Thursday 13 April 2017

EVENTS FROM SINDH HISTORY (13th April) By: Dr. Pathan


** 1911ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناليواري سماج سڌارڪ ۽ فلاسافر ديوان 
ديارام گدومل هڪ سماجي تنظيم ديوان ميٺارام ٽرسٽ رجسٽرڊ ڪرائي، 
هن تنظيم ڪيترن ئي سالن تائين سماجي، تعليمي ۽ مذهبي خدمتون سرانجام ڏنيون.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ اينٽي سيپريشن ڪاميٽي 
جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ شريڪ ٿيل سنڌي هندن مطالبو ڪيو
 ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي سان لاڳاپيل رهڻ گهرجي، بمبئي کان ڌار نه ڪيو وڃي.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ذوالفقار علي ڀٽو قومي اسيمبلي
 مان پاس ٿيل متفقه آئين جي توثيق ڪري ڇڏي.حڪومت 
انهيءَ آئين کي پنهنجي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڊاڪٽر مبشر حسين پيپلزپارٽي جي جنرل
 سيڪريٽري واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان کي گڏيل قومن جي انهن 35 
ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو جن کي ڪويت عراق سرحد وٽ گڏيل قومن جي امن فوج ۾ شامل ٿيڻو هو.
** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايوان صدر اسلام آباد ۾ پاڻي جي تڪرار
 بابت اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ چئني صوبن ۾ پاڻي ورڇ بابت ٽه نڪاتي فارمولي 
تي اتفاق ٿيو، پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير غلام مصطفيٰ کر جي سربراهي 
۾ بين الصوبائي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن کي اهو مينڊيٽ ڏنو ويو ته
 اها ارسا کي پنهنجون سفارشون پيش ڪندي، پاڻي ورڇ ۾ ناانصافي جي 
شڪايتن جي ازالي لاءِ وهڪرن تي آٽوميٽڪ واٽر گيج لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
 اجلاس ۾ سنڌ جي نمائندگي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه ڪئي.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف سڄي ملڪ ۾ 428 خدمت
 ڪاميٽيون قائم ڪري ڇڏيون، 5 هزار ميمبرن قسم کڻي ورتو،  سرڪار طرفان
 اهو پڌرو ڪيو ويو ته جيڪو به ڪامورو خدمت ڪاميٽي جي فيصلن کي قبول
 نه ڪندو ان خلاف سروس ٽربيونل يا عدالت ۾ ڪيس هلندو. وزيراعظم جو چوڻ
 هو ته اهو ڪو نئون نظام ناهي، خدمت ڪاميٽين کي ناڪام
 ڪرڻ جون سازشون ڪندڙ پاڻ ناڪام ٿي ويندا.

No comments:

Post a Comment