Saturday 29 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (29th April) By: Dr. Pathan


** 1858ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين ريلوي لائين 
وڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، ان حوالي سان رٿا جو افتتاح سنڌ جي ڪمشنر ڪراچي ۾ ڪيو.
** 1927ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نوابشاهه ۾ مولانا حڪيم محمد صديق
 مورائي جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن
 شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ لاڙڪاڻي ۾ پيش آيل مذهبي فسادن جي حوالي
 سان ڳالهيون ڪيون ويون ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته وڳوڙين 
خلاف ايڪشن کنيو وڃي ۽ سڀني ماڻهن کي امن امان فراهم ڪيو وڃي.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستاني پارليامينٽ جي ڪنزرويٽو
 ميمبرن برطانوي سرڪار جي هندستان بابت پاليسي جي سخت مخالفت ڪئي.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪانگريس جي صدر سڀاش چندر
ابوس مهاتما گانڌي کان اختلافن کانپوءِ آخرڪار استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ بزم مشاعره طرفان
 هڪ وڏو مشاعرو ڪرايو ويو، جنهن ۾ قادري خاندان جي ادبي 
خدمتن کي خراج پيش ڪيو ويو، اهو مشاعرو بعد ۾ اديب سنڌ رسالي ۾ ڇپيو هو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگال ليجسليٽو اسيمبلي 
ڪانگريس پارٽي جي رٿ کي رد ڪري ڇڏيو، اها رٿ بنگال
 ۾ ميڊيا تي پري سينسر شپ لاڳو ڪرڻ خلاف هئي، رٿ جي
 حمايت ۾ صرف 15 ووٽ پيا جڏهن ته 29 ميمبرن مخالفت 
ڪئي، رٿ ۾ پوليس جي ناڪاري سرگرمين کي پڻ تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي غوث بخش بزنجو بلوچستان،
 سڪندر خان خليل اين ڊبليو ايف پي ۽ رسول بخش ٽالپر سنڌ 
جي گورنر طور پنهنجن عهدن جو حلف کڻي ورتو.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولانا مفتي محمود جنرل ضياءُالحق
 جي مارشل لا واري حڪومت جو ساٿ ڏيڻ ۽ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي دهشتگردي جي
 انت واري خصوصي عدالت ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين 
۽ ٻين خلاف اغوا ۽ ميجر ڪليم کي ٽارچر ڪرڻ واري ڪيس ۾ 
فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، ايم ڪيو ايم اڳواڻن خلاف اهو به الزام 
هو ته انهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي تشدد ڪيو آهي.


No comments:

Post a Comment