Sunday 16 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (16th April) By: Dr. Pathan


** 1924ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ ليگ آف پروگريس
 پنهنجي سالياني گڏجاڻي ۾ ڪراچي شاخ لاءِ ايندڙ سال لاءِ نوان 
ميمبر چونڊيا، جن ۾ هرچند راءِ وشنداس کي چيئرمين بڻايو ويو، 
جڏهن ته شو رتن، ديپچند چندومل، ولي محمد حسن علي آفندي،
 جهانگير، اردشير ايش ماما، جمشيد مهتا، اِي ايل پرائيس ۽ ٻيا ميمبر طور شامل ڪيا ويا.
** 1930ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪانگريس تحريڪ دوران سالٽ
 قانون جي ڀڃڪڙي شروع ڪرڻ بعد اڳواڻن ۽ ڪارڪنن
 خلاف ڪريڪ ڊائون شروع  ٿيو، ڪراچي ۾ ڪانگريس جي 
عوامي گڏجاڻي تي پوليس فائرنگ ۾ 2 ڪانگريسي اڳواڻ مارجي ويا،
 جڏهن ته ڊاڪٽر چوئٿرام، نارائڻداس بيچار، سوامي ڪرشن نند، تاراچند 
لالواڻي، وشنو شرما ۽ ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
** 1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ طرفان سنڌ ۾ ڊليورنس ڊي
 ملهايو ويو، ان حوالي سان مختلف شهرن ۾ گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي ويسٽ پاڪستان ۾ لاڳو
 ڪيل صدارتي راڄ سيپٽمبر تائين جاري رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سردار شوڪت حيات کي پيپلزپارٽي مان 
نيڪالي ڏني وئي، جڏهن ته پ پ جي ڪيترن ئي پارليامينٽيرينز نيون 
چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنيوا ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير جارج شلز 
اعلان ڪيو ته افغانستان ۾ مزاحمت کي روڪڻ لاءِ آمريڪا باغين کي فوجي
 مدد فراهم ڪرڻ جو حق رکي ٿو.
** 1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سجاول ۾ اغوا ٿيل ٻن نوجوانن ڊاڪٽر
 رميش ڪمار ۽ ممتاز عمراڻي جي آزادي لاءِ ناليواري شاعر محمد خان
 مجيدي سميت 8 ڄڻن بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي، عورتون به بک 
هڙتال تي ويٺيون، هنن اعلان ڪيو ته عيد کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو. 
جڏهن ته اغوا ٿيل ممتاز عمراڻي جي والد پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏنو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽
 سندس ور آصف علي زرداري کي احتساب عدالت پاران 5-5 سال 
قيد جي سزا ئي نااهل قرار ڏيڻ خلاف سنڌ ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي،
 ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، پ پ اعلان ڪيو ته
 پارٽي جا سمورا چونڊيل نمائندا احتجاج طور استعيفا ڏيندا، هوڏانهن 
وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته احتساب جو عمل جاري رهندو،
 بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري کي سزا ملڻ قومي دولت لٽيندڙن خلاف فتح آهي.


No comments:

Post a Comment