Wednesday 25 May 2022

Sindh in History by Dr Dur Muhammad Pathan ( May 26, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (26th MAY)

26th May
 BIRTH DATES

 

1. Ramchand Bachani (Tando Adam/Journalist & Freedom Fighter/ birth 26th May 1904),
2. Mustafa Hyder Jatoi (Bakhodero/Writer/ birth 26th May 1934),
3. Khalid Khokhar (Badani/Journalist/ birth 26th May 1965).

 

 

 

26th May
DEATH DATES

 

1. Khatanmal alies Swami Tilokdas (Abdo - Ulhasnagar/Poet & Politician),
2. Mirza Ajmalbeg Mirza(Tando Thorho/Poet/
death 26th May 1984).

 

                              

 

 

26th May

EVENTS

 

Part1

1843: The Governor - General of India directs to the Governor of Sindh that Karachi be made Capital of the British Sindh and Water for Karachi be obtained from the Ghizree hills and measures be adopted for communication between Karachi and Hyderabad.
1849: Lord Bishop of Calcutta is granted custody of churches and burial grounds.
1895: Weakly 'Aftab Sindh' is founded by Haji Abdul Rahman Memon at Sukkur. Rais Shamsuddin 'Bulbl' is first editor. The played role in encountering propangda by Arya Samaj and Christanity.
1930: Ayub Khuhro compiles 'Sufferings ofSindh'. That proved to be better Presentation in favour of separation of Sindh from Bombay Presidency.

Part2

1949: Pakistan demand plebiscite in Hyderabad Dhakan.
1950: Journalists take out protest procession in Larhore against Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, the president of PNEC.
1953: U.K's pro - Indian policy on Kashmir issue is compelling Pakistan to revise herrelations with that country, say Prime Minister Bogra.
1956: Maj. Gen. Iskandar Mirza, president of Pakistan, imposes President's rule in East Pakistan.1958: Russia doubts misuse of U.S.A base in Pakistan against her integration. Pakistan denies it.
1975: Opposition is violating 6th Feruary Agreement, say Z.A.Bhutto.
1977: Acceptance of our basic demands has paved way for opposition - Govt. talks, says Pir of Pagaro, Acting President of PNA.
1979: Begam Nusrat Bhutto is elected as PPP Chairperson.

 

Sindh in History Today (26th May).
Research & Video Talk by Dr.Pathan.
سج به روزانو اڀري, صبح به روزانو ٿئي ۽ مان به روزانو اوهان جي حاضري ڀرڻ اچان. اچي ٻه سال ٿيندا جو روز ٽالپورن جي دور کان وٺي ويندي اڄوڪي دور تائين تاريخ مان ڪي واقعا کڻي اوهان جي دل ۽ دماغ جي در تائين پهچائيندو آهيان.
اڄ جن واقعن جي پسمنظر ۽ پيشمنظر تي مون راء ڏني آهي, ان جو لفظ لفظ اوهان سان ڳالهائيندو. وڊيو ۾ شخصيتن/ادارن/ پارٽين/ ولادتن ۽ وفاتن بابت به معلومات موجود آھي. يوٽيوب تي وڃي سبسڪرائيب ڪرڻ ۾ سنگت سستئ جو مظاهرو نه ڪري.
***************
اڄوڪا ڪي واقعا:
***************
26.4.1832:
ممبئي سرڪار ڪرنل پاٽينجر کي اها منظوري ڏني ته هو سنڌ جي حڪمرانن کان مدد وٺي ٿرپارڪر طرف ڌاڙيلن خلاف ڪو مناسب قدم کڻي. ياد رهي ته انھئ طرف فرنگين کي ڏوهارين ٿوڙي وطن-دوستن ڦرڻ لٽڻ شروع ڪيو هو.
26.5.1843:
گورنر جنرل اڄ خط لکي سنڌ جي لٽيري گورنر نيپيئر کي اجازت ڏني ته ڀلي ڪراچئ کي گادئ جو هنڌ بڻائي. ڪراچئ لاء پاڻي گذرئ مان هٿ ڪجي. ڪراچئ ۽ حيدرآباد وچ ۾ آمدرفت جي ذريعن وسيلن کي سڌاريو وڃي.
26.5.1930:
سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جي تحريڪ دوران ڪيترن هندو, پارسي ۽ مسلمان سياستدانن ڪتاب/ڪتابڙا لکيا.
اڄ محمد ايوب کهڙي جو ڪتاب " مصائب سنڌ"
Sufferings of Sindh
شايع ٿيو. جنهن ۾ تاريخي, ثقافتي ۽ سماجي بنيادن تي سنڌ جي الڳ تشخص کي ثابت ڪيو ويو.
ايوب کهڙي پوء وري سنڌ کي ون-يونٽ جا زنجير پهرايا.
26.5.1950:
پير علي محمد شاه راشدي هنن ڏينهن ۾ PNEC جو صدر هو. لاهور جي صحافين اڄ ھن جي خلاف شديد احتجاج ڪيو.
26.5.1956:
اولھ پاڪستان کي ون-يونٽ جي ڳٽ سان سوڙھو ڪرڻ کان پوء اوڀر پاڪستان کي ڏينھن جا تارا ڏيکارڻ لاء صدر جنرل اسڪندر مرزا اتي اڄ صدارتي راڄ لاڳو ڪيو.
26.5.1975:
" مخالف ڌر وارا 6 فيبرورئ واري ٺاه جي ڀڃڪڙي ٿا ڪن. اسيمبلئ ۾ نه ٿا اچن ته مستعفي ٿين"- وزير اعظم ڀٽي جو بيان.
26.5.1979:
بيگم نصرت ڀٽو کي پيپلز پارٽئ جي چيئرپرسن بڻايو ويو.
26.5.1990:
حيدرآباد ۾ ڪرفيو جي ڇانو ۾ دهشتگردن سڄي شهر کي لٽيو ڦريو ۽ گهرن کي باهيون ڏنيون. اتحاد ۽ عوم-دوست اڳواڻئ کان سواء پنهنجي وطن/شھرن ۾ پنهنجو ايئن به حشر ٿيندو آيو آھي.

***************
{26 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
26 مئي 1904ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر رامچند بچاڻي (ٽنڊو آدم) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
26 مئي 1934ع ليکڪ مصطفى حيدر جتوئي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
26 مئي 1965ع صحافي خالد کوکر جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
26 مئي 1984ع شاعر مرزا اجمل بيگ(ٽنڊو ٺوڙهو) جو لاڏاڻو ٿيو

No comments:

Post a Comment