Monday 10 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (11th April) By: Dr. Pathan


** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر کي پنهنجي حڪومت طرفان هدايت ڪئي وئي ته هو سنڌ وڃي ۽ اتي مقرر ريزيڊنٽ سان ملاقات ڪري، واضح رهي ته سنڌ اچڻ کانپوءِ کيس ريزيڊنٽ ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ويو، هن سنڌ جي سياسي ۽ سفارتي معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
** 1851ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر بيگاري ڪئنال توسيع منصوبي جو ڪيس هندستان جي گورنر جنرل کي منظوري لاءِ موڪلي ڏنو، جيڪو هلندڙ سال جي سيپٽمبر مهيني ۾ منظور ڪيو ويو هو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان حڪومت سلامتي ڪائونسل جي صدر کي خط لکي ڪشميري مسلمانن جون زمينون ۽ ملڪيتون ضبط ڪرڻ تي ڀارت خلاف سخت احتجاج ڪيو، خط ۾ چيو ويو ته ڀارت ڪيترن ئي ڪشميرين جي ملڪيتن تي قبضو ڪيو آهي، جنهن ڪري اهي ڪشميري هاڻي آزاد ڪشمير طرف اچي رهيا آهن.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسرائيلي جنگي جهازن بيروت تي حملا شروع ڪري ڏنا، 14 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو اسرائيل اهڙي بمباري ڪئي. جنهن ۾ ڪيترائي لبناني شهيد ٿي ويا.
** 1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت ۾ ديو گوڙا سرڪار اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، لوڪ سڀا ۾ عدم اعتماد رٿ تي ٿيل ووٽنگ ۾ ديو گوڙا جي حق ۾ رڳو 158 ووٽ پيا، مخالفت ۾ 292 ووٽ پيا. عدم اعتماد رٿ ڪامياب ٿيڻ بعد ديو گوڙا استعيفا ڏئي ڇڏي.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پ پ چيئرپرسن بينظير ڀٽو کي 19 مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪاميٽي جو چوڻ هو ته هوءَ پيش نه ٿئي ته کيس گرفتار ڪيو وڃي.
** 2005ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر پرويز مشرف لاهور ۾ خطاب ڪندي بلوچ سردارن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، هن نواب اڪبر بگٽي جو نالو کڻڻ بنا کيس ڌمڪي ڏيندي چيو ته فورسز تي گوليون هلائيندڙ کي اهڙي طرح نشانو بڻايو ويندو، جو انهن کي خبر ئي نه پوندي، ڊيرا بگٽي ۾ هڪ سردار پنهنجي سرداري بچائڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي.


No comments:

Post a Comment