Monday 17 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (17th April) By: Dr. Pathan



** 1908ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر ۾ سنڌ صوبائي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، 
جنهن جي صدارت سيٺ هرچند وشنداس ڪئي، اهڙي قسم جون ڪانفرنسون
 سنڌ ۾ 1920ع تائين ٿينديون رهيون ۽ آخري ڪانفرنس حيدرآباد ۾ ٿي هئي،
 اهي ڪانفرنسون گڏيل سياسي پليٽ فارم هيون، جتان مختلف اشوز تي آواز اٿاريو ويو.
** 1927ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هندو ايسوسيئيشن سنڌ کي بمبئي 
کان ڌار ڪرڻ واري معاملي خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميهڙ ۾ سالياني 18 هين خلافت
 ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن ۾ ناليوارن خلافتي اڳواڻن مولانا عبدالڪريم،
 پير الاهي بخش، مولانا عبدالڪريم چشتي ۽ ٻين شرڪت ڪئي،
 ڪانفرنس جي آخري ڏينهن تي ڪيترائي ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، جنهن
 ۾ سنڌ کي زرعي مقصدن لاءِ حصي جو پاڻي ڏيڻ، فلسطينين جي حمايت 
۽ ٻين معاملن تي مطالبا شامل هئا.
** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نئين دهلي ۾ خان عبدالغفار خان هڪ 
گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته صرف نالي جي حڪومت نه ڏني 
وڃي پر ان حڪومت کي اختيار به ڏنا وڃن.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪانگريس جي صدر آچاريه
 ڪرپلاڻي ۽ مسلم ليگ جي سينٽرل اسيمبلي ۾ ڊپٽي ليڊر خواجا 
ناظم الدين وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس
 سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گورنر جنرل غلام محمد خان
 خواجا ناظم الدين جي ڪابينا کي برطرف ڪري ڇڏيو،
 جڏهن ته آمريڪا ۾ مقرر سفير محمد علي بوگرا کي پاڪستان
 پهچي حڪومت ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو
 اعلان ڪيو ته ڪشمير تڪرار جي حل کانسواءِ اتحادي ملڪ
 ڀارت کي ڊگهي مدي واري فوجي امداد نه ڏين، هن چيو ته
 پاڪستان پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان ڪجهه بنيادي فيصلا ڪندو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد اڳواڻن
محمد يوسف ٽالپر ۽ مسعود احمد نوراني کي فوجي
 عدالت هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو جوا جي اڏن،
نائيٽ ڪلبن تي پابندي هڻي ڇڏي، جڏهن ته پي اين اي کي خاطري
 ڪرائي ته ايندڙ 6 مهينن ۾ ملڪ ۾ شرعي نظام متعارف ڪرايو ويندو.



No comments:

Post a Comment