Tuesday 17 May 2022

Sindh in history today (18th May)

SINDH IN HISTORY TODAY (18th MAY)

18th May
 BIRTH DATES

 

1. Sadhu Navalrai (Hyderabad/Social Worker and Brother of Sadhu Hiranand and both were founder of N.H.Academy of Hyderabad/ birth 18th May 1848),

2. Viromal Begraj (Sukkur/Journalist & Freedom Fighter/ birth 18th May 1893),

3. Ramesh Mehta (Karachi >Mombai/Singer/ birth 18th May 1929),

4. Ghulamm SarwarBhatti (Nasirabad/Folklore Poet/ birth 18th May 1943),

5. Chandro Nankani (Baroda/Singer/ birth 18th May 1952),

6. Mir Muhammad Bughio (Khairpur Nathan Shah/Journalist/ birth 18th May 1977),

7. ‘Firaq’ Halepoto (Sirajuddin/Poet/ birth 18th May 1980)

 

 

 

 

18th May
DEATH DATES

 

1. Shaikh Abdul LatifSani (Luwari/Saint/ death 18th May 1821),

2. Mirza Madad Ali Baig ‘Madad’ (Hyderabad/Poet/ death 18th May 1930),

3. Pir Ali BuxBhittai (Bhit Shah/Singer/ death 18th May 1933),

4. Dr.Saeed Halai (Port/ death 18th May 1985)

 

 

 

 

18th May

EVENTS

 

1832: Colonel Pottenger informs his Government that Mir Naser Khan of Mirpur makes overtures for a separate treaty on favouring terms but he refuses to do anything without the knowledge of Mir Murad Ali of Hyderabad and without orders of Governor –General.
1922: Sindh Congress observes ‘Gandhi Arrest Day’. Meetings are held and processions are taken out.
1926: ‘Amature Dramatic Society’ of Jacobabad stages drama ‘Sachi Patri’ at Larkana. The income will be donated to Gaoshala of Jacobabad.
1936: ‘Civil Liberties Union’ is formed in Sindh with Jamshed Mehta as its founder president.
1950: The PeshawarUniversity comes into existence.
1952: Qadianis’ Convention at Karachi is rampaged.
1962: The former chief justice Muhammad Munir is appointed Law Minister of Pakistan.
1971: U.N.O Secretary-General U Thant issues worldwide appeal for aid to the East Pakistani Refugees, now in India.
1975: Arrested defunct NAP leaders to remain at Sihala, Supreme Court orders.
1986: PML(N) decides to remove Syed Fakht Imam from the National Assembly speakership.
1991: Dr.Qadir Magsi disassociate himself from Jeay Sindh and announces his own party.
1992: Overspending on military can led to disintegration. Benazir calls for arm-cut agreement with India.
1994: U.S.A to send its technical proposal for ‘non-intrusive nuclear inspection’ . Step is aimed at verifying that Pakistan does not possesses any nuclear weapon.

 

Sindh in history today (18th May). Research & Video Talk by Dr.Pathan, Founder, Gul Hayat Institute.
سڄڻو ! السلام عليڪم. نمستي ۽ گڊ ڊي.
آئون سالن کان انھئ ڪوشش م آھيان ته اوهان ۾ پنهنجئ تاريخ سان دوستي رکايان. ان لاء روز ڪن واقعن, ڪن شخصيتن جي ولادتن يا وفاتن جو نموني طور اوهان اڳيان تفصيل پيش ڪندو آھيان. جن ماڻھن جي ولادتن يا وفاتن جون تاريخون ڏيندو آھيان, اھي منھنجا يار دوست يا مٽ مائٽ ڪونھن. هو ڌرتئ ڄاوا آھن ۽ منهنجي ڌرتي/سنڌ ڪا سنڍ ڪانھي. تاريخ جو ڪو اهڙو ڏينھن ڪونھي, جنھن تي هن ڌرتئ ڪنھن عالم/اديب/شاعر/صحافئ/سياستدان/سماجي سڌارڪ/ فنڪار کي جنم نه ڏنو آھي. مان فقط اهي تاريخون ٻڌايان ٿو, جن جي مون کي خبر آھي. اها سڀ سنڌي ڪوشش وٺي پنهنجي خاندان/ڳوٺ/ تر جي مشهور شخصيتن جي ولادتن/ وفاتن جون تاريخون لکڻ/گڏ ڪرڻ شروع ڪيون ته سنڌ جو علمي خزانو وڌائي سگهون ٿا. پر سياست کان سواء اسان علمي/قلمي ڪم کي قومي ڪم سمجهون ئي ڪونه ٿا. ان ڪري تاريخي تحقيق تي اسان وٽ ڪم ٿئي ئي ڪونه ٿو. البته ڊگرين وٺڻ ۽ نالي ڪمائڻ لاء اسان لکون ٿا ۽ ڪتاب ڇپرايون ٿا.
تاريخي واقعا پڙھڻ ۽ سمجهڻ سان به اسان جي دل نه ٿي لڳي. جڏهن ته انھن جي پڙھڻ سان اسان جي سوچ ۽ لوچ کي نئون دڳ ملي ٿو. اسان تاريخ جي مطالعي ۽ تاريخ نويسئ کي نظرانداز ڪري, پاڻ کي وڏو فڪري ۽ نظرياتي نقصان ڏنو آھي. تاريخ ڀلي ڪوڙي يا اڌوري هجي,پر سياڻا ۽ سپورنج ان مان سبق پرائيندا آھن. اسان تاريخي مطالعي ۽ تاريخ نويسئ تي ڌيان نه ڏينداسين ته اڌ پڙھيل ليکڪ اسان کي اڌوري ۽ اڻ پوري تاريخ اسان جي مٿي ۾ ھڻندا.
18 مئي جي حوالي سان هڪ طرف مان اوهان کي لکت ۾ به مواد ڏيان ٿو ۽ ٻئي طرف وڊيو ٽاڪ ذريعي اضافي معلومات به ڏيان ٿو. آئون روزانو پنهنجي تاريخي مواد ۾ اضافا ۽ سڌارا آڻي اوهان کي تاريخ ٻڌايان ٿو. هئ محنت اوهان سان محبت هجڻ ڪري ڪريان ٿو. هئ منھنجي خدمت ناهي, پر ڌرتئ جي قرض لاهڻ جو فرض آھي. پنهنجئ ڌرتئ جي تاريخ پڙھو. يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪريو. پنهنجو خيال رکجو.
***************
توجه طلب واقعا
***************
18.5.1832:
سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪار ڪرنل پاٽينجر اڄ مراسلو لکي پنھنجئ حڪومت کي ٻڌايو ته مير پور خاص وارو مير نصير خان طلبي ٿو ته ايسٽ انڊيا ڪمپني مون سان دوستئ جو الڳ معاهدو ڪري. [ميرپور,خيرپور ۽ حيدرآباد وارن مير حڪمرانن فرنگين سان ھڪ ڪرو, هڪ جهڙو ۽ متفق معاهدي بدران الڳ الڳ معاهدن تي زور ڏئي, فرنگين کي پنھنجي اختلافن ۽ عدم اتحاد جو ماحول پيدا ڪري ڏنو ۽ فرنگين انھئ مان فائدو وٺي, ميرن ۾ اختلاف پيدا ڪيا].
18.5.1922:
انگريز دور اسان ۾ هڪ نظرياتي بدعت هن طرح پيدا ڪئي ته اسان جي وڏڙن نظرين ۽ قدرن بدران اڳواڻن کي آدرش بڻائي اصول/قدر/ نظريئي دوستئ بدران شخصيت پرستئ کي سياسي دين ايمان جو بنياد بڻايو ۽ اها پوء اها وبا بي پاڙئ ول جيان اسان جي سوچن لوچن کي وڪوڙي وئي. اها صورتحال اسان جي دور ۾ وڌي وڻ ٿي وئي.
شروعات ۾ بادشاه/راڻئ سان وفادارئ جا جذبا اڀريا. پوء اڳتي هلي ڏيهي اڳواڻن جي وفاداري ۽ شخصيت پرستي چوٽ چڙھي. ڪو اڳواڻ جيل ويندو هو يا مري ويندو هو ته اسان جا وڏا تڏا اونڌا ڪري چڙڻ وڙهڻ شروع ڪندا هئا.
گانڌئ کي گرفتار ڪيو ته اڄ سنڌي ڪانگريسين وڏن شهرن ۾ جلوس ڪڍيا ۽ احتجاج ڪيو.
18.5.1936:
سنڌ جي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ وارئ تحريڪ دورا , پيار ۽ امن وارئ هن ڌرتئ تي مذھبي مت ڀيد, ذات پات جي زنگ ۾ سماجي ويڇن جو ٻج ڇٽيو ويو. حڪومت کي "ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو" جو موقعو مليو ۽ سنڌ ۾ انساني حقن واري صورتحال جو توازن بگڙجڻ شروع ٿيو. انھئ صورتحال کان ان دور جا مدبر بي فڪر نه هئا. ان ڪري اڄ سنڌ ۾ ”سول لبرٽيز يونئين" نالي تنظيم قائم ٿي. ان جو تفصيلي احوال اوهان کي گل حيات جي ويب سائيٽ تي ملي سگهندو.
18.5.1962:
سابق چيف جسٽس منير, جنهن مولوي تميزالدين ڪيس واري سنڌ ڪورٽ جي فيصلو رد ڪيو ته گورنر جنرل طرفان آئين ساز اسيمبلي ڊاهڻ کي جائز قرار ڏنو هو, تنهن کي اڄ پاڪستان جو قانون وارو وزير بڻايو ويو.
18.5.1971:
اوڀر پاڪستان جي سياسي ۽ امن امان واري صورتحال خراب ٿي ته ڪيترن بنگالين ڀڄي وڃي انڊيا ۾ پناه ورتي. اڄ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل يوٿانٽ اپيل جاري ڪئي ته انھن سياسي پناهگيرن جي باقي ملڪ پرگهور لهن. [پناهگيري وقتي ٿيندي آھي ۽ مظلوم پناهگيرن کي حالتن سڌرڻ کان پوء واپس ورڻو پوندو آھي. پناهگيري ڪنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ جو نالو ناهي. اسان وٽ 1947 کان پوء پناھگيرئ جي نالي سان ذريعن, وسيلن ۽ ملڪ تي قبضي لاء سياسي داداگيري ڪئي وئي]
18.5.1991:
ڊاڪٽر قادر مگسئ پاڻ کي "جيئي سنڌ" کان الڳ ڪري, پنهنجئ سياسي پارٽئ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو.
18.5.1992:
"مليٽرئ تي هينئن ڌن دولت لٽائڻ سان ملڪ ٽٽي پوندو. انڊيا سان معاهدو ڪري بجيٽن ۾ اسلحي ۽ بارود واري خرچ کي گهٽايو"--بينظير ڀٽو جو بيان.
{18 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
18 مئي 1848ع سماج سڌارڪ ساڌو نولراءِ (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 مئي 1893ع صحافي ۽ آزادي پسند ويرومل بيگراج (سکر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 مئي 1929ع گلوڪار رميش مهتا (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مئي 1943ع سگهڙ غلام سرور ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.
18 مئي 1952ع گلوڪار چندر ننڪاڻي (بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 مئي 1977ع صحافي مير محمد ٻگهيو (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
18 مئي 1821ع بزرگ شيخ عبداللطيف ثاني (لنواري) جو لاڏاڻو ٿيو.
18 مئي 1930ع شاعر ڊاڪٽر مرزا مدد علي بيگ ”مدد“ (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو.
18 مئي 1933ع گلوڪار پير علي بخش ڀٽي (ڀٽ شاهه) جو لاڏاڻو ٿيو.
18 مئي 1985ع شاعر سعيد هالائي جي وفات ٿي.

 

No comments:

Post a Comment