Wednesday 12 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (12th April) By: Dr. Pathan


** 1941ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا مسلم ليگ جو 28 هون ساليانو سيشن
 مدراس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ٺهراءُ منظور ڪري ڪانگريس جي سول
 نافرماني واري تحريڪ تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ۾ فيصلو 
ڪيو ويو ته فيڊرل ڪورٽ آف پاڪستان ملڪ جو سپريم جوڊيشنل ٽربيونل هوندو،
 جڏهن ته 1950ع کان ڪم ڪندڙ پرائيويسي ڪائونسل جي اپيليٽ حيثيت ختم ڪئي وئي.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان جي چئن رياستن قلات، 
مڪران، لسٻيلا ۽ خاران وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ تي اتفاق ڪري ورتو،
 جنهن کانپوءِ انهن کي بلوچستان جي اسٽيٽ يونين ۽ قانونساز توڙي
 عدليه جي دائري ۾ پڻ شامل ڪيو ويو.
**1955ع ۾اڄوڪي تاريخ تي فيڊرل ڪورٽ آف پاڪستان جي فل بئنچ
 چيف جسٽس محمد منير جي سربراهي ۾ فيصلو ڏنو ته آئين ۾ بالادستي
 وارا ڏنل اختيار وفاقي قانونساز يا گورنر استعمال نٿا ڪري سگهن.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي رڻ ڪڇ جون حالتون انتهائي خراب ٿي
 ويون، جڏهن ته ڀارتي فوج جي ٻن ٽينڪن کي پاڪستاني فوج ڪنج
رڪوٽ واري علائقي ۾ تباهه ڪري ڇڏيو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ذوالفقار علي ڀٽو پوليس سڌارن جو اعلان ڪيو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اڪيڊمي آف ليٽرس جو افتتاح ڪيو ويو.
** 1980ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آغا شاهي شملا ٺاهه کي وقت جو زيان قرار ڏنو



No comments:

Post a Comment