Friday 21 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (21th April) By: Dr. Pathan


** 1836ع ۾ هندستان جي انگريز حڪومت طرفان سنڌ ۾ مقرر ڪيل 
پوليٽيڪل ايجنٽ اهو محسوس ڪيو ته ڪجهه يورپي شخصيتون سنڌ
 ۾ قيام ڪري رهيون آهن، جنهن ڪري مير نور محمد خان ٽالپر کان
 ان معاملي بابت راءِ ورتي وئي، اڄوڪي تاريخ تي ڪرنل پوٽينجر
 مير نور محمد خان جي يورپي شخصيتن بابت ڏنل راءِ کي پنهنجي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو.
** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ ٽين سالياني صوبائي
 ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن ۾ استقباليه ڪاميٽي جي چيئرمين لالچند 
نول راءِ مهمانن جي آجيان ڪئي، جڏهن ته سيٺ هرچند راءِ وشنداس 
جي تجويز تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي کان صدارت ڪرائي وئي، 
ڀرڳڙي اعلان ڪيو ته ڪانفرنس جي سڄي ڪارروائي سنڌي ۾ هلائي ويندي.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سرگرم سياستدانن 
خلاف ڪارروائي شروع ٿي وئي، انهن جي گهرن ۽ آفيسن جي تلاشي 
ورتي وئي، ڄيٺ مل پرسرام، ايڇ بي ماڙيوالا، نرسنگهه لال،
 مکي ڄيٺانند، ڊاڪٽر چوئٿرام، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ 
درگداس بي آڏواڻي کي گرفتار ڪيو ويو.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ آزاد ڪانفرنس جي 
ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس حيدرآباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي
 ۾ ٿيل سنڌ هندو ڪانفرنس ۾ هندو اڳواڻن طرفان مسلمان اڳواڻن
کي ڏنل ڌمڪين واري معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس ورتو ويو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ ۾ ٽن سالن ۽ 26 ڏينهن 
کانپوءِ مارشل لا جو دور ختم ٿيو ۽ ملڪ ۾ آئين جي بحالي ٿي، 
ذوالفقار علي ڀٽو راولپنڊي ريلي دوران عبوري آئين تحت حلف کنيو، 
چيف جسٽس حمودالرحمان کيس حلف کڻايو.
** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ مهراڻ بئنڪ اسڪينڊل جو معاملو 
قومي اسيمبلي ۾ به آيو، بحث دوران حڪومت اهو اعلان ڪيو
 ته اسيمبلي ميمبرن جي ملڪيتن جي جاچ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي ويندي، 
ڪاميٽي اهو ڏسندي ته اسيمبلي ميمبرن وٽ پئسو ڪٿان ۽ ڪيئن آيو،
 جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي سپريم ڪورٽ سرحد (ڪي پي ڪي) 
جي وزيراعليٰ صابر شاهه جي حڪومت بحال ڪرڻ جو فيصلو به ٻڌايو.
** 2003ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر جنرل پرويز مشرف لاهور
 ۾ خطاب ڪندي اسيمبلي کي غيرمهذب ڪوٺيو، هن چيو ته اسيمبلي
 کي خطاب نه ڪندس، ايل ايف او کي ختم ٿيو ته چونڊن کان
 پوءِ وارو عمل ختم ٿي ويندو، قومي اسيمبلي ۾ مشرف جي انهيءَ بيان خلاف احتجاج ڪيو ويو.


No comments:

Post a Comment