Wednesday 19 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (19th April) By: Dr. Pathan


** 1841ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل افغانستان ۾ جنگ
 لاءِ منتقل ٿيندڙ فوج جي ڳري آرٽلري موسم جي خرابي سبب بولان جي 
رستي کان واپس آڻي سکر ۾ رکڻ جو حڪم جاري ڪيو.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ پاران سنڌ جي مک شهرن 
۾ پاڪستان ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن دوران ريليون پڻ ڪڍيون ويون.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جو  وزيراعظم لياقت علي خان 
آمريڪي صدر ٽرومين جي ذاتي دعوت تي آمريڪا روانو ٿيو،
 هن ملاقات کي پاڪستان جي ڪميونسٽ مخالف 
پاليسي جي پس منظر ۾ اهم قرار ڏنو ويو هو.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ قانونساز اسيمبلي مان 
اردو ۽ بنگالي ٻولين کي پاڪستان جون رياستي ٻوليون قرار ڏيڻ جي منظوري ورتي.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان هڪ آرڊر جاري ڪيو،
 جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته قومي اسيمبلي توڙي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر
 جي ڪنهن به سياسي پارٽي سان وابستگي کي غير قانوني قرار ڏنو 
ويندو ۽ ان اميدوار کي نااهل قرار ڏنو ويندو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ليبر الائنس
 وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي
 سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو، جڏهن ته ان هڙتال ۾ پي
 آءِ اي جي پائليٽن ۽ انجنيئرن پڻ حصو ورتو.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي رياست اوڪلاهوما 
۾ بم ڌماڪن جي نتيجن ۾ 168 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 
ڪيترائي زخمي ٿيا. سرڪاري عمارت ۾ ٿيل ڌماڪن ۾ ڪيترائي ٻار به متاثر ٿيا.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ 
ٽيم ڀارت کي 38 رنسن تان شڪست ڏئي شارجا ڪپ کٽي ورتو،
 گيري ڪرسٽن 115 رنسون ٺاهيون، کيس ميچ ۽ ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.


No comments:

Post a Comment