Tuesday 24 May 2022

Sindh in History by Dr Dur Muhammad Pathan( May 25, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (25th MAY)

25th May
 BIRTH DATES

 

1. Pir Muhammad Rashid Rozay Dhani (Pir Jo Goth/Religious Scholar, Saint and founder of ‘Pagara’ school of that/ birth 25th May 1757),

2. Kirshan Rahi (Larkano>Mombai/Journalist & Poet/ birth 25th May 1932),

3. Taj Baloch (Poet & Editor of ‘Sojhro’/ birth 25th May 1940),

4. Dr.Dur Muhammad Pathan (Khair Muhammad Arija/Founder Gul Hayat Institute/ birth 25th May 1945),

5. Zulf Chang (Ghindan/Poet/ birth 25th May 1974).

 

 

 

 

25th May
DEATH DATES

 

1. Janullah Shah ‘Shaiq’ (Rohri/Poet// death 25th May 1839),

2. Mustafa HyderJatoi (Bakhodero/Writer/ death 25th May 1975),

3. Arban Noor Muhammad Palijo (Nationalist Politician/ death 25th May 1979)

4. JaffarPanhwar (Dhamraha/Poet/ death 25th May 1984),

5. ‘Udasi’ Amir Bux (Kachho/Poet/ death 25th May 1994).

 

 

 

25th May

EVENTS

 

1835: Colonel Pottenger writes to Government of Bombay acknowledging receipt of a copy of their letter to Muhammad Rahim Shirazi relating to opening the trade by the Indus anf informing that the best time of the year for navigation was in end of February, March and April as the southerly winds blew regularly. 
1843: Further information about Hyderabad Darbar is sent to the Government of India by Charles Napier. He writes that nearly all chiefs had made their Salam and that Right Bank of the Indus was as obedient as the left.
1895: The weekly ‘Aftab Sindh’ is founded at Sukkur by Haji Abdul Rahman Memon with Shamisuddin ‘Bulbul’ as its editor. The paper defended Islamic cause in Upper Sindh for years.
1900: Kotri bridge is opened and it was first important communication link not only in Sindh but very important for Punjab also.
1919: Shiva Mandli is formed in Garhi Yaseen. This NGO of Hindus remained active and functional for years. 
1948: India and Pakistan agree to start trade on Barter System.
1952: Protest Day against ‘Security Act’ is observed by various Journalists’ organizations throughout country.
1955: Pakistan to provide protection to interests and investing institutions of U.S.A in country. Agreement is signed in Washington.
1956: East Pakistan political situation is discussed in the Federal cabinet meeting.
1960: The Presidential cabinet approves the preliminary Master Plan for the new capital in Islamabad.
1969: G.M.Syed and Mumtaz Doultana discuss ‘One-Unit’ issue in their meeting.
1971: Pakistan lodges protest with India against threat of armed conflict with Pakistan by Indian Prime Minister.
1992: Law enforcing agencies cordon off all exit and entry points of Sindh Capital.

25.5.2022
سڄڻو! ننڍڙائپ ۾ ھڪ دفعي زندگئ جو حساب ڪيم ته جيڪڏهن آئون 80 سال ڄمار ماڻيان ٿو ته انھئ حساب سان 40 سال ننڊ ڪبي, 10 سال ٻالپڻي ۾ ويندا, 25 سال پڙھائئ ۾ ويندا, 3 سال ٻارن ۽ يارن ملن ته 80 سالن پٺيان منھنجي صافي عمر صرف 2 سال بچندي. انهئ حساب مون کي پريشان ڪري ڇڏيو. منجهي پيس ته ٿورئ عمر ۾ وڏو ڪم ڪيئن ڪبو. پوء مون ننڊ گهٽائي عمر وڌائي. ٿوري سمهڻ ۽ ٿوري کائڻ جي پاڻ ۾ ھير وڌم ۽ گهڻي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. 1964 کان شاعري ڪيم, 1975 کان بلا ناغي مسلسل لکندو اچان ٿو ۽ سنڌ جي تاريخي اهميت وارو ايترو مواد گڏ ڪيو اٿم جو ان کي سانڍڻ/رکڻ لاء 1990 ۾ گل حيات انسٽيٽيوٽ ٺاهيم. اڄ زندگئ جا 77 سال پورا ٿيا. پر نه ته حسرتون پوريون ٿيون ۽ نه ڪم پورا ٿيا. پر مڃڻ مڃرائڻ جي ڳالھ ڪانھي. ليڪن هئ حقيقت آھي ته ڏينھن ۽ رات, عيب ۽ ثواب ۽ زندگئ ۽ موت مون لاء هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا بڻجي ويا ۽ مان انھن جي تضادن کان پاڻ آجو ڪري چڪو آھيان.

Sindh in History Today (25th May).
Research & Video Talk by Dr.Pathan.
اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ اضافي معلومات کان سواء ھيٺ ڄاڻايل ڪجھ واقعن جا پس منظر ۽ پيش منظر بيان ڪيا ويا آھن:
:25.5.1835:
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ محمد رحيم شيرازئ کي سنڌ ۾ واپار ۽ تجارت ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ ان بابت پاٽينجر کي اطلاع ڏنو.
اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط ذريعي ٻڌايو ته فيبرورئ کان اپريل اهڙا مهينا آھن جو سنڌوء ذريعي واپار لاء ڪنھن تڪليف کان سواء ملتان/پنجاب وڃي سگهبو.
25.5.1842:
اڄ ليفٽيننٽ پوسٽنس شڪارپور مان سنڌ جي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي لکي ٿو ته ڪابل ۾ جيڪا اسان جي ڀينگ ٿي آھي, انھن خبرن سنڌ ۾ اسان لاء ابتر ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ميرن جا اهڙا لاهور ۽ ملتان ڏانھن لکيل خط پڪڙيا اٿم جن مان ظاهر ٿئي ته هو اسان خلاف وڏيون کڏون کوٽي رهيا آھن.
25.3.1843:
لڳاتار ٽن ڏينهن کان نيپيئر پنهنجئ سرڪار کي "حيدرآباد درٻار" جو احوال موڪليندو رهيو آھي. اڄ لکي ٿو ته سنڌوندئ جي ٻنھي پاسن کان سمورن جاگيردارن ۽ سندن وڏيرن انگريز حڪومت جي اچي سياسي بعيت ڪئي آهي.
25.5.1895:
سکر مان حاجي عبدالرحمان ميمڻ, شمس الدين بلبل جي ايڊيٽرئ ۾ هفتيوار "آفتاب سنڌ" اخبار جاري ڪئي. هن اخبار سالن تائين مسلم سياست ۽ تشخص لاء ڪم ڪيو.
25.5.1900:
ڪوٽڙي پل کولي وئي. سنڌ جي آمد و رفت جي تاريخ ۾ ان سان وڏي تبديلي آئي.
25.5.1956:
وافاقي ڪابينه هڪ طويل ۽ تفصيلي گڏجاڻئ ۾ اوڀر پاڪستان جي سياسي صورتحال تي بحث ڪيو. مطلب ته" مل معشوقان مصلحت ڪيتي....."
25.5.1969:
جي.ايم.سيد ۽ ممتاز دولتانه ون-يونٽ جي مامري تي تفصيلي گڏجاڻي ڪئي, جنهن ۾ جي.ايم.سيد پنهنجو دليلن ۽ شاهدين سان موقوف بيان ڪيو ته ون-يونٽ کي ٽوڙيو وڃي.
25.5.1992
سنڌ جي گادئ ڏانھن ايندڙ ۽ ويندڙ سمورن رستن تي ڪڙو چاڙھيو ويو ته جيئن قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسون منظم نموني سان سان آپريشن ڪلين اپ ڪري سگهن.
{25 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
25 مئي 1757ع روحاني شخصيت پير محمد راشد روضي ڌڻي (پير ڳوٺ) جي ولادت ٿي۔
25 مئي 1932ع ليکڪ ۽ صحافي ڪرشن راهي (لاڙڪاڻو / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 مئي 1940ع ناليواري شاعر تاج بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
25 مئي 1945ع ليکڪ، محقق، تعليمدان ۽ شاعر ۽ گل حيات انسٽيٽيوٽ جي باني ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم ڏينهن آهي۔
25 مئي 1974ع شاگرد ذلف چانگ جو جنم ڏينهن آهي.
25 مئي 1991ع سنڌ حڪومت جي وزير مخدوم محبوب الزمان جي جنم جو ڏينھن آھي.
[وڇوڙو:]
25 مئي 1839ع روهڙي سان تعلق رکندڙ صوفي شاعر جان الله شاهه عاشق جو وڇوڙو ٿيو۔
25 مئي 1975ع ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو فرزند ليکڪ مصطفى حيدر جتوئي لاڏاڻو ڪري ويو۔
25 مئي 1979ع قومپرست اڳواڻ ارباب نور محمد پليجو جي وفات ٿي۔
25 مئي 2004ع شاعر اداسي امير بخش (ڪاڇو) جو لاڏاڻو ٿيو۔

No comments:

Post a Comment