Thursday 20 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (20th April) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چارلس نيپيئر هندستان جي حڪومت 
کي سنڌ تي قبضي ۽ اتان جا انتظام سنڀالڻ جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي زميندارن جي گڏجاڻي 
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي صدارت ۾ ٿي، جڏهن ته ان تقريب ۾ 
فتح محمد خان، خانبهادر شاهنواز خان، در محمد خان، ڄام ايف 
ڪي ڀنڀو خان، جان محمد جوڻيجو، سرائي شاهه محمد لاهوري،
 علي گوهر خان ڀٽو، ڌڻي بخش جتوئي، چوهڙ مل، ديوان همت سنگهه،
 رئيس شمس الدين بلبل ۽ ٻين زميندارن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي 
دوران سڀني اتفاق راءِ سان سنڌ زميندار ايسوسيئيشن قائم ڪئي،
 جنهن جو صدر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ سيڪريٽري ماٿرداس کي بڻايو ويو.
** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ حيدر
 چانڊيو ۾ انگريزي جا ڪلاس شاگرد نه هجڻ سبب بند ڪيا ويا، 
ان دور ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته انگريزي پڙهڻ لاءِ هڪ ڪلاس
 ۾ گهٽ ۾گهٽ 15 شاگرد لازمي هجڻ گهرجن پر ايترا شاگرد نه اچڻ سبب ڪلاس بند ڪيا ويا.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ ستين آل سنڌ
 ادبي ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر دائودپوٽي ڪئي،
 ميان غلام عباس قادري استقباليه ڪاميٽي جو چيئرمين هو،
 جڏهن ته عبدالفتاح ميمڻ سيڪريٽري هو.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ جي ورڪنگ
 ڪاميٽي سينٽرل پارلياماني پارٽيءَ جي سفارشن جي توثيق
 ڪئي، پارٽي فيصلو ڪيو هو ته وفاقي ۽ صوبائي وزير مسلم ليگ جو ڪوبه عهدو نٿا رکي سگهن.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف 
جي حڪومت اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان ڪيو، جنهن 
تحت پنجاب کي ورڇ جوڳي پول مان 57.88 سيڪڙو
 حصو ڏنو ويو، جڏهن ته سنڌ کي 23.28 سيڪڙو، 
اين ڊبليو ايف پي (خيبرپختونخوا) کي 13.54 سيڪڙو ۽
 بلوچستان کي 5.30 سيڪڙو حصو ڏنو ويو، ان مالياني
 ايوارڊ جي ورهاست آبادي جي بنياد تي ڪئي وئي هئي.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب اسيمبلي جي 137 ميمبرن
 ميان منظور وٽو کي وڏو وزير چونڊي ڇڏيو، حڪومت طرفان 
غلام حيدر وائين کي استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو ويو هو، جنهن کانپوءِ
 منظور وٽو ايوان ۾ پنهنجي اڪثريت ثابت ڪئي.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر الاهي بخش 
سومري ۽ سينيٽ چيئرمين وسيم سجاد اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو
۽ سندس ور آصف علي زرداري کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ ريفرنس
 چيف اليڪشن ڪمشنر کي موڪلي ڇڏيا، ٻئي پاسي بينظير ڀٽو 
۽ آصف زرداري جي نااهلي واري فيصلي خلاف سنڌ ۾ هڙتالون
 ۽ مظاهرا ڪيا ويا، مختلف شهرن ۾ چڪرين دوران 169 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا.

No comments:

Post a Comment