Tuesday 18 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (18th April) By: Dr. Pathan


** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار چارلس نيپيئر کي هندستان
 جي برطانوي حڪومت هدايتون جاري ڪيون ته سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن 
سان آخري ڀيرو ٿيل جنگ بابت خاڪو تيار ڪري موڪليو وڃي.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جيڪب آباد ۾ ڇهين سنڌ صوبائي 
ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن جي صدارت جمشيد مهتا ڪئي.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي 
سنڌ آزاد ڪانفرنس جي صدارت ڪئي، ڪانفرنس ۾ سيٺ حاجي 
عبدالله هارون، مير محمد بلوچ، جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ مسلم ليگ جي 
گڏجاڻي مولانا مير محمد نورنگي جي صدارت ۾ ٿي، 
هن گڏجاڻي کي مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو،
 هن گڏجاڻي لاءِ اٽڪل 32 مسلمان اڳواڻن پمفليٽ
 ورهائي عوام کي شرڪت جي دعوت ڏني هئي.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قائداعظم محمد علي جناح
 پريس بيان جاري ڪري گانڌي جي مسلمانن بابت رويي تي
 افسوس جو اظهار ڪيو، راج ڪوٽ ريفارمز ڪاميٽي ۾
 مسلمانن کي نمائندگي نه ڏيڻ تي گانڌي تي تنقيد ڪئي وئي،
 قائداعظم مسلمانن کي صلاح ڏني ته اهي ڪاميٽي جو بائيڪاٽ ڪن.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان
 جي صدارت ۾ رفيوجي ٽيڪس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو،
 جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾
 هندستان کان آيل پناهگيرن جي رهائش لاءِ شهر تعمير ڪيا ويندا،
 ان مقصد لاءِ هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو،
 اهو ادارو انهن پناهگيرن کي آسان شرطن تي قرض فراهم ڪندو.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان آمريڪا ۽ اتر ويٽنام وچ
۾ هلندڙ تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن کي ڳالهين لاءِ 
جاءِ فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اڳوڻي پرڏيهي وزير عزيز احمد 
واجپائي جي لوڪ سڀا ۾ ڏنل انهيءَ بيان جي ترديد ڪئي جنهن
 ۾ هن چيو هو ته  ڀٽو ۽ اندرا گانڌي ۾ شملا معاهدي کان اڳ
 ڪشمير جي معاملي تي ڳجهو ٺاهه ٿيو آهي.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر غلام اسحاق خان قومي
 اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ نواز شريف جي حڪومت کي
 برطرف ڪري ڇڏيو، بلخ شير مزاري نگران وزيراعظم طور عهدو سنڀاليو. 


No comments:

Post a Comment