Sunday 9 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (9th April) By: Dr. Pathan


** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ ۽ ان جي سوين برانچن
 طرفان لاهور ۾ پاس ٿيل قرارداد پاڪستان جي حمايت ۾ ڏهاڙو ملهايو ويو،
 ان حوالي سان مختلف شهرن ۾ گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون ۽ ڪيترائي ٺهراءُ پاس
 ڪري پاڪستان جي آزادي لاءِ مسلم ليگ طرفان تيار ڪيل خاڪي جي حمايت ڪئي وئي.
** 1941ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لائيو اسٽاڪ امپروومينٽ ڪانفرنس منعقد
 ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊن ۽ ميونسپل 
ڪاميٽين جي نمائندن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ سيڙپڪاري جي معاملن تي ڳالهايو ويو.
** 1944ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ پنجين آل سنڌ ادبي
 ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل ڪئي،
 انهيءَ ڪانفرنس ۾ وڏي انگ ۾ شاعرن، اديبن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سيد ميران محمد شاهه اسپين ۾ سفير
 طور عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪميونسٽ اڳواڻ سجاد ظهير کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت لاءِ
 ڪشمير جي ورهاڱي جو هڪ فارمولو پيش ڪيو، جيڪو ٻنهي ملڪن قبول نه ڪيو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فرانس پاڪستان کي خاطري ڪرائي ته
 هو پاڪستان ۾ ايٽامڪ انرجي جي ترقي لاءِ پاڪستان جي هر ممڪن 
مدد ڪندو، فرانس جي ايڊمنسٽريٽر جنرل آف انرجي ڪميشن اهڙو 
اظهار پاڪستان جي دوري دوران ڪيو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان مخالف قوتن کي سختي سان
 منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي سرڪار طرفان هڪ نئون آرڊيننس جاري
 ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي سزائون تجويز ڪيون ويون.
** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان ۾ سرداري سسٽم 
جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو، وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو چيو
 ته صوبي ۾ سردار پنهنجا نجي جيل فورن بند ڪن.
** 2003ع ۾اڄوڪي تاريخ تي عراق ۾ آمريڪي فورسز صدر 
صدام حسين جو مک چوڪ تي لڳل وڏو مجسمو ڊاهي ڇڏيو ۽ 
ان جي تذليل ڪئي.بغداد ۾ لڳل انهيءَ مجسمي کي ڊاهي روڊن
 تي گهليو ويو. اهي منظر ٽي وي تي سڄي دنيا ڏٺا.
** 2005ع ۾ اًڄوڪي تاريخ تي برطانوي شهزادي چارلس ڪاميلا پارڪر
 سان ٻي شادي ڪئي. انهن ٻنهي وچ ۾ اٽڪل 30 سالن تائين رومانس هليو.
شادي تقريب ۾ 20 هزارن کان وڌيڪ مهمانن شرڪت ڪئي.



No comments:

Post a Comment