Thursday 6 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (7th April) By: Dr. Pathan.


** 1906ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ بارودي
 پيتي ڦاٽڻ سبب زرودار ڌماڪا ٿيا، جنهن ڪري ديوار جو ڳچ حصو
 ڪري پيو ۽ اندروني عمارتن جون ڇتيون ڦاٽي پيون.
** 1909ع ۾ هندن جون سماجي ۽ مذهبي جماعتون پنهنجي ميمبرن
 لاءِ مکيه ۽ مشهور عالمن کان ليڪچر به ڪرائينديون هيون،
 اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ”برهم مندر“ طرفان ويدن جي اهميت
 ۽ تاريخ تي ڪارپر سرنداس رائو ليڪچر ڏنو، جنهن کي ڪيترن ئي ماڻهن ٻڌو.
**1941ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ محمد حسين کهاوڙ 
جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻو هاري ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ٻين
 موضوعن کان علاوه فرقيواريت خلاف پڻ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو،
 جنهن ۾ چيو ويو هو ته هن ڪانفرنس جي راءِ ۾ مذهبي ڇيڙ ڇاڙ
 صرف مٺ جيترا سرمائيدار پنهنجي سياسي اقتدار قائم ڪرڻ ۽
 ذاتي غرضن جي حصول لاءِ ڪن ٿا، اهڙا فساد ڪرائيندڙ عوامي
 حقن جا دشمن ۽ انگريز شهنشاهيت جا ايجنٽ ۽ آزادي جا دشمن آهن.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستاني پارليامينٽ انهن پناهگيرن
 کي ملڪي  شهريت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو جيڪي جنوري 1952ع تائين
 لڏي آيا آهن، ياد رهي ته انهن پناهگيرن جو تعداد 80 لک کان به مٿي هو.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان پير پاڳاري
 سان ملاقات ڪئي، حيدرآباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ مير غلام علي ٽالپر ۽
 پير علي محمد شاهه راشدي پڻ موجود هئا.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي سرڪار طرفان هڪ هينڊ آئوٽ 
جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ويسٽ پاڪستان ۾ صدارتي راڄ 
وڌيڪ چئن مهينن تائين جاري رهندو.
** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اويڪيو پراپرٽي کي غير قانوني 
طور تي وڏي پئماني تي وڪرو ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.
** 1968ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دبئي ويجهو سمنڊ ۾ سامونڊي جهاز
 سان حادثو پيش آيو، جنهن ۾ اٽڪل 200 پاڪستاني حاجي فوت ٿي ويا.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حمود الرحمان ڪميشن اڳوڻي صدر 
۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل يحيٰ خان جو بيان رڪارڊ ڪيو،
 ان کان اهو معلوم ڪيو ويو ته ايسٽ پاڪستان ۾ فوج کي شڪست ڇو ملي.



No comments:

Post a Comment