Sunday 15 May 2022

Sindh History (May 16, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (16th MAY)

Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan

 

BIRTH DATES:

16thMAY

KirshanJethanand (Journalist/ birth 16th May 1927),

GhulamNabi ‘Aaqil’ (SalihNagor/Poet/Poet/ birth 16th May 1931),

 BaldevGhanshyani (Ahmadabad/Artist/ birth 16th May 1958).

DEATH DATES:

16thMAY

 

Muhammad Azam ‘Azam’ (Banholakhr/ death 16th May 1915),

 Zaman Shah ‘Saqi’(Thatto/Poet/ death 16th May 1928). 

 

EVENT DATES:

16th May

 

1841: Camels are plunderd and Lieutenant Clarke is killed on Murri hills. Murris are giving tough time to British officers.
1940: Munshi Abdul Ghafoor empolyee of The District Local Board Larkano, who proceeded to 9 month without pay leave and went Lahore to join movement launched by Khaksar Tahreek and was arrested there, is released from jail after completing his 5 month term of imprisonment.
1952: Sindh Journalists’ Association condemns the promulgation of Security Act and terms it as violation of Human-rights.
1954: Majorty of Sindh Assembly members resign from Pakistan Muslim League.
1961: Karachi is connected with Jeddah by Radio Telephone Service.
1965: G.Allana earns the title of ‘Poer Lareate’ .
1974: Sindh Government retires 65 officers on corruption charges and dismisses other 225 of their services.
1977: Middle East leaders meet Z.A.Bhutto and PNA leaders to minimize tension and pave way for talks.

 

Sindh in History Today (16 May).
سنڌ جي صدين جي تاريخ مان ڪن واقعن, افراد ۽ ادارن/ تنظيمن/ پارٽين جو تفصيل ساڃھ-وند سپوتن ۽ سپوتياڻين لاء. تاريخ ۽ نئين نسل جي وچ ۾ دوستي قائم ڪرائڻ جي هڪ نماڻي ڪوشش.
Research & Video Talk by Dr.Pathan, Founder, Gul Hayat Institute.
تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته: * ڌارين/فرنگين کي سنڌ ڦرڻ کان اڳ ۽ پوء اوڀر ۾ کوسن ۽ هندن, اولھ ۾ جابلو قبيلن ۽ سمورئ سنڌ ۾ عوام سک جو ساه کڻڻ نه ڏنو. *آزادئ جي تحريڪ ۽ سياست ۾ حصي وٺڻ لاء سنڌواسين انوکا ڪم ڪيا. سرڪاري ملازم ڪٽ-پگهار تي موڪل وٺي وڃي تحريڪن ۾ حصو وٺندا هئا.
* سنڌين سدائين سور ۽ ڏاڍ جا ڏکيا ڏينھن ڏٺا آھن. ان ڪري دنيا ۾ ڪٿي به ڪنھن سان ڏاڍ ٿيو آھي ته سنڌواسين انھن جو پاسو ورتو. ڪٿي ويٽنام ۽ ڪٿي آمريڪا, ويٽنام تي جنگ مڙھي وئي ته سنڌ ۾ جلوس ڪڍي ان جي مذمت ڪئي وئي ۽ ويٽنام تي ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا. *حڪومتون انتقام وٺڻ جي مقصد سان ڪاموراشاهئ کي پاڪ ڪرڻ جي نالي ۾ ملازمن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏينديون رهيون آهن.
* ڀٽي پاڻ کي ۽ پنھنجئ حڪومت کي بچائڻ لاء وڏا جتن ڪيا. پر, اهو ٿيو, جيڪو سندس حريفن چاهيو.
اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ انھن ڳالهين جي مثالن ڏيڻ کان سواء ٻيو به گهڻو ڪجھ موجود آھي. ڏسو, ٻڌو, شيئر ڪريو ۽ قرب ڪري يوٽيوب تي سبسڪرائيب به ڪريو.
پنهنجو خيال رکجو. جگ جگ جيئو.

***************
16.5.1843:
بد اخلاق فرنگي فوجين حيدرآباد تي قبضي ڪرڻ کان پوء نه فقط ميرن جي حويلن ۾ گهري زيور ۽ خزانو لٽيو, پر عورتن کي پاتل زيور ڇنيا ۽ ايئن عورت-ذات جو جوڳو احترام نه ڪيو. انھن درندن جي اهڙن ظلمن جون ڪهاڻيون 6 مئي 1843 تي "ممبئي ٽائيمس" ۾ شايع ٿيون. ليک جو عنوان هو:
"The Ladies of the Ameers' Zenana"
انھئ ليک ڇپجڻ تي نڀاڳي نيپيئر اچي ڦڦڙي لڳي. ان ڪري هن اڄ انھئ موضوع تي گورنر جنرل کي خط لکي صفائي پيش ڪئي ۽ چيو ته هن جي فوجين تي بهتان لڳايا ويا آھن.
16.5.1940:
اسان رڳو هن وقت سياسي جنون مان نه پيا گذرون, پر وڏڙن جا انداز به اهڙا هئا. منشي عبدالغفور نالي هڪ شخص لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ بورڊ جو ملازم هئو. هو 9 مهينا بنا پگهار موڪل وٺي پنجاب وڃي خاڪسار تحريڪ ۾ حصو ورتو. اتي گرفتار ٿيو ۽ 5 مهينا ٽيپ آئي. سزا ڪاٽي ڳوٺ موٽيو ۽ وري اچي نوڪرئ تي چڙھيو.
16.5.1944:
ٻه ڏينھن اڳ ڪراچئ جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ھال ۾ سنڌ مسلم ليگ جون چونڊون ٿيون. ان ۾ جي.ايم.سيد کي صدر ۽ ميرپورخاص واري سيد غلام نبي شاھ کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. جي.ايم.سيد ٻيو دفعو صدر ٿيو. انھئ چونڊن جي پسمنظر ۽ پيشمنظر کي ڌيان ۾ رکندي "الوحيد" اخبار ايڊيٽوريل لکيو, جنھن جو عنوان هو: "سنڌ مسلم ليگ کي سيد ليگ بنائڻ جو منصوبو". ان ۾ جي.ايم.سيد تي تنقيد ڪندي لکيو ويو ته هن "سنڌ مسلم ليگ کي سيد ليگ جو رنگ ڏئي, سنڌ اندر ذات پات ۽ زمانه جاهليت واري نسلي عصبيت جو بت کڙو ڪيو آهي". [انھئ تنقيد جي.ايم.سيد جي سوچن ۽ لوچن تي تر جو به اثر نه وڌو. تان جو ڪن سالن کان پوء جي.ايم.سيد 12 اميدوارن کي صوبائي چونڊڻ وڙھن جون ٽڪيٽون ڏنيون, جن مان 10 سيد هئا].
16.5.1952:
سنڌ سرڪار سنڌ ۾ ”سيفٽي ايڪٽ" لاڳو ڪيو ته "سنڌ جنرلسٽ ائسوسيئيشن" ان تي شديد رد عمل ڏيکاريو ۽ انھئ ڪاري قانون جي مخالفت ڪئي.
16.5.1965:
جي.الانا واپاري, سياستدان ۽ انگريزئ جو شاعر هو. هن پوء تحقيقي ۽ تاريخي ڪتاب به لکيا. انٽر پاس هو. اڄ کيس "پوئٽ لاريٽ" جو خطاب ڏنو ويو.
16.5.1972:
آمريڪا جي ويٽنام ۾ بربريت خلاف سنڌ ۾ شديد رد عمل ٿيو. [انھئ اثر هيٺ سنڌئ ۾ ھوچي منه ۽ ويٽنام بابت ڪتاب به لکيا ويا].
16.5.1974:
سنڌ سرڪار 65 ڪامورن کي ڪرپٽ قرار ڏئي, کين زورئ رٽائير ڪيو. ان کان سواء وڌيڪ 225 ڪامورن کي نوڪرئ تان ڊسمس ڪيو. [سنڌ خواه پاڪستان ۾ سياستدانن تي به ڪرپشن جا الزام لڳا ۽ ڪيس هليا. مگر اڄ تائين ملڪ جي ڀينگ ڪندڙ اهڙن سياستدانن مان ڪنهن کي سزا نه ملي].
16.5.1977:
ڪوئيت حڪومت ڪوشش ڪئي ته ڀٽي ۽ پي.اين.اي جي وچ ۾ اختلاف ختم ڪري ڳالهين ڪرڻ تي راضي ڪجي.
16مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
16 مئي 1927ع صحافي ڪرشن ڄيٺنند جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 مئي 1931ع شاعر غلام نبي عاقل جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 مئي 1930ع شاعر غالب مالڪاڻي جوجنم ڏينهن آهي.
16 مئي 1953ع ليکڪا الماس سنڌو جو جنم ڏينهن آهي.
16 مئي 1958ع اسٽيج ڊائريڪٽر ٻلديو گهنشاڻيجو جنم ڏينهن آهي.
16 مئي 1966ع ليکڪ، اديب ۽ محقق حزب الله آءِ سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
16 مئي 1915ع شاعر محمد اعظم ”اعظم“ جو لاڏاڻو ٿيو.
16 مئي 1928ع شاعر زمان شاهه ساقي (ٺٽو)جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment