pakistan will not be in grater interests of the country.
1963: Pak-Afghan talks start in Iran. Pakistani team is headed by Z.A.Bhutto, Foreign Minister .
1968: Air Force station Maripur is renamed as “Masroor Air Force Station”.
1971: Awami League intended to arrested me, discloses President Yaya Khan.
1977: Riaz-ul-Khatib, Saudi Ambassador meets Bhutto and Mufti in connection with resolving political differences between them.

 

Dr Pathan: Sindh in history today (24th May). Research & Video Talk by. Dr.Pathan, Founder, Gul Hayat Institute.
***************
ڪنهن کان وطن-دوستئ جو جذبو کسڻو هجي ته هن کي تاريخ کان پري رکو. پوء ماڻھو ذات/قيبلي پرست ٿي پوندو ۽ قدرن نظرين جي پيروي ڪرڻ بدران شخصيت پرست ٿي پوندو.
اسان جي صورتحال اهڙي ئي آھي. اسان جي ذھنن ۾ گند ڀريو ويو آھي ته تاريخ پڙھڻ قبرن کوٽڻ وارو ڪم آھي. اسان کي شڪ ۾ وڌو ويو آھي ته تاريخ ۾ ته فقط حڪمرانن جون ڪهاڻيون آھن ۽ اها اڌوري ۽ اڻ پوري آھي. منھنجو چوڻ آھي ته اسان وٽ تاريخ آھي ڪٿي. ڪنھن به دور جي جامع تاريخ لکي ئي ڪانه وئي آھي. تاريخ اسان کي لکڻي آھي. هر جي عوامي تاريخ مرتب ڪرڻي آھي ۽ ان ۾ زندگئ جي هر شعبي جو ذڪر ڪرڻو آھي.
جامع, مستند ۽ غيرجانبدارانه تاريخ تڏهن لکي سگهبي, جڏهن پهريون مواد ۽ معلومات گڏ ڪجي. آئون اهو ئي مواد گڏ ڪندو آھيان ۽ ان مان ڪي واقعا اوهان اڳيان پيش ڪندو آھيان. اڄ 24 مئي جي ٿورن واقعن واقعن بابت لکان ٿو. انهن تي وري تفصيل سان وڊيو ٽاڪ ۾ ڳالهايو اٿم. ٿورو وقت ڪڍو ۽ ڏسو ته زنده قومون ڪيئن تباه ٿينديون آھن ۽ تباه ٿيندڙ قومون ڪيئن پاڻ سنڀالينديون آھن.
***************
توجه طلب واقعا
***************
24.5.1838:
مير نور محمد خان کي اطلاع ڏنو ويو ته ڪمپني حڪومت ڪرنل پاٽينجر کي سنڌ ۾ ريزيڊنٽ مقرر ڪيو آھي ۽ ڪئپٽن ميل ول سندس اسسٽنٽ ھوندو.
24.5.1841:
آئوٽرام اڄ پنهنجئ سرڪار کي لکي ٻڌائي ٿو ته مير شير محمد سان نئين معاهدي ڪرڻ ۾ مون کي نئين حڪمت عملي جوڙڻي پوندو. هن مير ۽ حيدرآبادي ميرن جو ڪن علائقن جي مالڪئ جو مسئلو آھي. انھن علائقن تي هن وقت مير شير محمد جو قبضو آھي. هن سان ڪو ٺاه/معاهدو ڪبو ته هو علائقن جي قبضي کي جائز ڪرڻ لاء معاهدي ۾ شرط رکرائيندو, جيڪو مان نه ٿو چاهيان. هن جي قبضي کي جائز قرار ڏبو ته حيدرآبادي مير ان جو برو ڀائيندا ۽ اها ڳالھ اسان جي حق ۾ نه ويندي.
24.5.1843:
سنڌ جي تاريخ جو نهايت منحوس ڏينھن هو. اڄ نيپيئر سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء پهريون دفعو حيدرآباد ۾ درٻار سڏائي. اهو راڻي وڪٽوريا جي جنم جو ڏينھن به ڪري ملهايو ۽ هن درٻار ۾ لڳ ڀڳ سنڌ جي سمورن جاگيردارن ۽ وڏن وڏن وڏيرن شرڪت ڪئي. هنن نيپيئر کي هن موقعي تي فرنگي سرڪار سان وفادارئ ۽ تعبيدارئ جو يقين ڏياريو. جن اچي سلامي ڀري تن کي جاگيرون واپس ڪرڻ جون سندون ڏيون ويون.
24.5.1843:
نيپيئر سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء ميرن کي باندي بڻائي سنڌ کان جلاوطن ڪيو ته ميرن جا ڪيترا يار ۽ وفادار به ساڻن گڏ ويا. پوء جڏهن جلاوطنئ ۽ فرنگين جي بي رخئ جا ڏکوئيندڙ رنگ ڏٺائون ته سرڪار کي وطن واپس ورڻ جون درخواستون ڏنائون. سنڌ جي ڪنهن تاريخدان اهڙن ”شوقيه قيدين" جا نالا گڏ نه ڪيا آھن, پر اهي سرڪاري رڪارڊ ۾ محفوظ آھن.
مير شھداد خان سان گڏ جيڪي نوڪر چاڪر ايئن قيد ٿي ويا, انھن مان احمد فقير ۽ عبدالغفور ممبئئ جي گورنر کي لکيو ته اسان کي واپس سنڌ موڪليو. ان تي ممبئئ جي گورنر وري سنڌ جي گورنر کي لکيو ته ٻڌايو ته جنگي ڏهاڙن ۾ انھن جي فرنگين سان چال چلت ڪهڙي رهي ۽ ڇا انھن کي سنڌ ڏانھن واپس موڪلجي. نيپئر سندن واپسئ تي ڪو اعتراض نه اٿاريو.
24.5.1844:
ڪمپني حڪومت سنڌ جي گورنر کي اختيار ڏنو ته هو پاڻ حالتن کي نظر ۾ رکي ٿرپارڪر جي ٺاڪرن بابت ڪا حڪمت عملي جوڙي ۽ سندن تاريخي روايتن کي نظرانداز نه ڪري. مطلب ته هنن کي جيئن وڻي ان مطابق پنهنجي ماڻھن/عوام سان هلن ۽ ان ۾ فرنگي حڪومت ڪا مداخلت نه ڪري.
24.5.1851:
اتر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ ميجر جيڪب اڄ ڪمشنر کي لکيو ته ڏوهاري ۽ پڪڙيل بگٽين کي سنڌي سماج ۾ ضم ڪري هتي مسئلا ۽ مونجهارا پيدا ڪرڻ بدران هن تجويز تي به غور ڪجي ته انھن کي ڪجھ ڏوڪڙ ڏئي پنھنجي وطن واپس موڪلجي.
24.4.1921:
اڄ جئرامداس دولترام, ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ ڪيسومل مسلمان خلافتي اڳواڻن سان بدين پهتا ۽ ميڙاڪو ڪري حڪومت خلاف هلايل "عدم تعاون تحريڪ" ۾ حصي وٺڻ جي تبليغ ڪيائون.
24.5.1922:
بدين ۾ ”امن سڀا" طرفان جلسو ٿيو, جنهن ۾ دلپتراء ڊنگومل (سيڪريٽري) ۽ کيمچند امبرتراء خلافت تحريڪ ۽ عدم تعاون تحريڪ خلاف تقريرون ڪيون. حيدرآباد مان مولوي عبدالعزيز کي خاص طور تي گهرايو ويو هو, جنھن خلافت تحريڪ خلاف جوشيلي تقرير ڪئي. هن موقعي تي سرڪار جي وفادارئ ۽ تعبيدارئ بابت شعر پڙھيا ويا ۽ امن سڀا طرفان پمفليٽ ورهايا ويا.
24.5.1941:
سلطان ڪوٽ م وڏي پئماني واري "سکر ضلعو مسلم ليگ ڪانفرنس" ٿي, جنهن جي صدارت ملتان جي مخدوم مريد حسين ڪئي.
24.5.1950:
سرڪاري طور تي پڌرو ڪيو ويو ته گذريل پنجن مهينن ۾ 50 هزار پناهگير پهچي چڪا آھن.
24.4.1971:
صدر يحيا سورهيائپ سان ڳاله ڪئي ته اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ وارا مون کي گرفتار ڪرڻ پيا گهرن
24.5.1973:
مرلي ميرچنداڻئ, پي.بي.چاند, آوت دوداڻئ ۽ سي.رام. جوتئ گڏجي ممبئئ ۾ ”جوتي ڪلا مندر" قائم ڪيو. هن طرفان ڪيترائي ناٽڪ اسٽيج ڪيا ويا.
***************
{24 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
24 مئي 1962ع اسڪالر ڊاڪٽر ڪرم حسين وڌو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
24 مئي 1976ع مٺيءَ سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ ليکڪ دولت رام کتري جو جنم ڏينهن آهي.
24 مئي 1949ع شاعر ۽ اديب امير علي چانڊيو(قمبر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
24 مئي 1967ع آزادي واري تحريڪ جو اڳواڻ سريچند ميوارام ديهانت ڪري ويو.
24 مئي 1978ع سياستدان ۽ آزادي جي تحريڪ جي اهم اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌئ جو انتقال ٿيو.
24 مئي 1981ع صحافي ۽ آزادي پسند مولانا عبدالغفور سيتائي جو انتقال ٿيو.
24 مئي 2005ع سياستدان مير الهبچايو ٽالپر(جهڏو) لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment