Saturday 22 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (23rd April) By: Dr. Pathan


**1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي ڀڄ شهر ۾ مقرر وقتي 
ريزيڊنٽ پنهنجي حڪومت کي خط لکيو ته پتوجي واگهيلا کي
 رحمڪي بازار مان ڦريو ويو آهي ۽ سندس رپورٽ تي سنڌ
\ حڪومت قدم کڻي رهي آهي ۽ جوابدارن جا پيرا کنيا پيا وڃن.
** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ حڪومت برطانوي حڪومت 
جي بهاول خان جي علائقي ۾ قلعو قائم ڪرڻ واري فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ سيپريشن ڪانفرنس
 شروع ٿي، جنهن جي صدارت هندستاني حڪومت جي فنانس
 سيڪريٽري ڪئي، ڪانفرنس ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ واري
 معاملي تي تفصيلي ڳالهايو ويو.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ مسلم ليگ جي 
ورڪنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي سيٺ حاجي عبدالله هارون جي
 صدارت ۾ شروع ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان اڳواڻن شرڪت ڪئي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪلڪتي ۾ شروع ٿيل وڳوڙن ۾ 7 ماڻهو 
مارجي ويا ۽ 31 زخمي ٿي پيا، حڪومت صورتحال تي ڪنٽرول لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ ويسٽ پاڪستان اسيمبلي
 ۾ پنهنجي ميمبر ڊاڪٽر صاحب خان کي نيڪالي ڏئي 
ڇڏي،  جنهن پنهنجي ڌار ريپبلڪ پارٽي ٺاهي.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ ڀارت جي فوجن وچ 
 ۾ رڻ آف ڪڇ وٽ ويڙهه شروع ٿي وئي، ان معاملي تي صدر ايوب خان
 ۽ ذوالفقار علي ڀٽو گڏجاڻي ڪئي ۽ ڀارتي جارحيت جي معاملي تي 
عالمي برادري کي آگاهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ڀارت طرفان 
جنگ مڙهڻ سبب صدر ايوب خان آمريڪي دورو به ملتوي ڪري ڇڏيو.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سينيٽ جي ايوان ۾ وفاقي حڪومت 
پاران اهو ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ مقرر رينجرز مستقل بنيادن تي صوبي ۾ موجود رهندي.
** 2004ع ۾ اًڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جرڳن تي
 پابندي لڳائي ڇڏي، عدالت حڪم ڏنو ته جيڪو به جرڳو
 ڪري ان خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي، 
عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اغوا، ڪاروڪاري، پيار
 جي پرڻن ۽ ٻين معاملن تي ٿيندڙ جرڳا غيرقانوني آهن.


No comments:

Post a Comment