Sunday 9 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (10th April) By: Dr. Pathan


** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز حڪومت طرفان ڊاڪٽر ستياپال ۽ 
سيف الدين کي گرفتار ڪرڻ خلاف امرتسر ۽ لاهور ۾ هنگاما شروع ٿي ويا،
 لاهور ۾ انارڪلي ويجهو پوليس جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪيترائي
 ماڻهو مارجي ويا، سرڪاري عمارتن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ 
ڪيترن ئي برطانوي شهرين کي پڪڙي مارڪٽ ڪئي وئي.
** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگل ديرو وديالا جو ساليانو فنڪشن ٿيو،
 جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪليڪٽر رتوديرو ڪئي، پروگرام ۾ ٻڌايو ويو ته
 وديالا طرفان 11 مسلمان ۽ 54 هندو شاگردن کي تعليم ڏني پئي وڃي،
 جن جو تعلق 8 ڳوٺن سان آهي، وديالا جي سالياني آمدني 1115 رپيا آهي،
 جڏهن ته خرچ 1050 رپيا آهي، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ
 لاڙڪاڻو وديالا لاءِ 500 رپيا گرانٽ منظور ڪئي.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي حڪومت طرفان هندستاني
 آئيني سڌارن بابت وائيٽ پيپر ڇپرايو ويو.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ سوويت يونين حق 
خوداراديت لاءِ وڙهندڙ ماڻهن جي حمايت جو اعلان ڪيو،
 ان حوالي سان ماسڪو ۽ ڪراچي ۾ گڏيل بيان جاري ڪيو ويو.
** 1985ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نواز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور عهدي جو حلف کڻي ورتو.
** 1986ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي بينظير ڀٽو
 جلاوطني ختم ڪري لنڊن مان لاهور پهتي ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو،
 هن اعلان ڪيو ته پ پ اقتدار ۾ اچي ڪنهن کان به بدلو وٺڻ واري پاليسي تي عمل نه ڪندي.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اوجهڙي ڪئمپ وارو واقعو پيش 
آيو، جنهن ۾ هٿيارن ۽ بارود کي باهه لڳڻ سبب وڏا ڌماڪا ٿيا، نتيجي 
۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته اڳوڻي وزير خاقان 
عباسي سميت هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جنرل ضياءُالحق 
جي حڪومت ۾ پيش آيل انهيءَ واقعي تي عالمي طور تي سخت ردعمل سامهون آيو.




No comments:

Post a Comment