Saturday 8 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (8th April) By: Dr. Pathan


** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ماسٽر تارا سنگهه جي صدارت ۾ ڪوٺايل
 ”دي سينٽرل سک ليگ“ جي اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پنجاب ۾ سکن 
جي ڀلائي ۽ نمائندگي خاطر پنجاب جي مسلم اڪثريت وارن ضلعن کي
 صوبي سرحد سان ملائي اسان کي الڳ صوبو ڏنو وڃي، ٻي صورت
 ۾ پنجاب جي صوبائي حڪومت بدران صوبي کي ان وقت تائين
 مرڪز حوالي ڪيو وڃي، جيستائين اقليتن جا مطالبا سمجهي ۽ مڃي سگهجن.
** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي باغي سياستدان سڀاش 
چندر بوس کي ممبئي جي هوائي اڏي تي جهاز مان لهندي ئي گرفتار ڪيو ويو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان حڪومت 30 ملين رپين جي 
موڙيءَ سان پناهگيرن جي مالي سهائتا ۽ آبادڪاري لاءِ فنڊ جوڙيو ۽ ان لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو.
**1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام اسرائيل 
طرفان شام خلاف ڪيل اڳرائي ۽ حملي جي مذمت ڪئي،
 اسرائيلي جارحيت خلاف وڏن شهرن ۾ جلوس ڪڍيا ويا.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪاري طور تي پڌرو ڪيو
 ويو ته اوڀر ۽ اولهه پاڪستان لاءِ مقرر ڪيل مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ساڳي ئي وقت تي ٻنهي صوبن ۾ گورنرن طور به ڪم ڪندا.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پيپلزپارٽي ۽ نيپ وچ ۾ ٿيل سياسي معاهدو ٽوڙيو ويو، پيپلزپارٽي نيپ کي نون شرطن تي معاهدي ۽ ڳالهين ڪرڻ جي آڇ ڏني. جيڪا هنن قبول نه ڪئي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي اين اي طرفان مختلف شهرن ۾ حڪومت مخالف جلسا ٿيا، ذوالفقار علي ڀٽو بيان جاري ڪري پي اين اي سان ڳالهين ڪرڻ جو راضپو ڏيکاريو، هن احمد رضا قصوري کي پارٽي خلاف ڪم ڪرڻ تي پارٽي مان خارج ڪري ڇڏيو.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر حڪم جاري ڪري سرڪاري ريڊيو ۽ ٽي وي ۾ ٽريڊ يونين تي پابندي مڙهي وئي.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي ڊي اي جي 92 ايم اين ايز پنهنجون استعيفائون ڏيندي حڪومت کان نئين سر چونڊن ڪرائڻ جي گهر ڪئي.



No comments:

Post a Comment