Saturday 29 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (30th April) By: Dr. Pathan


** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي برطانوي سرڪار هڪ
 نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ته سمورا ضلعي لوڪل بورڊ پنهنجي بجيٽ
 مان جنگ لاءِ الڳ وار لون ڏين، واضح رهي ته لوڪل بورڊن
 جي بجيٽ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ خرچ ڪئي ويندي هئي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور ۽ پاٽ ۾ خلافت ڪاميٽي
 جون وڏيون گڏجاڻيون ٿيون، جن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، 
عوام کي چيو ويو ته سياست ۾ حصو ورتو وڃي ۽ ڪڏهن به 
برطانيا جي سرڪار يا انهن جي ايجنٽن آڏو سر نه جهڪايو وڃي،
 اڳواڻن چيو ته جاگيردار انگريزن جا وفادار آهن، انهن جو ساٿ نه ڏنو وڃي.
** 1927ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هندو سڀا جي ٻيهر جوڙ جڪ
 ڪئي وئي، جنهن ۾ هرچند راءِ وشنداس اهم ڪردار ادا ڪيو.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناليواري شاعر فيض احمد فيض کي لينن ايوارڊ سان نوازيو ويو.
** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ ۾ نئون سياسي
 اتحاد ٺهيو، جنهن جو نالو پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ 
(پي ڊي ايم) رکيو ويو، ڍاڪا ۾ ٺهيل هن اتحاد ۾ ڪائونسل 
مسلم ليگ، جماعت اسلامي، نظام اسلام پارٽي ۽ عوامي ليگ شامل هيون.
**1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن
 واٽر گيٽ اسڪينڊل جي ذميواري قبول ڪري ورتي پر هن 
اهو به چيو ته هو ذاتي طور تي ان معاملي ۾ ملوث ناهي،
 ريڊيو تي قوم کي خطاب ۾ هن اها ذميواري قبول ڪئي،
 هن چيو ته اٽارني جنرل سميت چئن اعليٰ عملدارن جي استعيفا قبول ڪئي وئي آهي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي اين اي جي لانگ
 مارچ وزيراعظم هائوس ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو، پي اين
 اي ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو هو.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪجهه سياستدانن کي نااهل
 قرار ڏنو ويو، جن ۾ مظفر شاهه، علي نواز شاهه، عبدالستار گبول،
 عبدالوحيد ڪٽپر، بشير احمد شاهه ۽ ٻيا شامل هئا.

** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ احتجاج دوران فائرنگ
 ۾ 6 ماڻهو مارجي ويا، نواز شريف ڪراچي پهچي متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪيو.

No comments:

Post a Comment